Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 7:13 - Sindhi Bible

13 تنهنڪري اسان کي تسلي ملي، ۽ اسان جي انهيءَ تسلي کانسواءِ اسان کي طيطس جي خوشيءَ سببان نهايت گهڻي خوشي ٿي، ڇالاءِ جو اوهان سڀني جي ڪري هن جي روح کي تازگي ملي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 سو اسان کي تسلي ملي آهي. انهيءَ تسليءَ کان علاوہ طيطس کي خوش ڏسي اسان کي پڻ نهايت گھڻي خوشي ٿي، ڇاڪاڻ تہ اوهين سڀيئي هن جي دل جي تازگيءَ جو سبب بڻيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 سو اسان کي تسلي ملي آهي. انهيءَ تسليءَ کان علاوہ طيطس کي خوش ڏسي اسان کي پڻ نهايت گھڻي خوشي ٿي، ڇاڪاڻ تہ اوهين سڀيئي هن جي دل جي تازگيءَ جو سبب بڻيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 تنھنڪري اسان کي تسلي ملي آھي. انھيءَ تسليءَ کان سواءِ اسان کي طيطس جي خوشيءَ جي ڪري بہ نھايت گھڻي خوشي ٿي. ڇالاءِ⁠جو اوھان سڀني جي مدد سان ھن جي دل کي سڪون مليو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 7:13
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي خوشي ڪن تن سان خوشي ڪريو ۽ جيڪي روئن تن سان روئو.


۽ خدا جي مرضيءَ موجب خوشيءَ سان اوهان وٽ اچي، اوهان سان گڏ آرام حاصل ڪريان.


۽ جي هڪڙي عضوي کي ايذاءُ ٿو رسي، تہ سڀني عضون کي انهي سان گڏ ايذاءُ ٿو رسي، يا جي هڪڙي عضوي کي عزت ٿي ملي، تہ سڀني عضون کي انهي سان گڏ خوشي ٿي ٿئي.


اوهين سجاڳ رهو، ايمان تي ثابت قدم رهو، مردانا ٿيو ۽ مضبوط ٿيو.


۽ هنن منهنجي ۽ اوهان جي روح کي تازو ڪيو. اهڙن کي قبول ڪريو.


تڏهن منهنجي روح کي آرام نہ آيو، ڇالاءِ جو مون پنهنجي ڀاءُ طيطس کي اُتي نہ ڏٺو؛ پوءِ هنن کان موڪلائي مڪدونيہ ڏانهن هليو ويس.


۽ مون اها ساڳي ڳالهہ لکي تہ متان جڏهن اچان، تڏهن جن کان خوشيءَ جي اُميد اٿم، تن کان مون کي غم رسي، جو اوهان سڀني جي نسبت ۾ مون کي اهو يقين آهي، تہ منهنجي خوشيءَ ۾ اوهان سڀني جي خوشي آهي.


ڇالاءِ جو جيڪڏهن مون هن جي اڳيان اوهان جي بابت ڪو فخر ظاهر ڪيو، تہ آئون شرمندو نہ ٿيس، پر جيئن اسان اوهان سان سڀ ڳالهيون سچيون ڪيون، تيئن جيڪو فخر مون طيطس جي اڳيان ڪيو، سو بہ سچو ثابت ٿيو.


۽ جڏهن هن کي اوهان سڀني جي فرمانبرداري ياد ٿي اچي، تہ اوهين ڪهڙيءَ طرح ڊڄندي ۽ ڏڪندي ساڻس گڏيا، تڏهن سندس دلي محبت اوهان ڏانهن پاڻ گهڻي قدر زيادہ ٿي ٿئي.


انهي هوندي بہ جيڪو نماڻن کي تسلي ٿو ڏئي، يعني خدا، تنهن طيطس جي اچڻ ڪري اسان کي تسلي ڏني:


تنهنڪري مون ڏاڍو سعيو ڪري کيس موڪليو آهي، انهي لاءِ تہ اوهين بہ هن کي وري ڏسي خوش ٿيو، ۽ منهنجو ڏک بہ گهٽ ٿئي.


خداوند انيسفرس جي گهراڻي تي رحم ڪري: ڇالاءِ جو هن گهڻا ڀيرا مون کي تازو توانو ڪيو، ۽ منهنجي قيد جي ڪري شرمندو نہ ٿيو؛


هائو ادا، شل مون کي تنهنجي ڪري خداوند ۾ خوشي حاصل ٿئي: مسيح ۾ منهنجي دل کي تازو ڪر.


ڇالاءِ جو مون کي تنهنجي محبت جي ڪري گهڻي خوشي ۽ تسلي ٿي آهي: اي ادا، تنهنجي ڪري ئي پاڪ ٿيلن جون دليون تازيون ٿيون آهن.


آخر ۾ اوهين سڀيئي يڪدل ۽ همدرد ٿيو، ڀائرن وانگر هڪٻئي کي پيار ڪريو ۽ نرم دل ۽ نماڻي طبيعت وارا ٿيو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ