Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 7:6 - Sindhi Bible

6 انهي هوندي بہ جيڪو نماڻن کي تسلي ٿو ڏئي، يعني خدا، تنهن طيطس جي اچڻ ڪري اسان کي تسلي ڏني:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 پر ايشور جيڪو دلگيرن کي تسلي ڏيندڙ آهي، تنهن طيطس جي اچڻ تي اسان کي تسلي ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 پر خدا جيڪو دلگيرن کي تسلي ڏيندڙ آهي، تنهن طيطس جي اچڻ تي اسان کي تسلي ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 پر خدا، جيڪو دلگيرن کي تسلي ڏيندڙ آھي، تنھن طيطس جي اچڻ تي اسان کي تسلي ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 7:6
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهيءَ ڏينهن تون چوندين تہ اي خداوند آءٌ تنهنجي شڪر گذاري ڪندس، ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ تون مون سان ڪاوڙيل هئين تہ بہ تنهنجي ڪاوڙ بدلجي ويئي آهي ۽ تو مون کي تسلي ڏني آهي.


آءٌ، هائو آءٌ، اهو آهيان جو اوهان کي تسلي ٿو ڏيان: تون ڪير آهين جو فاني انسان کان ۽ بني آدم کان ڊڄين ٿو، جو گاهہ وانگر ٿي ويندو؛


ڇالاءِ تہ جيڪو عظيم، ۽ سربلند، ۽ سدائين قائم آهي، ۽ جنهن جو نالو پاڪ آهي: سو فرمائي ٿو تہ آءٌ مٿانهينءَ ۽ پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، ۽ انهيءَ سان گڏ بہ جيڪو شڪست دل ۽ نماڻو آهي، انهي لاءِ نماڻي جي روح کي ۽ شڪستہ دل کي وري تازو ڪريان.


مون هن جا رستا ڏٺا آهن، ۽ آءٌ هن کي چڱو ڀلو ڪندس: آءٌ هن جي رهبري ڪندس، ۽ هن کي ۽ هن جي غمخوارن کي موٽي تسلي ڏيندس.


تڏهن ڪنواري ڇوڪري جوان ۽ ٻڍن ماڻهن سان گڏجي ناچ ۾ خوشي ڪندي، ڇالاءِ جو آءٌ انهن جي غم کي بدلائي خوشي ڪندس، ۽ هنن کي تسلي ڏيندس، ۽ هنن جي غمگيني مان کين خوشحال ڪندس.


مبارڪ آهن اُهي جي غمگين آهن، ڇالاءِ جو اُنهن کي تسلي ملندي.


۽ آئون پيءُ کي سوال ڪندس، ۽ هو اوهان کي ٻيو مددگار ڏيندو تہ اُهو اوهان سان هميشہ تائين رهي،


هاڻي صبر ۽ تسلي ڏيڻ وارو خدا شل اوهان کي هي بخشي، تہ مسيح يسوع ۾ اوهين پاڻ ۾ يڪدل ٿي گذاريو:


تنهنڪري اسان کي تسلي ملي، ۽ اسان جي انهيءَ تسلي کانسواءِ اسان کي طيطس جي خوشيءَ سببان نهايت گهڻي خوشي ٿي، ڇالاءِ جو اوهان سڀني جي ڪري هن جي روح کي تازگي ملي آهي.


ڇالاءِ جو جيڪڏهن مون هن جي اڳيان اوهان جي بابت ڪو فخر ظاهر ڪيو، تہ آئون شرمندو نہ ٿيس، پر جيئن اسان اوهان سان سڀ ڳالهيون سچيون ڪيون، تيئن جيڪو فخر مون طيطس جي اڳيان ڪيو، سو بہ سچو ثابت ٿيو.


۽ نہ فقط سندس اچڻ ڪري پر اوهان هن کي تسلي ڏني تنهنڪري بہ، ۽ هن اسان کي اوهان جي دل جي خواهش، اوهان جو غم، ۽ اوهان کي مون لاءِ جو شوق آهي سو بيان ڪري ٻُڌايو، جنهنڪري آئون پاڻ زيادہ خوش ٿيس.


تنهنڪري جيڪڏهن مسيح ۾ ڪا تسلي آهي، جيڪڏهن ڪو محبت جو دلاسو آهي، جيڪڏهن روح جي ڪا شراڪت آهي، جيڪڏهن ڪا رحمدلي ۽ مهرباني آهي،


۽ تيمٿيس، جو اسان جو ڀاءُ، ۽ مسيح جي خوشخبريءَ ۾ خدا جو خادم آهي، تنهن کي موڪليوسين تہ اوهان کي قائم ڪري، ۽ اوهان جي ايمان جي نسبت ۾ اوهان کي تسلي ڏئي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ