Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 6:2 - Sindhi Bible

2 (ڇالاءِ جو هو چوي ٿو تہ ”قبوليت جي وقت مون اوهان جي ٻُڌي، ۽ نجات جي ڏينهن مون اوهان جي مدد ڪئي:“ ڏسو، اهو قبوليت جو ڏينهن هاڻي آهي، ڏسو، اهو نجات جو ڏينهن هاڻي آهي.)

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ ايشور فرمائي ٿو تہ ”قبول ڪرڻ واري وقت مون اوهان جي ٻڌي، ۽ ڇڏائڻ واري ڏينهن مون اوهان جي مدد ڪئي.“ ڏسو، هاڻي قبول پوڻ جو اهو وقت اچي ويو آهي. هائو، ڇڏائڻ جو اهو ڏينهن اڄ ئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ خدا فرمائي ٿو تہ ”قبوليت واري وقت مون اوهان جي ٻڌي، ۽ ڇڏائڻ واري ڏينهن مون اوهان جي مدد ڪئي.“ ڏسو، هاڻي قبوليت جو اهو وقت اچي ويو آهي. هائو، ڇڏائڻ جو اهو ڏينهن اڄ ئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 ڇالاءِ⁠جو خدا چوي ٿو تہ ”قبوليت جي وقت مون اوھان جي ٻڌي، ۽ ڇوٽڪاري جي ڏينھن مون اوھان جي مدد ڪئي.“ ڏسو، ھاڻي قبول پوڻ جو وقت آھي، ڏسو، ھاڻي ڇوٽڪاري جو ڏينھن آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 6:2
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اي خدا تنهنجي رضامنديءَ جي وقت ۾ منهنجي دعا تو وٽ ايندي: اي خدا پنهنجي بيحد گهڻي رحم سان، پنهنجيءَ نجات جي سچائيءَ ۾ مون کي جواب ڏي.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ قبوليت جي وقت مون تنهنجي اونائي، ۽ نجات جي ڏينهن مون تنهنجي مدد ڪئي: آءٌ توکي سنڀاليندس، ۽ اُمت جي لاءِ توکي عهد ٺهرائيندس، تہ ملڪ کي بحال ڪرين، ۽ ويران ٿيل ميراث، وارثن کي وٺي ڏين؛


۽ خداوند جي مقبول سال، ۽ خدا جي بدلي وٺڻ جي ڏينهن جي پڌرائي ڪريان؛ ۽ جيڪي ماتم ٿا ڪن، تن سڀني کي دلاسو ڏيان.


هاڻي جڏهن آءٌ تو وٽان لنگهيس ۽ توتي منهنجي نظر پيئي، تڏهن تنهنجو وقت محبت پيدا ٿيڻ جو وقت هو؛ ۽ مون پنهنجو دامن توتي پکيڙيو، ۽ تنهنجي اوگهڙ ڍڪيم: هائو، خداوند ٿو فرمائي، تہ مون توسان قسم کنيو ۽ توسان عهد اقرار ڪيم، ۽ تون منهنجي ٿئينءَ.


۽ هنن چيس تہ يسوع ناصري ٿو لنگهي.


۽ خداوند جي مقبول سال جي منادي ڪريان.“


جيسين ڪ اڄوڪو ڏينهن چوڻ ۾ اچي ٿو، تيسين روز بروز هڪٻئي کي نصيحت ڪندا رهجو؛ تہ متان اوهان مان ڪو گناهہ جي فريب ڪري سخت دل ٿي پوي:


تنهنڪري جيئن پاڪ روح فرمائي ٿو، تہ ”جيڪڏهن اڄ اوهين هن جو آواز ٻُڌو،


تڏهن وري هو هڪڙو خاص ڏينهن ٿو ٺهرائي، ۽ ڪيتري عرصي کانپوءِ دائود جي ڪتاب ۾ انهي کي اڄوڪو ڏينهن ٿو چوي، جيئن ڪ اڳي بہ چيو ويو هو تہ ”اڄ جيڪڏهن اوهين هن جو آواز ٻُڌو تہ پنهنجيون دليون سخت نہ ڪجو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ