Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 7:11 - Sindhi Bible

11 ڇالاءِ جو ڏسو، اها ئي ساڳي ڳالهہ تہ اوهان جي غمگيني خدا جي مرضيءَ موجب هئي، تنهن اوهان ۾ ڪهڙي نہ سرگرمي، ڪهڙي نہ عذرخواهي، ڪهڙي نہ غيرت، ڪهڙو نہ ڊپ، ڪهڙي نہ سڪ، ڪهڙو نہ شوق، ڪهڙو نہ انتقام پيدا ڪيو! هر طرح سان اوهان ثابت ڪري ڏيکاريو تہ انهي ڳالهہ ۾ اوهين آجا آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 هاڻي ڏسو، اوهان جي غمگيني جيڪا ايشور جي مرضيءَ موجب هئي، تنهن اوهان ۾ ڪيڏو نہ اثر پيدا ڪيو. هائو، انهيءَ اوهان ۾ پنهنجي بچاءَ لاءِ ڪيڏي نہ سرگرمي، غلط ڪمن تي ڪيڏو نہ رنج، ايشور جو ڪيڏو نہ خوف، ڪيڏي نہ سڪ ۽ ڪيڏو نہ جذبو پيدا ڪيو ۽ اوهين ڏوهاريءَ کي سيکت ڏيڻ لاءِ ڪيڏا نہ تيار ٿيا. ائين اوهان هر طرح سان ثابت ڪري ڏيکاريو تہ اوهين هن معاملي ۾ بي‌ڏوهي آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 هاڻي ڏسو، اوهان جي غمگيني جيڪا خدا جي مرضيءَ موجب هئي، تنهن اوهان ۾ ڪيڏو نہ اثر پيدا ڪيو. هائو، انهيءَ اوهان ۾ پنهنجي بچاءَ لاءِ ڪيڏي نہ سرگرمي، غلط ڪمن تي ڪيڏو نہ رنج، خدا جو ڪيڏو نہ خوف، ڪيڏي نہ سڪ ۽ ڪيڏو نہ جذبو پيدا ڪيو ۽ اوهين ڏوهاريءَ کي سيکت ڏيڻ لاءِ ڪيڏا نہ تيار ٿيا. ائين اوهان هر طرح سان ثابت ڪري ڏيکاريو تہ اوهين هن معاملي ۾ بي‌ڏوهي آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 ڏسو، اوھان جي غمگيني جيڪا خدا جي مرضيءَ موجب ھئي، تنھن اوھان ۾ ڪھڙي نہ سرگرمي ۽ پاڻ کي بي⁠ڏوھي ثابت ڪرڻ لاءِ شوق پيدا ڪيو، ڪھڙي نہ رنجش، ڪھڙو نہ خوف، ڪھڙي نہ سڪ ۽ ڪھڙو نہ شوق پيدا ڪيو ۽ اوھين ڪھڙيءَ طرح بدڪار کي سيکت ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويا. اوھان ھر طرح سان ثابت ڪري ڏيکاريو تہ اوھين ھن معاملي ۾ بي⁠ڏوھي آھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 7:11
54 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ مون انهن سان جهيڙو ڪيو، ۽ پٽيومان، ۽ منجهان ڪن کي ڌڪ هنيم، ۽ سندن وار پَٽيم، ۽ خدا جو قسم کڻائي چيومان تہ اوهين پنهنجون ڌيئرون هنن جي پٽن کي متان ڏيو، نڪي هنن جون ڌيئرون پنهنجن پٽن لاءِ يا پاڻ لاءِ وٺجو.


جنهن ڪري آءٌ پاڻ کي ڌڪاريان ٿو، ۽ مٽيءَ ۽ رک ۾ پڇتايان ٿو.


منهنجن دشمنن تنهنجي ڪلام کي وساري ڇڏيو آهي، تنهن ڪري منهنجي غيرت مون کي کائي ويئي آهي.


جيئن چوڪيدار صبح لاءِ اکيون پائي ويٺا ٿا رهن، هائو، جيئن چوڪيدار پرهہ ڦٽيءَ جي انتظار ۾ ٿا رهن، تيئن منهنجي جان انهي کان بہ وڌيڪ خداوند جي لاءِ منتظر آهي.


جيڪي کانئس ڊڄن ٿا هو انهن جي مراد پوري ڪندو؛ ۽ انهن جي دعا ٻڌي کين بچائيندو.


ڊڄندي ڊڄندي خداوند جي عبادت ڪريو، ڏڪندي ڏڪندي خوشي ملهايو.


پر جڏهن اهي بيمار هئا، تڏهن مون کٿو ڍڪيو: ۽ مون روزا رکي پنهنجيءَ جان کي ڏک ڏنو؛ پر منهنجي دعا ڦري منهنجي سيني ۾ موٽي آئي.


اي خداوند منهنجون سڀ مرادون تنهنجي اڳيان آهن؛ ۽ منهنجي ڪنجهڪار تو کان لڪل نہ آهي.


اي خدا جيئن هرڻي پاڻيءَ جي چشمن لاءِ سڪي ٿي، تيئن منهنجي جان بہ تو لاءِ پيئي سڪي.


ڇالاءِ جو تنهنجي گهر جي غيرت مون کي کائي ويئي آهي؛ ۽ تنهنجي گلا خورن جون گلائون مون تي اچي پيون آهن.


ڏاهو ماڻهو ڊڄي ٿو، ۽ بديءَ کان پري ڀڄي ٿو: پر بي عقل بي حيا ٿي هلي ٿو، ۽ يقين وارو ڏسجي ٿو.


سڀاڳو آهي اُهو ماڻهو جو هميشہ ڊڄي ٿو، پر جيڪو پنهنجي دل سخت ڪري ٿو سو خرابيءَ ۾ ڪري ٿو.


مون کي مهر وانگر پنهنجي دل تي هڻ، ۽ مهر وانگر پنهنجي ٻانهن تي رک: ڇالاءِ جو محبت موت وانگر زور واري آهي: حسد قبر وانگر ظلم ڪندڙ آهي: ان جا شعلا باهہ جا شعلا آهن، اُها خود خداوند جو شعلو آهي.


هائو، اي خداوند اسين تنهنجي عدالتن جي رستي تي تنهنجي لاءِ منتظر ٿي رهيا آهيون؛ اسان جي روح جي خواهش تنهنجو نالو ۽ تنهنجي يادگار آهي.


ڇالاءِ جو خداوند فرمائي ٿو، تہ اهي سڀ شيون منهنجن هٿن جوڙيون آهن، ۽ انهيءَ طرح هستيءَ ۾ آيون آهن: پر آءٌ اُنهيءَ ماڻهوءَ تي نظر ڪندس جو غريب ۽ پشيمان روح وارو آهي ۽ منهنجي ڪلام کان ڏڪي ٿو.


تڏهن بادشاهہ اهي ڳالهيون ٻڌي ڏاڍو ناراض ٿيو، پر دل ۾ ارادو ڪيائين تہ داني ايل کي بچائي: ۽ سج لٿي تائين هن کي ڇڏائڻ لاءِ پئي ڪوشش ڪيائين.


تڏهن ڪاوڙ مان هنن ڏانهن نهاريائين، ڇو جو هنن جي سنگدليءَ تي ارمان ٿي آيس؛ پوءِ انهي ماڻهوءَ کي چيائين، تہ پنهنجو هٿ ڊگهير. ۽ هن اهو ڊگهيريو، تہ هٿ ڇُٽي پيس.


اتي سندس شاگردن کي ياد آيو، تہ لکيل آهي تہ تنهنجي گهر جي غيرت مون کي کائي ويندي.


هاڻي جڏهن پولس هنن جي لاءِ اٿينيءَ ۾ ترسيو پيو هو، تڏهن ڏٺائين تہ سڄو شهر بُتن سان ڀريو پيو آهي، ۽ سندس روح رنجيدو ٿي ويو.


چڱو، هو تہ پنهنجي بي ايمانيءَ ڪري ڀڳيون ويون، ۽ تون پنهنجي ايمان جي ڪري قائم بيٺو آهين. سو مغرور نہ ٿيءُ، پر خوف ڪر،


۽ جيڪو انهيءَ طرح مسيح جي خدمت ٿو ڪري سو خدا کي پسند آهي، ۽ ماڻهن وٽ قبول پيل آهي.


پر جيڪڏهن اسان جي ناراستيءَ جي ڪري خدا جي خوبي ظاهر ٿي ٿئي، تہ پوءِ اسين ڇا چئون؟ خدا بي انصاف آهي ڇا، جو غضب نازل ٿو ڪري؟ (هي آئون انساني طور ٿو چوان.)


انهي لاءِ تہ بدن ۾ ڪو تفرقو نہ پوي، ۽ سڀيئي عضوا هڪ ٻئي جي هڪ جهڙي سنڀال ڪن.


پر جيڪي ٻاهر آهن تن تي خدا فتويٰ ٿو ڏئي. سو اُنهي شرير ماڻهوءَ کي پاڻ منجهان ڪڍي ڇڏيو.


اوهين انهي تي افسوس تہ ڪونہ ٿا ڪريو، تہ جنهن اهڙو ڪم ڪيو آهي تنهن کي پنهنجي وچان ڪڍي ڇڏڻ بدران پاڻ ٻٽاڪون پيا هڻو.


هاڻي اسين خدا کان دعا ٿا گهُرون تہ اوهين ڪا بڇڙائي نہ ڪريو؛ نہ انهي لاءِ تہ اسين وفادار ڏسڻ ۾ اچون، پر انهي لاءِ تہ اوهين اُهوئي ڪريو جو چڱو هجي، پوءِ اسين ڀلي تہ بي وفا سمجهيا وڃون.


اها سزا، جا گهڻن جي طرفان ملي، سا اهڙي ماڻهوءَ لاءِ ڪافي آهي؛


پر سڀ ڪنهن ڳالهہ ۾ پاڻ کي خدا جا خادم ڄاڻائي، پنهنجي نيڪي ظاهر ٿا ڪريون: ڏاڍي صبر ۾، مصيبتن ۾، ضرورتن ۾، تنگ حالتن ۾؛


تنهنڪري اي پيارو، جڏهن اسان سان اهڙا واعدا ڪيا ويا آهن، تڏهن اچو تہ اسين پاڻ کي هر طرح جي جسماني ۽ روحاني ناپاڪيءَ کان پاڪ ڪريون، ۽ خدا جو خوف رکي پاڪيزگيءَ ۾ ڪامل ٿيون.


۽ نہ فقط سندس اچڻ ڪري پر اوهان هن کي تسلي ڏني تنهنڪري بہ، ۽ هن اسان کي اوهان جي دل جي خواهش، اوهان جو غم، ۽ اوهان کي مون لاءِ جو شوق آهي سو بيان ڪري ٻُڌايو، جنهنڪري آئون پاڻ زيادہ خوش ٿيس.


هاڻي جو آئون خوش ٿيو آهيان سو نہ انهي ڪري تہ اوهين غمگين ٿيا؛ پر انهي ڪري تہ غمگين ٿيڻ جو نتيجو اهو نڪتو جو اوهان پڇتاءُ ڪيو: ڇالاءِ جو اوهان جي غمگيني خدا جي مرضيءَ موجب هئي، انهي لاءِ تہ اوهين اسان جي ڪري ڪنهن بہ طرح جو نقصان نہ سهو.


ڇالاءِ جو اوهان جي شوق جي خبر اٿم، جنهن جي ڪري آئون مڪدونيہ جي ماڻهن جي اڳيان اوهان تي فخر ٿو ڪريان، تہ اخيہ جا ماڻهو بہ سال کان تيار آهن؛ ۽ اوهان جي سرگرميءَ انهن مان گهڻن کي جوش ڏياريو آهي.


ڪاوڙ تہ ڪريو، پر گناهہ نہ ڪريو: ائين نہ ٿئي جو سج لهڻ تائين بہ ڪاوڙيل هجو:


۽ اونداهيءَ جي اجاين ڪمن ۾ شريڪ نہ ٿيو، اُٽلندو انهن تي ڦٽڪار ڪريو؛


سو اي منهنجا پيارا ڀائرو، جيئن اوهين هميشہ فرمانبرداري ڪندا آيا آهيو، تيئن نہ رڳو منهنجي حاضريءَ ۾، پر هاڻي منهنجي غير حاضريءَ ۾، اڳي کان بہ زيادہ ڊڄندي ۽ ڏڪندي پنهنجي نجات جو ڪم پورو ڪندا رهو؛


۽ ڪوبہ ماڻهو انهيءَ نسبت ۾ پنهنجي ڀاءُ سان زيادتي نہ ڪري، ۽ نڪي ساڻس ٺڳي ڪري، ڇالاءِ جو خداوند انهن سڀني ڳالهين جو بدلو ڏيندو، جيئن ڪ اسان اڳي بہ اوهان کي چتايو آهي.


جيڪي گناهہ ڪن، تن کي سڀني جي اڳيان ملامت ڪر، تہ ڀلي ٻين کي بہ ڪو ڊپ ٿئي.


ڪوشش ڪري پاڻ کي خدا وٽ مقبول، ۽ اهڙي ڪم ڪندڙ وانگر پيش ڪر، جو درستيءَ سان حق جو ڪلام استعمال ٿو ڪري، تان تہ شرمندو نہ ٿئي.


اها ڳالهہ سچي آهي، ۽ منهنجي مرضي آهي تہ تون انهن ڳالهين تي زور ڏي، انهي لاءِ تہ جن خدا تي ايمان آندو آهي، سي چڱن ڪمن ۾ مشغول رهڻ جو خيال رکن. اهي ڳالهيون ماڻهن جي لاءِ چڱيون ۽ فائديمند آهن.


تنهنڪري اسان کي خبردار رهڻ گهرجي تہ جڏهن هن جي آرام ۾ داخل ٿيڻ جو واعدو اڃا باقي رهيل آهي، تڏهن متان ائين نہ ٿئي تہ اوهان مان ڪو پوئتي رهجي وڃي.


پر جيڪا ڏاهپ مٿان ٿي اچي، سا پهرين تہ پاڪ آهي، پوءِ صلح پسند، حليم، نرم مزاج، رحيم ۽ چڱن ڦلن سان ڀريل، بي ريا ۽ بنا مڪر آهي.


۽ جيڪڏهن اوهين انهي کي ابو ڪري ٿا سڏيو، جو بنا پاسخاطريءَ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جي ڪم موجب انصاف ٿو ڪري، تہ پنهنجي مسافريءَ جو وقت خوف ۾ گذاريو.


نوزاد ڄاول ٻارن وانگر اُنهي نج روحاني کير جا خواهشمند ٿيو، تہ انهي تي نپجي نجات حاصل ڪريو؛


۽ ڪن کي ڇڪي باهہ مان ڪڍي بچايو، ۽ ڪن تي خوف کائيندي رحم ڪريو؛ بلڪ جنهن پوشاڪ تي جسم جي ڪري داغ ٿيا آهن، تنهن کان نفرت ڪريو.


جيترن کي آئون پيار ٿو ڪريان، اوترن کي آئون ڇينڀيان ٿو ۽ سيکت ٿو ڏيان؛ تنهنڪري سرگرم ٿي ۽ توبهہ ڪر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ