Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 7:5 - Sindhi Bible

5 ڇالاءِ جو جڏهن اسين مڪدونيہ ۾ آياسين، تڏهن بہ اسان جي جسم کي آرام ڪونہ هو، پر اسين هر طرف مصيبتن ۾ گرفتار ٿي وياسين؛ ٻاهر جهيڙا جهڳڙا هئا، اندر ڊپ ڊاءُ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 ڏسو، جڏهن اسين مڪدُنيا صوبي ۾ آياسين تڏهن بہ اسان کي آرام نہ مليو، بلڪ هر طرف کان مصيبتن ۾ ڦاسجي وياسين. ٻاهر جھيڙا جھڳڙا هئا ۽ اندر ۾ خوف خطرا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 ڏسو، جڏهن اسين مڪدُنيا صوبي ۾ آياسين تڏهن بہ اسان کي آرام نہ مليو، بلڪ هر طرف کان مصيبتن ۾ ڦاسجي وياسين. ٻاهر جھيڙا جھڳڙا هئا ۽ اندر ۾ خوف خطرا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 جڏھن اسين مڪدونيا ۾ آياسين تڏھن بہ اسان کي آرام نہ مليو، پر ھر طرف کان مصيبت ۾ گرفتار ٿي وياسين. ٻاھر جھيڙا جھڳڙا ھئا ۽ اندر خوف خطرا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 7:5
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر ڪبوتر کي پير رکڻ جي بہ جاءِ ڪانہ ملي. تنهن ڪري هو موٽي وٽس ٻيڙيءَ ۾ آيو؛ ڇالاءِ جو اڃا ساري زمين تي پاڻي بيٺل هو: ۽ هن پنهنجو هٿ ڊگهيري انهيءَ کي کڻي پاڻ وٽ ٻيڙيءَ ۾ آندو.


سڀ ڪنهن پاسي کان خوف هن کي ڊيڄاريندا، ۽ هن جي پٺيان پئي کيس ڀڄائيندا.


۽ قومون سڙندڙ چن وانگي ٿينديون: وڍيل ڪنڊن وانگي، جي باهہ ۾ ساڙيا وڃن.


ڇالاءِ جو مون گهڻن جو الزام ۽ هر طرف خوف ٻڌو آهي، منهنجا سڀ گهاٽا دوست بہ منهنجي ٿرڪڻ لاءِ منتظر آهن ۽ چون ٿا تہ هن جي شڪايت ڪريو تہ پوءِ اسين بہ هن جي شڪايت ڪنداسين: شايد هو ٺڳجي پوي، ۽ اسين هن تي غالب پئون ۽ هن کان پنهنجو وير وٺون.


تو چيو تہ هاڻي منهنجي لاءِ افسوس آهي! ڇالاءِ جو خداوند منهنجي سور تي ڏک وڌايو آهي؛ آءٌ دانهون ڪري ڪري ٿڪجي پيو آهيان، ۽ آرام ڪونہ ٿو اچيم.


ميدان تي نہ وڃو، نہ رستي جي ڀرسان گهمو؛ ڇالاءِ جو چوڌاري دشمن جي ترار ۽ خوف آهي.


شل ڏک کان آءٌ پاڻ کي تسلي ڏئي سگهان! منهنجي دل منهنجي اندر ۾ ماندي ٿي ٿئي.


جڏهن هل بس ٿيو، تڏهن پولس شاگردن کي سڏي انهن کي نصيحت ڪئي، پوءِ کانئن موڪلائي مڪدونيہ ڏانهن وڃڻ لاءِ روانو ٿيو.


ڇالاءِ جو مڪدونيہ ۽ اخيہ وارن جي مرضي آهي تہ يروشلم جي پاڪ ٿيلن ۾ جي غريب آهن، تن لاءِ ڪجهہ نذرانو موڪلين.


اي ڀائرو، مون کي انهي فخر جو قسم آهي جو اسان جي خداوند مسيح يسوع ۾ اوهان تي اٿم، تہ آئون ڏهاڙي پيو مران.


پر آئون اوهان وٽ تڏهن ايندس، جڏهن مڪدونيہ مان لنگهندس، ڇالاءِ جو آئون مڪدونيہ مان لنگهڻ وارو آهيان.


تڏهن منهنجي روح کي آرام نہ آيو، ڇالاءِ جو مون پنهنجي ڀاءُ طيطس کي اُتي نہ ڏٺو؛ پوءِ هنن کان موڪلائي مڪدونيہ ڏانهن هليو ويس.


۽ مون اها ساڳي ڳالهہ لکي تہ متان جڏهن اچان، تڏهن جن کان خوشيءَ جي اُميد اٿم، تن کان مون کي غم رسي، جو اوهان سڀني جي نسبت ۾ مون کي اهو يقين آهي، تہ منهنجي خوشيءَ ۾ اوهان سڀني جي خوشي آهي.


ڇالاءِ جو مون انهي لاءِ بہ لکيو تہ آئون اوهان کي آزمايان تہ سڀني ڳالهين ۾ فرمانبردار آهيو يا نہ.


مون کي اوهان جي نسبت ۾ اهو ڊپ ٿو ٿئي، تہ متان جيڪا محنت مون اوهان تي ڪئي آهي، سا ڪنهن طرح اجائي ٿي وڃي.


اهي ٻاهر ترار سان، ۽ اندر ڪوٺين ۾ ڊپ جي ڪري مرندا؛ جوان ماڻهو، ڪنواريون ڇوڪريون، کير پياڪ ٻار ۽ پير مرد، سڀ ائين برباد ٿيندا.


انهي ڪري جڏهن آئون زيادہ برداشت نہ ڪري سگهيس، تڏهن اوهان جي ايمان جو حال معلوم ڪرڻ لاءِ تيمٿيس کي موڪليم، تہ متان ڪنهن طرح آزمائڻ واري اوهان کي آزمايو هجي، ۽ اسان جو پورهيو ضايع ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ