Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 7:1 - Sindhi Bible

1 تنهنڪري اي پيارو، جڏهن اسان سان اهڙا واعدا ڪيا ويا آهن، تڏهن اچو تہ اسين پاڻ کي هر طرح جي جسماني ۽ روحاني ناپاڪيءَ کان پاڪ ڪريون، ۽ خدا جو خوف رکي پاڪيزگيءَ ۾ ڪامل ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 اي پريميؤ! جڏهن اسان سان اهڙا وچن ڪيا ويا آهن، تہ پوءِ اچو تہ پاڻ کي هر انهيءَ شيءِ کان پوِتر ڪريون جيڪا اسان جي شرير ۽ آتما ٻنهي کي اپوِتر ڪري ٿي ۽ ايشور جو خوف رکندي مڪمل طرح پوِتر ٿي وڃون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 اي عزيزؤ! جڏهن اسان سان اهڙا واعدا ڪيا ويا آهن، تہ پوءِ اچو تہ پاڻ کي هر انهيءَ شيءِ کان پاڪ ڪريون جيڪا اسان جي جسم ۽ روح ٻنهي کي پليت ڪري ٿي ۽ خدا جو خوف رکندي مڪمل طرح پاڪ ٿي وڃون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 اي پيارا دوستو! جڏھن اسان سان اھڙا واعدا ڪيا ويا آھن، تہ پوءِ اچو تہ پاڻ کي ھر انھيءَ شيءِ کان پاڪ ڪريون جيڪا اسان جي جسم ۽ روح ٻنھي کي پليت ڪري ٿي ۽ خدا جو خوف رکندي مڪمل طرح پاڪ ٿي وڃون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 7:1
48 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن انهن کي تاڪيد ڪري چيو تہ اوهين هن طرح خداوند جي خوف سان ۽ ايمانداريءَ سان ۽ ڪامل دل سان هلت ڪجو.


ب جوان ماڻهو ڀلا ڪهڙيءَ طرح پنهنجي چال صاف رکندو؟ تنهنجي ڪلام موجب انهي جي خبرداري ڪرڻ سان.


خداوند جو خوف پاڪ آهي، جو هميشہ قائم ٿو رهي: خداوند جا فيصلا سچا، ۽ بلڪل راست آهن.


اي خدا منهنجي اندر ۾ پاڪ دل پيدا ڪر؛ ۽ مون ۾ نئين سر مستقيم روح پيدا ڪر.


رحم ۽ سچ سان بي انصافي دفع ٿي وڃي ٿي! ۽ خداوند جي خوف سان ماڻهو بديءَ کان پري رهن ٿا.


ڪير چئي سگهندو تہ مون پنهنجي دل پاڪ ڪئي آهي، ۽ آءٌ گناهہ کان پاڪ آهيان.


ڪا پيڙهي اهڙي آهي جا پنهنجي نظر ۾ پاڪ آهي، تڏهن بہ پنهنجي گندگي کان ڌوپي صاف نہ ٿي آهي.


خدا جو خوف بديءَ کي ڌڪارڻ ۾ آهي: مغروريءَ، هٺ، ۽ بڇڙي واٽ، ۽ بيهودي وات کي آءٌ ڌڪاريان ٿي.


تنهن ڪري پنهنجي دل مان ڏک ڪڍي ڇڏ، ۽ پنهنجي جسم مان بڇڙائي ڪڍي ڦٽي ڪر: ڇالاءِ جو جوانيءَ ۽ حياتيءَ جو ڦوهہ بيهودگي آهي.


اوهين وهنجو، پاڻ کي پاڪ ڪريو؛ پنهنجا بڇڙا ڪم منهنجي اکين جي اڳيان ٽاريو؛ بڇڙائي ڪرڻ کان بس ڪريو:


شرير ماڻهو پنهنجو رستو ڇڏي، ۽ ناراست پنهنجا خيال ڇڏي ڏئي: اهو خداوند ڏانهن موٽي تہ هو مٿس رحم ڪندو؛ ۽ اسان جي خدا ڏانهن اچي، ڇالاءِ جو هو گهڻي معافي ڏيندو.


مون تنهنجا ڪراهت جهڙا ڪم، يعني تنهنجون زناڪاريون، ۽ هڻڪارون، ۽ حرامڪاريءَ جي شهوت بازي، ميدان ۽ ٽڪرن جي مٿان ڏٺي آهي. اي يروشلم، ويل هجي توسان؛ تون پاڪ ڪين ٿيندينءَ؛ ڪيستائين اڃا بہ اهو حال رهندو؟


اي يروشلم، پنهنجي دل شرارت کان ڌوئي صاف ڪر تہ ڇوٽڪارو لهين. ڪيستائين تنهنجا خراب خيال تو منجهہ رهندا.


۽ اهو ڪپڙو، تاڃي هجي يا پيٽو، يا ڪابہ چم جي شيءِ هجي، ۽ جيڪڏهن انهي کي ڌوئڻ سان مرض جو داغ منجهانئس نڪري وڃي، تہ انهي کي ٻيو ڀيرو ڌوئجي، پوءِ اهو پاڪ ٿيندو.


يا چئو تہ وڻ بہ چڱو، ۽ سندس ڦل بہ چڱو؛ يا چئو تہ وڻ بہ خراب، ۽ سندس ڦل بہ خراب: ڇالاءِ جو وڻ سڃاڻبو آهي پنهنجي ڦل مان.


تنهنڪري جيئن اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي سو ڪامل آهي، تيئن اوهين بہ ڪامل ٿيو.


مبارڪ آهن اُهي جي دل جا پاڪ آهن، ڇالاءِ جو اُهي خدا کي ڏسندا.


تنهن کانپوءِ ساري يهوديہ، ۽ گليل، ۽ سامريہ ۾ ڪليسيا کي امن مليو، ۽ اُها قائم ٿيندي ويئي؛ ۽ خداوند جي ڊپ ۾ هلندي ۽ پاڪ روح جي تسلي ۾ وڌندي ويئي.


شريعت وچ ۾ آئي انهي لاءِ تہ ڏوهہ وڌيڪ ٿئي؛ پر جتي گناهہ گهڻو ٿيو آهي، اُتي فضل هيڪاري وڌيڪ ٿيو:


ڇالاءِ تہ ملهہ ڳڌل آهيو. تنهنڪري پنهنجي بدن سان خدا جو جلال ظاهر ڪريو.


هن ڪري جو خدا جا جيترا بہ واعدا آهن، سي سڀ هن ۾ هائو سان آهن. ۽ انهي ڪري هن جي وسيلي آمين بہ ٿا چئون تہ اسان جي معرفت خدا جو جلال ظاهر ٿئي.


انهن سان گڏ اسين سڀيئي بہ پنهنجي جسم جي خواهشن ۾ هلندا هئاسين، ۽ جسم ۽ دل جي سَڌين پورين ڪرڻ ۾ مشغول هئاسين، ۽ طبيعت جي ڪري ٻين وانگر غضب جا فرزند هئاسين:


انهي لاءِ تہ اُهو اوهان جي دلين کي اهڙو مضبوط ڪري جو جڏهن اسان جو خداوند يسوع پنهنجن سڀني پاڪ ٿيلن سان اچي، تڏهن اسان جي خدا پيءُ جي اڳيان اوهين پاڪيزگيءَ ۾ بي عيب هجو.


ڇالاءِ جو خدا اسان کي ناپاڪيءَ جي لاءِ نہ، پر پاڪيزگيءَ جي لاءِ سڏيو آهي.


شل خدا، جو اطمينان بخشيندڙ آهي، اوهان کي پوريءَ طرح پاڪ ڪري؛ ۽ شل اوهان جو روح ۽ جان ۽ بدن، اسان جي خداوند يسوع مسيح جي اچڻ تائين بي عيب ۽ سلامت رهي.


۽ پهريتن جي عام جماعت، يعني ڪليسيا وٽ، جن جا نالا آسمان جي ياداشت ۾ داخل آهن. ۽ سڀني جي منصف خدا وٽ، ۽ ڪامل ڪيل راستبازن جي روحن وٽ،


تنهنڪري اچو تہ جيڪا بادشاهت لڏڻ جي نہ آهي، سا حاصل ڪري اهو فضل هٿ ڪريون، جنهن ڪري اهڙي ادب ۽ خوف سان عبادت ڪريون، جو اُها خدا کي پسند اچي؛


تنهنڪري اسان کي خبردار رهڻ گهرجي تہ جڏهن هن جي آرام ۾ داخل ٿيڻ جو واعدو اڃا باقي رهيل آهي، تڏهن متان ائين نہ ٿئي تہ اوهان مان ڪو پوئتي رهجي وڃي.


پر اي پيارو، جيتوڻيڪ اسين اهي ڳالهيون ڪريون ٿا، تڏهن بہ اوهان جي نسبت ۾ نجات جي بهتر ڳالهين جو يقين ٿا رکون.


خدا جي ويجهو وڃو تہ هو بہ اوهان جي ويجهو ايندو. اي گنهگارو، پنهنجا هٿ صاف ڪريو؛ ۽ اوهين جي ٻِہ چِتيا آهيو، سي پنهنجيون دليون پاڪ ڪريو.


پر جيئن اوهان جو سڏڻ وارو پاڪ آهي، تيئن اوهين بہ هر طرح جي هلت چلت ۾ پاڪ ٿيو؛


۽ جيڪڏهن اوهين انهي کي ابو ڪري ٿا سڏيو، جو بنا پاسخاطريءَ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جي ڪم موجب انصاف ٿو ڪري، تہ پنهنجي مسافريءَ جو وقت خوف ۾ گذاريو.


جڏهن اوهان حق جي تابعداري ڪري پنهنجن روحن کي پاڪ ڪيو تہ ڀائرن سان حقيقي محبت ڪريو، تڏهن دل و جان سان هڪٻئي کي پيار ڪريو.


اي پيارو، آئون اوهان کي پرديسي ۽ مسافر ڄاڻي عرض ٿو ڪريان تہ اُنهن جسماني خواهشن کان پري رهو، جي روح سان وڙهن ٿيون،


خدا، جو ساري فضل جو چشمو آهي، جنهن اوهان کي مسيح ۾ پنهنجي ابدي جلال جي لاءِ سڏيو آهي، سو اوهان جي ٿوري وقت تائين ڏکن سهڻ کانپوءِ اوهان کي ڪامل، ۽ قائم، ۽ مضبوط ڪندو.


پر جي اسين روشنيءَ ۾ هلون، جيئن ڪ پاڻ روشنيءَ ۾ آهي، تہ اسان جي پاڻ ۾ شراڪت آهي، ۽ سندس فرزند يسوع جو رت اسان کي سموري گناهہ کان صاف ٿو ڪري.


جي اسين پنهنجا گناهہ باسينداسين تہ هو اسان جا گناهہ معاف ڪرڻ، ۽ اسان کي سموري ناراستيءَ کان پاڪ ڪرڻ ۾ سچو ۽ عادل آهي.


۽ جنهن مٿس اها اُميد رکي آهي، سو پاڻ کي اهڙو پاڪ ڪري جهڙو هو پاڪ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ