Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 4:12 - Sindhi Bible

12 تنهن ڪري اسين موت جي اثر هيٺ ٿا رهون، پر اوهين زندگيءَ جي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 ائين اسان ۾ موت، پر اوهان ۾ جيون اثر ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 ائين اسان ۾ موت، پر اوهان ۾ زندگي اثر ڪري ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 ائين اسان ۾ موت، پر اوھان ۾ زندگي اثر ڪري ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 4:12
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر مون کي پنهنجي جان جو فڪر ڪونهي، نڪي اُنهيءَ سان اهڙي دل اٿم، فقط اِهو فڪر اٿم تہ آئون پنهنجو دور پورو ڪريان، ۽ جيڪا خدمت خداوند يسوع کان مون کي ملي آهي، سا پوري ڪريان؛ يعني خدا جي فضل جي خوشخبري ٻڌائيندو رهان.


اسين مسيح جي خاطر بيوقوف آهيون، پر اوهين مسيح ۾ ڏاها آهيو؛ اسين ضعيف آهيون، پر اوهين زور وارا آهيو. اوهين عزت وارا آهيو، پر اسين بي عزت آهيون.


۽ آئون گهڻيءَ خوشيءَ سان اوهانجن روحن لاءِ خرچ ڪندس، ۽ پاڻ بہ خرچ ٿي ويندس. جيڪڏهن آئون اوهان کي گهڻو پيار ڪريان، تہ اوهين ڪو مون کي گهٽ پيار ڪندا ڇا؟


هن ڪري جو جڏهن اسين ڪمزور آهيون ۽ اوهين زور وارا آهيو، تڏهن اسان کي خوشي ٿي ٿئي، ۽ اسين اها بہ دعا ٿا گهُرون تہ اوهين ڪامل ٿيو.


ڇالاءِ جو اسين جي جيئرا آهيون، سي هميشہ يسوع جي خاطر موت جي حوالي ڪيا ٿا وڃون، انهي لاءِ تہ يسوع جي زندگي بہ اسان جي فاني جسم ۾ ظاهر ٿئي.


پر جڏهن اسان ۾ اهوئي ساڳيو ايمان جو روح آهي، جنهن بابت لکيل آهي تہ ”مون ايمان آندو ۽ تنهنڪري مون ڳالهايو؛“ تڏهن اسين بہ ايمان ٿا آڻيون، ۽ تنهنڪري ڳالهايون ٿا؛


پر جيڪڏهن اوهان جي ايمان جي خدمت ۽ قربانيءَ تي مون کي پنهنجو رت بہ وهائڻو پوي، تہ بہ آئون خوش ٿيندس، ۽ اوهان سڀني سان گڏجي خوشيون ڪندس؛


ڇالاءِ جو هو مسيح جي ڪم جي ڪري مرڻ تي هو، ۽ پنهنجي جان جوکي ۾ وڌائين، انهي لاءِ تہ منهنجي خدمت ۾ اوهان جي طرفان جيڪا گهٽتائي هئي، سا پوري ڪري.


انهي مان اسان کي پيار جي خبر پيئي آهي، ڇالاءِ جو هن اسان جي لاءِ پنهنجي جان ڏني: ۽ اسان کي بہ پنهنجن ڀائرن لاءِ جان ڏيڻ گهرجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ