Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 3:17 - Sindhi Bible

17 هاڻي اهو خداوند روح آهي؛ ۽ جتي خداوند جو روح آهي اُتي آزادي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 هتي پرميشور مان مراد جيون ڏيندڙ پوِتر آتما آهي ۽ جتي پرميشور جي آتما آهي اتي آزادي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 هتي خداوند مان مراد زندگي ڏيندڙ پاڪ روح آهي ۽ جتي خداوند جو روح آهي اتي آزادي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 ھاڻي، اھو خداوند پاڪ روح آھي ۽ جتي خداوند جو اھو روح آھي اتي آزادي آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 3:17
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پنهنجيءَ نجات جي خوشي مون کي وري عطا ڪر: ۽ آزاد روح سان مون کي سنڀال.


جيارڻ وارو تہ روح آهي، جسم مان ڪو فائدو ڪونهي: هي ڳالهيون جيڪي مون اوهان کي چيون آهن، سي روح ۽ زندگي آهن.


۽ اوهان کي سچ جي خبر پوندي، ۽ سچ اوهان کي آزاد ڪندو.


ڇالاءِ جو زندگيءَ جي روح جي شريعت جا مسيح يسوع ۾ آهي، تنهن مون کي گناهہ ۽ موت جي شريعت کان آزاد ڪري ڇڏيو آهي.


لکيل بہ ائين آهي، تہ ”پهريون ماڻهو، يعني آدم، جيئري جان ٿيو؛“ پويون آدم جياريندڙ روح ٿيو.


پر اسين سڀيئي بي نقاب چهري سان خداوند جو جلال ڏسي، درجي بدرجي خداوند جي روح جي وسيلي سندس جلالي صورت ۾ تبديل ٿيندا ٿا وڃون.


جنهن اسان کي نئين عهد جي خادم ٿيڻ جو لائق ڪيو، نہ لفظن جو پر روح جو؛ ڇالاءِ جو لفظ ماري ٿا وجهن، پر روح جياري ٿو.


۽ جيئن تہ اوهين پٽ آهيو، تنهنڪري خدا پنهنجي فرزند جو روح اسان جي دلين ۾ موڪليو، جو ابا يعني، اي بابا چئي ٿو پڪاري.


مسيح اسان کي آزاديءَ لاءِ آزاد ڪيو؛ تنهنڪري قائم رهو ۽ وري ٻانهپ جي پاڃاريءَ ۾ جوٽجي نہ وڃو.


ڇالاءِ جو، اي ڀائرو، اوهين آزاد ٿيڻ لاءِ سڏيا ويا هئا، پر ائين نہ ٿئي جو آزاديءَ کي جسماني ڳالهين جي لاءِ ڪم ۾ آڻيو؛ پر محبت جي رستي هڪ ٻئي جي خدمت ڪريو.


ڇالاءِ جو خدا اسان کي ڊپ جو روح ڪونہ ڏنو آهي، پر قدرت ۽ محبت ۽ ضابطي جو روح ڏنو اٿس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ