Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 4:14 - Sindhi Bible

14 ڇالاءِ جو اسين ڄاڻون ٿا تہ جنهن خداوند يسوع کي جياريو، سو اسان کي بہ يسوع سان گڏ جياريندو، ۽ انهي سان گڏ پاڻ وٽ حاضر ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 ڇاڪاڻ تہ اسين ڄاڻون ٿا تہ ايشور جنهن پرڀو يسوع مسيح کي مئلن مان جيوت ڪيو آهي، سو يسوع سان گڏ هجڻ ڪري اوهان سميت اسان کي بہ جيوت ڪري پاڻ وٽ حاضر ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 ڇاڪاڻ تہ اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا جنهن خداوند عيسيٰ مسيح کي مئلن مان جيئرو ڪيو آهي، سو عيسيٰ سان گڏ هجڻ ڪري اوهان سميت اسان کي بہ جيئرو ڪري پاڻ وٽ حاضر ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا جنھن خداوند عيسيٰ مسيح کي مئلن مان جياريو، سو اسان کي بہ عيسيٰ سان گڏ جياريندو ۽ اوھان سان گڏ پاڻ وٽ حاضر ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 4:14
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنجا مئل جيئرا ٿيندا؛ منهنجا مڙهہ جي اُٿندا. اوهين جي مٽيءَ ۾ رهو ٿا، سي جاڳو ۽ ڳايو: ڇالاءِ جو تنهنجي ماڪ انهي ماڪ وانگر آهي جا گاهہ تي پوي ٿي، ۽ زمين مئلن کي ٻاهر ڪڍندي.


پر اوهين هر وقت سجاڳ رهو ۽ دعا گهُرو تہ اهي جيڪي ڳالهيون ٿيڻيون آهن، تن کان بچڻ جي طاقت مليوَ، ۽ ابن آدم جي حضوريءَ ۾ بيهي سگهو.


پر اُنهيءَ کي خدا موت جي عذابن کان ڇڏائي اُٿاريو: ڇو جو ٿيڻي نہ هئي تہ هو موت جي قبضي ۾ رهي.


اُنهي يسوع کي خدا جياريو، جنهن جا اسين سڀ شاهد آهيون.


جيڪڏهن اُنهي جو روح اوهان ۾ رهي ٿو، جنهن يسوع کي مُئلن مان جياريو، تہ جنهن مسيح يسوع کي مُئلن مان جياريو، سو پنهنجي روح جي وسيلي، جو اوهان ۾ ٿو رهي، اوهان جي فاني بدنن کي بہ جياريندو.


۽ خدا اسان کي بہ پنهنجي قدرت سان اُٿاريندو، جنهن خداوند کي بہ جياري اُٿاريو.


ڇالاءِ تہ مون کي اوهان لاءِ غيرت آهي جهڙي خدا جي غيرت آهي: هن ڪري جو مون اوهان کي هڪڙي مڙس سان مڱايو، انهي لاءِ تہ اوهان کي پاڪ دامن ڪنواريءَ وانگر مسيح وٽ حاضر ڪريان.


۽ هڪڙي اهڙي جلال واري ڪليسيا پنهنجي اڳيان پيش ڪري، جنهن تي ڪوبہ داغ يا گهنج يا ڪا ٻي اهڙي شيءِ نہ هجي؛ پر اُها پاڪ ۽ بي عيب هجي.


جي اڳي کانئس ڇڄي ڌار ٿي پيا هئا، ۽ پنهنجن بڇڙن ڪمن جي ڪري پنهنجيءَ دل ۾ دشمن ٿي پيا هئا، تن کي بہ هاڻي پنهنجي جسماني بدن ۾، موت جي وسيلي آڻي ملايو اٿس، انهي لاءِ تہ هو اوهان کي پاڪ، ۽ بي عيب، ۽ بي ڏوهہ بنائي، پنهنجي حضور ۾ حاضر ڪري؛


جنهن جي منادي ڪري اسين سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي نصيحت ٿا ڪريون، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پوري دانائيءَ سان تعليم ٿا ڏيون، انهي لاءِ تہ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي اسين مسيح ۾ ڪامل ڪري پيش ڪريون.


ڇالاءِ تہ جيڪڏهن اسان جو اعتقاد آهي تہ يسوع مري ويو ۽ وري جيئرو ٿي اُٿيو، تہ جيڪي يسوع جي ايمان ۾ گذري ويا آهن، تن کي بہ خدا وري ساڻس گڏ وٺي ايندو.


۽ جا دعا ايمان سان گهُربي، سا بيمار کي بچائيندي، ۽ خداوند انهي کي اُٿاري کڙو ڪندو؛ ۽ جيڪڏهن هن گناهہ ڪيا هوندا تہ انهن جي معافي ملنديس.


هاڻي جيڪو اوهان کي گمراهہ ٿيڻ کان بچائي ٿو سگهي ۽ نهايت خوشيءَ سان پنهنجي ازلي حضور ۾ بي عيب ڪري بيهاري ٿو سگهي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ