Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 6:18 - Sindhi Bible

18 ۽ آئون اوهان جو پيءُ ٿيندس، ۽ اوهين منهنجا پٽ ۽ ڌيئرون ٿيندا. خداوند قادر مطلق ائين ٿو فرمائي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 آءٌ اوهان جو پتا ٿيندس ۽ اوهين منهنجا پٽ ۽ ڌيئرون ٿيندا. آءٌ سروِشڪتيوان پرميشور ائين ٿو چوان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 آءٌ اوهان جو پيءُ ٿيندس ۽ اوهين منهنجا پٽ ۽ ڌيئرون ٿيندا. آءٌ خداوند قادرِمطلق ائين ٿو چوان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 آءٌ اوھان جو پيءُ ٿيندس ۽ اوھين منھنجا پٽ ۽ ڌيئرون ٿيندا. خداوند قادرِمطلق ائين ٿو فرمائي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 6:18
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن ابرام نوانوي ورهين جو ٿيو، تڏهن خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ آءٌ قادر مطلق خدا آهيان، تون منهنجي حضور ۾ هل ۽ ڪامل ٿيءُ.


۽ يعقوب يوسف کي چيو تہ خدا قادر مطلق ڪنعان جي ملڪ ۾ لوز وٽ مون کي ڏيکاري ڏيئي برڪت ڏني،


آءٌ هن جو پيءُ ٿيندس، ۽ هو منهنجو پٽ ٿيندو: جيڪڏهن هو ڪو ڏوهہ ڪندو تہ آءٌ هن کي ماڻهن جي لڪڻ سان، ۽ ماڻهن جي چهبڪن سان سيکت ڏيندس؛


آءٌ هن جو پيءُ ٿيندس ۽ هو منهنجو پٽ ٿيندو: ۽ آءٌ پنهنجي رحمت هن تان کڻي نہ ويندس جيئن مون انهيءَ تان کنئي جو توکان اڳي هو:


هڪڙو نسل هن جي عبادت ڪندو؛ ۽ ٻيءَ پيڙهيءَ کي خداوند بابت ٻڌايو ويندو.


آءٌ اُتر کي چوندس تہ ڇڏي ڏي؛ ۽ ڏکڻ کي چوندس تہ رکي نہ ڇڏ؛ منهنجا پٽ پري کان آڻ ۽ منهنجون ڌيئر زمين جي ڇيڙي کان.


پر مون چيو تہ ڪيئن آءٌ توکي پنهنجي اولاد ۾ داخل ڪريان، ۽ توکي هڪڙي سٺي ملڪ ۾، يعني قومن جو چڱي ۾ چڱو حصو ورثو ڪري ڏيان؟ ۽ مون چيو تہ اوهين مون کي پنهنجو پيءُ ڪري سڏيندا؛ ۽ منهنجي پيروي ڪرڻ کان ڦري نہ ويندا.


خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ اسرائيل جي سڀني قبيلن جو خدا ٿيندس، ۽ هو منهنجي قوم ٿيندا.


هو رئندا ۽ منٿون ڪندا ايندا، ۽ آءٌ سندن رهبري ڪندس: آءٌ هنن کي پاڻيءَ جي ندين جي ڪنارن سان اهڙي سنئين رستي تي هلائيندس، جنهن تي هو ٿاٻو نہ کائيندا؛ ڇالاءِ جو آءٌ اسرائيل جو پيءُ آهيان، ۽ افرائيم منهنجو پهريون ڄاول ٻار آهي.


پر جن جن کيس قبول ڪيو، تن کي اِهو حق ڏنائين تہ خدا جا ٻار ٿين، بلڪ اُنهن کي جي سندس نالي تي ايمان ٿا آڻين:


تنهنڪري مخلوقات ڏاڍي شوق سان خدا جي فرزندن جي ظاهر ٿيڻ جي منتظر آهي،


ڇالاءِ جو جن کي هن اڳيئي ٿي ڄاتو، تن کي هن اڳيئي مقرر ڪري ڇڏيو، تہ سندس فرزند جا هم شڪل ٿين، انهي لاءِ تہ هو گهڻن ڀائرن ۾ پهريتو ٿئي.


ڇالاءِ جو اوهين سڀيئي مسيح يسوع ۾ ايمان رکڻ ڪري خدا جا ٻار آهيو.


۽ هن پنهنجي مرضيءَ جي نيڪ ارادي موجب اسان کي پنهنجي لاءِ اڳيئي مقرر ڪري ڇڏيو، تہ يسوع مسيح جي وسيلي سندس گود جا ٻار ٿيون،


خداوند خدا، جو آهي، ۽ جو هو، ۽ جو اچڻو آهي، اُهو قادر مطلق فرمائي ٿو تہ آئون الفا ۽ اوميگا آهيان.


۽ مون انهي ۾ هيڪل ڪانہ ڏٺي: ڇالاءِ جو خداوند خدا، قادر مطلق ۽ گهيٽو سندس هيڪل آهن.


جيڪو غالب پوندو سو هنن شين جو وارث ٿيندو؛ آئون انهي جو خدا ٿيندس ۽ هو منهنجو فرزند ٿيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ