Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 8:10 - Sindhi Bible

10 ۽ انهيءَ ڳالهہ بابت آئون پنهنجي راءِ ٿو ڏيان، ڇالاءِ جو اها اوهان جي لاءِ فائدي واري آهي، جو اوهين گذريل سال نہ فقط انهي ڪم جي شروع ڪرڻ ۾ پر ارادي ڪرڻ ۾ بہ پهريان هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 اوهين گذريل سال نہ رڳو امداد واري ان ڪم شروع ڪرڻ ۾ بلڪ انهيءَ جي ارادي ڪرڻ ۾ بہ پهريان هئا. انهيءَ ڳالهہ بابت آءٌ پنهنجي اها صلاح ٿو ڏيان، جيڪا اوهان جي لاءِ بهتر آهي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 اوهين گذريل سال نہ رڳو امداد واري ان ڪم شروع ڪرڻ ۾ بلڪ انهيءَ جي ارادي ڪرڻ ۾ بہ پهريان هئا. انهيءَ ڳالهہ بابت آءٌ پنهنجي اها صلاح ٿو ڏيان، جيڪا اوهان جي لاءِ بهتر آهي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 انھيءَ ڳالھہ بابت آءٌ پنھنجي راءِ ٿو ڏيان، جيڪا اوھان جي لاءِ فائدي واري آھي. اوھين گذريل سال نہ رڳو انھيءَ ڪم شروع ڪرڻ ۾، پر ارادي ڪرڻ ۾ بہ پھريان ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 8:10
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جنهن کي مسڪين تي رحم ٿو اچي سو خداوند کي اُڌارو ٿو ڏئي، ۽ انهيءَ جي چڱي ڪم جو بدلو هو کيس پاڻيهي وري ڏيندو.


آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو هنن ننڍڙن منجهان هڪڙي کي منهنجو شاگرد ڄاڻي رڳو ٿڌي پاڻيءَ جو پيالو پياريندو، سو ڪنهن بہ طرح پنهنجو اجر نہ وڃائيندو.


۽ اوهين سمجهو ئي ڪين ٿا تہ اوهان جي لاءِ چڱي ڳالهہ هيءَ ٿيندي تہ هڪڙو ڄڻو اُمت لاءِ مري، ۽ نہ سڄي قوم برباد ٿئي.


تنهن هوندي بہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ اوهان جي لاءِ فائدي واري ڳالهہ هيءَ آهي تہ آئون وڃان، ڇالاءِ تہ جيڪڏهن آئون نہ ويندس تہ اُهو مددگار اوهان وٽ ڪين ايندو؛ پر جي ويندس تہ وڃي اوهان ڏانهن موڪليندوسانس.


هاڻي قائفا اُهو هو، جنهن يهودين کي صلاح ڏني هئي تہ چڱو ائين ٿيندو تہ هڪڙو ماڻهو اُمت جي خاطر مري.


سڀ شيون روا آهن، پر سڀ شيون فائدي واريون نہ آهن. سڀ شيون روا آهن، پر سڀني شين مان سڌارو نٿو ٿئي.


هفتي جي پهرئين ڏينهن اوهان مان هرڪو پنهنجي وسعت آهر، ڪجهہ بچائي گڏ ڪري رکي، انهي لاءِ تہ جڏهن آئون اچان، تڏهن ڪوبہ چندو گڏ ڪرڻو نہ پوي.


سڀ شيون منهنجي لاءِ روا آهن، پر سڀ شيون فائدي واريون نہ آهن. سڀ شيون منهنجي لاءِ روا تہ آهن، پر آئون ڪنهن جو بہ غلام ڪين ٿيندس.


هاڻي ڪنوارين جي نسبت ۾ مون کي خداوند جو ڪوبہ حڪم مليل ڪونهي، پر آئون پنهنجي راءِ انهي ماڻهوءَ وانگر ٿو ڏيان، جو خدا جي رحم ڪري معتبر آهي.


پر جي نہ پرڻبي تہ منهنجي راءِ ۾ زيادہ خوش رهندي: ۽ آئون ڀانيان ٿو تہ خدا جو روح مون ۾ بہ آهي.


جيتوڻيڪ انهي مان ڪو فائدو ڪونهي، تڏهن بہ مون کي فخر ڪرڻو ٿو پوي؛ ۽ جيڪي رويا مون کي خداوند کان عنايت ٿيا، تن جو ذڪر ٿو ڪريان.


ايتري قدر جو اسان طيطس کي هدايت ڪئي، تہ جيئن هن پهرين اوهان ۾ اها نعمت شروع ڪئي هئي، تيئن انهي کي پورو بہ ڪري.


آئون حڪم وانگر ائين نٿو چوان، پر انهي لاءِ ٿو چوان تہ ٻين جي سرگرميءَ سان اوهان جي محبت جي سچائي آزمايان.


ڇالاءِ جو اوهان جي شوق جي خبر اٿم، جنهن جي ڪري آئون مڪدونيہ جي ماڻهن جي اڳيان اوهان تي فخر ٿو ڪريان، تہ اخيہ جا ماڻهو بہ سال کان تيار آهن؛ ۽ اوهان جي سرگرميءَ انهن مان گهڻن کي جوش ڏياريو آهي.


ائين نہ آهي تہ آئون بخشش ٿو گهُران؛ پر آئون اُهو ڦل ٿو گهُران جو اوهان جي بِلي وڌندو وڃي.


پر نيڪي ڪرڻ ۽ خيرات ڏيڻ متان وساريو: ڇالاءِ جو اهڙين قربانين ڪري خدا خوش ٿو ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ