Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 8:12 - Sindhi Bible

12 ڇالاءِ تہ جيڪڏهن نيت هوندي، تہ جيڪي ڪنهن ماڻهوءَ وٽ هوندو، تنهن موجب سندس خيرات قبول پوندي، نہ انهي موجب جيڪي موجود نہ هوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 جيڪڏهن ڏيڻ جي نيت هوندي تہ پوءِ جيڪي ڪجھہ بہ ڪنهن ماڻهوءَ وٽ هوندو تنهن موجب ايشور سندس دان قبول ڪندو، نڪي انهيءَ موجب جيڪي وٽس نہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 جيڪڏهن ڏيڻ جي نيت هوندي تہ پوءِ جيڪي ڪجھہ بہ ڪنهن ماڻهوءَ وٽ هوندو تنهن موجب خدا سندس نذرانو قبول ڪندو، نڪي انهيءَ موجب جيڪي وٽس نہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن ڏيڻ جي نيت ھوندي تہ پوءِ جيڪي ڪجھہ بہ ڪنھن ماڻھوءَ وٽ ھوندو تنھن موجب سندس نذرانو خدا قبول ڪندو، نہ انھيءَ موجب جيڪي وٽس نہ آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 8:12
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر خداوند منهنجي پيءُ دائود کي چيو تہ جڏهن تنهنجي دل ۾ هو تہ منهنجي نالي تي هڪڙو گهر جوڙين، تڏهن جيڪو ارادو دل ۾ ڪيو اٿيئي سو چڱو آهي:


بني اسرائيل کي چئُہ تہ منهنجي لاءِ نذرانو آڻين، جيڪو ماڻهو پنهنجيءَ دل جي خوشيءَ سان جيڪو نذرانو آڻي، سو اوهين هن کان وٺو.


جي چانديءَ يا پتل جو نذرانو ڏيئي سگهيا، سي خداوند جي لاءِ پنهنجو نذرانو کڻي آيا، ۽ جن وٽ ڪنهن خدمت جي ڪم اچڻ جهڙو ٻٻر جو ڪاٺ هو، سي اهو کڻي آيا.


يعني بني اسرائيل پنهنجي خوشيءَ سان خداوند جي لاءِ نذرانو آندو؛ سڀ ڪنهن مرد توڙي زال، جنهن جي دل کيس راضي ڪيو، تنهن انهن ڪمن جي واسطي نذرانو آندو، جن جي ڪرڻ جو خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.


اوهين خداوند جي لاءِ نذرانو کڻي اچو، جيڪو پنهنجيءَ دل جي خوشيءَ سان ڏيڻ چاهي، سو خداوند جي لاءِ نذرانو آڻي؛ سون، چاندي، پتل؛


ماڻهوءَ جي خواهش سندس مهربانيءَ جو ماڻ آهي: ۽ غريب ماڻهو ڪوڙ ڳالهائيندڙ کان بهتر آهي.


ساڳيءَ طرح جنهن کي ٻہ قنطار مليا هئا، تنهن بہ ٻيا ٻہ ڪمايا.


۽ جنهن کي ٻہ قنطار مليا هئا، تنهن بہ اچي چيو تہ سائين، تو مون کي ٻہ قنطار ڏنا هئا: اِجهي ٻہ ٻيا قنطار جي مون ڪمايا آهن.


جيڪو ٿوري ۾ ايماندار آهي، سو گهڻي ۾ بہ ايماندار ٿيندو: ۽ جيڪو ٿوري ۾ ڪپتيو آهي، سو گهڻي ۾ بہ ڪپتيو ٿيندو.


هاڻي اهو ڪم پورو بہ ڪريو، تہ جيئن اوهين ارادي ڪرڻ ۾ تيار هئا، تيئن پنهنجي طاقت آهر انهي کي پورو بہ ڪريو.


آئون ائين هن لاءِ نٿو چوان تہ ٻين کي آرام ملي ۽ اوهان کي تڪليف ملي:


نہ رڳو ايترو پر هن کي ڪليسيائن مقرر ڪيو هو تہ خيرات جي نسبت اسان سان گڏ سفر ڪري، جنهن خيرات جي خدمت اسين خداوند جو جلال ظاهر ڪرڻ لاءِ شوق سان ٿا ڪريون:


جيئن هر ڪنهن ماڻهوءَ دل ۾ ارادو ڪيو آهي، تيئن ئي ڀلي ڪري؛ پر ڪُرڪڻ ۽ لاچاريءَ سان نہ، ڇالاءِ تہ جيڪو خوشيءَ سان ٿو ڏئي تنهن کي خدا پيار ٿو ڪري.


جيئن هر ڪنهن کي نعمت ملي، تيئن خدا جي فضل جا چڱا مختيار ٿي هڪٻئي جي خدمت ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ