Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 3:12 - Sindhi Bible

12 تنهنڪري اهڙي اميد رکي اسين وڏيءَ دليريءَ سان ڳالهايون ٿا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 تنهنڪري اسين اهڙي اميد جي ڪري وڏي دليريءَ سان سيوا ڪريون ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 تنهنڪري اسين اهڙي اميد جي ڪري وڏي دليريءَ سان خدمت ڪريون ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 تنھنڪري اسين اھڙي اميد جي ڪري وڏي دليريءَ سان ڳالھايون ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 3:12
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يهودي ويڙهي ويس، ۽ چيائونس تہ تون اسان کي ڪيستائين شڪ ۾ رکندين؟ جيڪڏهن تون مسيح آهين تہ اسان کي صاف چئي ڏي.


اهي ڳالهيون مون اوهان کي مثالن ۾ ٻُڌايون آهن، پر اُها گهڙي اچي ٿي جنهن ۾ آئون اوهان سان وري مثالن ۾ ڪين ڳالهائيندس، پر پيءُ بابت صاف صاف ڪري ٻڌائيندوسانوَ.


سندس شاگردن چيو تہ ڏس، هاڻي تون صاف ويٺو چئين، ۽ مثالن ۾ ڪونہ ٿو ڳالهائين.


تنهنڪري هو ڳچ ڏينهن تائين اُتي ترسي پيا، ۽ اُنهي خداوند جي ڀروسي تي همت سان ڳالهائيندا رهيا، جو سندن هٿان نشان ۽ ڪرامتون ڏيکاري، پنهنجي فضل جي ڪلام جي شاهدي ڏيندو رهيو.


هاڻي جڏهن هنن پطرس ۽ يوحنا جي همت ڏٺي، ۽ خبر پين تہ هو اڻ پڙهيل ۽ بي علم ماڻهو آهن، تڏهن عجب لڳن؛ ۽ کين سڃاتائون تہ هو يسوع ساڻ هوندا هئا.


پر برناباس هن کي وٺي رسولن وٽ آيو، ۽ هنن کي ٻُڌايائين تہ ڪهڙيءَ طرح هن واٽ تي خداوند کي ڏٺو، ۽ انهي ساڻس ڳالهايو، ۽ ڪيئن دمشق ۾ بي ڊپو ٿي يسوع جي نالي جي منادي ڪيائين.


۽ همت جهلي خداوند جي منادي پيو ڪندو هو: ۽ يوناني يهودين سان گفتگو ۽ بحث بہ پيو ڪندو هو، پر هو سندس مارڻ جا وجهہ پيا ڳوليندا هئا.


تنهن هوندي بہ ڪليسيا ۾ نامعلوم ٻوليءَ ۾ ڏهہ هزار لفظ ڳالهائڻ کان مون کي اهو زيادہ پسند آهي تہ سمجهہ سان پنج لفظ ڳالهايان، تہ ٻين کي بہ تعليم ڏيئي سگهان.


هاڻي آئون پولس، جو اوهان جي روبرو اوهان سڀني ۾ نوڙت وارو آهيان، پر اوهان جي پرپٺ اوهان ڏانهن چڱي همت وارو آهيان، سو مسيح جي حليميءَ ۽ نرميءَ جو واسطو وجهي پاڻ اوهان کي عرض ٿو ڪريان:


هن ڪري جو جيڪڏهن هو فنا ٿيندڙ جلال وارو هو، تہ هي بقا ڪندڙ تہ ضرور زيادہ جلال وارو هوندو.


پر جڏهن اسان ۾ اهوئي ساڳيو ايمان جو روح آهي، جنهن بابت لکيل آهي تہ ”مون ايمان آندو ۽ تنهنڪري مون ڳالهايو؛“ تڏهن اسين بہ ايمان ٿا آڻيون، ۽ تنهنڪري ڳالهايون ٿا؛


آئون اوهان سان وڏي جرئت ڪري ٿو ڳالهايان، آئون اوهان تي وڏو فخر ٿو ڪريان: مون کي پوري تسلي آهي؛ ۽ آئون پنهنجين سڀني مصيبتن ۾ نهايت خوش ٿو رهان.


۽ جيڪي خداوند ۾ ڀائر آهن، تن مان گهڻن منهنجي قيد ۾ هئڻ ڪري، دلير ۽ بي ڊپا ٿي خدا جي ڪلام ٻُڌائڻ ۾ وڌيڪ جرئت ڪئي آهي.


جو منهنجي دل جي آرزو ۽ اُميد اها آهي، تہ آئون ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ شرمندو نہ ٿيان، بلڪ ڏاڍيءَ بهادريءَ سان هميشہ وانگر هاڻي بہ منهنجي بدن ڪري مسيح جي وڏائي ٿئي، پوءِ توڙي جيئرو رهان يا مري وڃان:


۽ انهي جو اهڙو اظهار ڪريان جهڙو ڳالهائڻ فرض اٿم.


پر اوهان کي اڳيئي خبر آهي تہ فلپيءَ ۾ ڏکن سهڻ ۽ بي عزت ٿيڻ کانپوءِ بہ، پنهنجي خدا ۾ همت جهلي مخالفت جو سامهون ڪري اسان اوهان کي خدا جي خوشخبري ٻُڌائي.


ڇالاءِ جو جيڪي خادمن جي عهدي جو ڪم چڱيءَ طرح ٿا ڪن، سي پنهنجي لاءِ چڱو درجو، ۽ جو ايمان مسيح يسوع ۾ آهي، تنهن ۾ وڏي همت حاصل ٿا ڪن.


انهي ڪري، جيتوڻيڪ مون کي مسيح ۾ هر طرح جي دليري آهي تہ توکي مناسب حڪم ڏيان،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ