Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 6:15 - Sindhi Bible

15 مسيح جي بليعال سان ڪهڙي موافقت آهي؟ يا ايماندار شخص جي بي ايمان سان ڪهڙي ڀائيواري آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 مسيح ۽ شيطان جو ايڪو ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟ مسيح تي وشواس آڻيندڙ ۽ نہ آڻيندڙ جو پاڻ ۾ ڪهڙو واسطو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 مسيح ۽ شيطان جو ايڪو ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟ مسيح تي ايمان آڻيندڙ ۽ نہ آڻيندڙ جو پاڻ ۾ ڪهڙو واسطو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 مسيح جي شيطان سان ڪھڙي برابري آھي؟ مسيح تي ايمان آڻيندڙ جو ايمان نہ آڻيندڙ سان ڪھڙو واسطو آھي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 6:15
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ايلياہ سڀني ماڻهن وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو تہ ڪيستائين اوهين ٻن راين جي وچ ۾ پيا منڊڪائيندا؟ جيڪڏهن خداوند ئي خدا آهي تہ اُنهيءَ جي پٺيان لڳو: پر جيڪڏهن بعل آهي تہ اُنهيءَ جي پٺيان لڳو. ۽ ماڻهن ورنديءَ ۾ هڪڙو لفظ بہ نہ ڳالهايو.


پر زربابل ۽ يشوع، ۽ اسرائيل جي اباڻن گهراڻن جي باقي ٻين رئيسن، انهن کي چيو تہ اسان جي خدا لاءِ گهر جوڙڻ ۾ اوهان جو ڪوبہ واسطو ڪونهي؛ پر اسين پاڻ گڏجي خداوند اسرائيل جي خدا لاءِ گهر جوڙينداسين، جيئن فارس جي بادشاهہ خورس اسان کي حڪم ڏنو آهي.


جيڪو ايمان آڻي بپتسما وٺندو، اُهو نجات حاصل ڪندو؛ پر جيڪو ايمان نہ آڻيندو، اُهو ڏوهاري ٺهرايو ويندو.


۽ گهڻيئي مرد توڙي زالون، جن خداوند تي ايمان آندو، سي انهن سان شامل ٿيندا ويا؛


پر پطرس چيس تہ شل تنهنجا پيسا تو سوڌو چٽ ٿين، جو ڀانئين ٿو تہ خدا جي بخشش پيسن سان ملي پوندي.


پر ڀاءُ ڀاءُ تي مقدمو ٿو هلائي، سو بہ بي دينن جي اڳيان؟


پر جيڪڏهن ڪو پنهنجن جي لاءِ، خاص ڪري پنهنجي خاندان لاءِ بندوبست نہ ڪندو، تہ ايمان کان انڪاري ٿيو، ۽ اُهو بي ايمان کان بہ بڇڙو آهي.


هن جي وسيلي اوهان خدا تي ايمان آندو آهي، جنهن هن کي مُئلن مان جياريو ۽ جلال ڏنائينس؛ انهي لاءِ تہ اوهان جو ايمان ۽ آسرو خدا تي هجي.


هنن پنهنجيون دليون خوش ويٺي ڪيون تہ اوچتو شهر جا ماڻهو، ڪي شيطان زادا، گهر کي چوڌاري وڪوڙي ويا، ۽ در کڙڪائڻ لڳا؛ ۽ گهر جي مالڪ، يعني انهيءَ پير مرد کي چوڻ لڳا، تہ جيڪو ماڻهو تنهنجي گهر ۾ آيو، تنهن کي ڪڍي اچ تہ اسين انهي جي خبر لهون.


تنهنڪري هاڻي انهن شيطان زادن کي، جي جبعہ ۾ آهن، اسان جي حوالي ڪريو، تہ اسين انهن کي قتل ڪريون، ۽ اسرائيل مان خرابي ڪڍي ڇڏيون، پر بني بنيمين پنهنجن ڀائرن بني اسرائيل جي ڳالهہ نہ مڃي.


هاڻي عيليءَ جا ٻہ پٽ شرير هئا؛ هو خداوند کي نہ سڃاڻندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ