Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 7:3 - Sindhi Bible

3 آئون اوهان کي ڏوهہ ڏيڻ جي لاءِ ائين نٿو چوان، ڇالاءِ جو آئون اڳيئي چئي چڪو آهيان، تہ اوهين اسانجين دلين ۾ اهڙي طرح ٿا رهو، جو اسين گڏ مرنداسين، ۽ گڏ جيئنداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 آءٌ اوهان کي ڏوهي قرار ڏيڻ خاطر ائين نہ ٿو چوان، ڇاڪاڻ تہ مون اڳي ئي چئي ڇڏيو آهي تہ اوهان لاءِ اسان جي دلين ۾ اهڙي جاءِ آهي جو اسين جيوت رهڻ توڙي مرڻ ۾ هميشہ گڏ آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 آءٌ اوهان کي ڏوهي قرار ڏيڻ خاطر ائين نہ ٿو چوان، ڇاڪاڻ تہ مون اڳي ئي چئي ڇڏيو آهي تہ اوهان لاءِ اسان جي دلين ۾ اهڙي جاءِ آهي جو اسين جيئڻ توڙي مرڻ ۾ هميشہ گڏ آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 آءٌ اوھان تي الزام ھڻڻ خاطر ائين نہ ٿو چوان، ڇالاءِ⁠جو مون اڳي ئي چئي ڇڏيو آھي تہ اوھان لاءِ اسانجين دلين ۾ اھڙي جاءِ آھي جو اسين جيئڻ ۽ مرڻ ۾ ھميشہ گڏ آھيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 7:3
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو ڇو؟ انهي لاءِ ڇا تہ آئون اوهان کي پيار نٿو ڪريان؟ خدا ڄاڻي ٿو تہ آئون اوهان کي پيار ٿو ڪريان.


۽ آئون گهڻيءَ خوشيءَ سان اوهانجن روحن لاءِ خرچ ڪندس، ۽ پاڻ بہ خرچ ٿي ويندس. جيڪڏهن آئون اوهان کي گهڻو پيار ڪريان، تہ اوهين ڪو مون کي گهٽ پيار ڪندا ڇا؟


انهي نسبت اچڻ کان اڳ ۾ اهي ڳالهيون لکان ٿو، تہ جڏهن اچان، تڏهن مون کي انهي اختيار موجب سختي ڪرڻي نہ پوي، جو خداوند مون کي قائم ڪرڻ لاءِ ڏنو آهي، نہ ڊاهڻ جي لاءِ.


اسان جو خط تہ اوهين آهيو، جو اسان جي دلين ۾ لکيل آهي ۽ جو سڀيئي ماڻهو ڄاڻن ۽ پڙهن ٿا؛


تنهنڪري مون جو اوهان ڏانهن لکيو هو، سو نہ انهي جي ڪري جنهن بي انصافي ڪئي هئي، نڪي انهي جي ڪري جنهن سان بي انصافي ٿي، پر انهي لاءِ تہ اوهان کي جيڪو اسان جي لاءِ فڪر آهي، سو خدا جي اڳيان اوهان تي ظاهر ٿئي.


جيئن ڪ واجب آهي تہ آئون اوهان سڀني جي بابت اهڙو ئي خيال ڪريان، ڇالاءِ جو اوهين منهنجي دل ۾ موجود آهيو، ۽ منهنجي زنجيرن ۾ توڙي انجيل جي بچاءَ ۽ ثابتيءَ ۾، اوهين فضل ۾ مون سان ڀائيوار آهيو.


اهڙيءَ طرح اسان کي اوهان جي ڏاڍي سڪ هئي، تنهنڪري نہ فقط اوهان کي خدا جي خوشخبري ڏيڻ لاءِ تيار هئاسين، پر پنهنجو ساهہ بہ ڏيڻ لاءِ تيار هئاسين، جو اوهين اسان کي ڏاڍا پيارا ٿي لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ