Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 2:9 - Sindhi Bible

9 ڇالاءِ جو مون انهي لاءِ بہ لکيو تہ آئون اوهان کي آزمايان تہ سڀني ڳالهين ۾ فرمانبردار آهيو يا نہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 ڏسو، مون انهيءَ واسطي بہ اوهان کي لکيو هو تہ جيئن اوهان کي آزمايان ۽ ڏسان تہ اوهين سڀني ڳالهين ۾ فرمانبردار آهيو يا نہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 ڏسو، مون انهيءَ واسطي بہ اوهان کي لکيو هو تہ جيئن اوهان کي آزمايان ۽ ڏسان تہ اوهين سڀني ڳالهين ۾ فرمانبردار آهيو يا نہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 سو مون انھيءَ لاءِ اوھان کي لکيو تہ جيئن اوھان کي آزمايان ۽ ڏسان تہ اوھين سڀني ڳالھين ۾ منھنجا فرمانبردار آھيو يا نہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 2:9
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ ڏس، آءٌ اوهان جي لاءِ مانين جو مينهن وسائيندس، ۽ ماڻهو هر روز ٻاهر وڃي، هڪڙي ڏينهن جي انداز جيتري گڏ ڪندا، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ کين آزمايان تہ هو منهنجي شريعت تي هلن ٿا يا نہ.


۽ تيار ٿا رهون تہ جڏهن اوهان جي فرمانبرداري پوري ٿئي، تڏهن هر طرح جي نافرمانيءَ جو بدلو وٺون.


۽ مون اها ساڳي ڳالهہ لکي تہ متان جڏهن اچان، تڏهن جن کان خوشيءَ جي اُميد اٿم، تن کان مون کي غم رسي، جو اوهان سڀني جي نسبت ۾ مون کي اهو يقين آهي، تہ منهنجي خوشيءَ ۾ اوهان سڀني جي خوشي آهي.


ڇالاءِ جو مون ڏاڍي ڏک ۽ دلگيريءَ سان، گهڻا ڳوڙها ڳاڙي اوهان ڏانهن لکيو؛ نہ انهي لاءِ تہ اوهين غمگين ٿيو، پر انهي لاءِ تہ جيڪا گهڻي محبت مون کي اوهان سان آهي سا اوهان کي معلوم ٿئي.


تنهنڪري آئون اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ کيس پنهنجيءَ محبت ۾ بحال ڪريو.


تہ ڪهڙيءَ طرح مصيبت جي وڏيءَ آزمائش ۾ انهن جي خوشي وڌي ويئي، ۽ ڏاڍيءَ غريبيءَ جي ڪري سندين سخاوت جي دولت تمام گهڻي ٿي ويئي.


تنهنڪري اوهين پنهنجي محبت، ۽ اوهان جي طرفان اسين جو فخر ٿا ڪريون، سو ڪليسيائن جي روبرو انهن کي ثابت ڪري ڏيکاريو.


تہ تون انهيءَ نبيءَ يا خوابن ڏسڻ واري جي ڳالهہ اصل نہ ٻڌج: ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا اوهان کي آزمائيندو، تہ معلوم ڪري تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجي ساريءَ جان سان پيار ڪريو ٿا يا نہ.


جنهن توکي بيابان ۾ اهڙي من کارائي، جنهن جي تنهنجي ابن ڏاڏن کي خبر ڪانہ هئي؛ انهي لاءِ تہ هو توکي نماڻو ڪري، ۽ توکي آزمائي، ۽ نيٺ تنهنجو ڀلو ڪري:


۽ تون انهي رستي کي ياد رکج، جنهن تي خداوند تنهنجي خدا توکي چاليهہ ورهيہ بيابان ۾ هلايو، انهي لاءِ تہ هو توکي نماڻو ڪري، ۽ توکي آزمائي، ۽ تنهنجيءَ دل جي ڳالهہ معلوم ڪري، تہ تون هن جي حڪمن کي مڃيندين يا نہ.


سو اي منهنجا پيارا ڀائرو، جيئن اوهين هميشہ فرمانبرداري ڪندا آيا آهيو، تيئن نہ رڳو منهنجي حاضريءَ ۾، پر هاڻي منهنجي غير حاضريءَ ۾، اڳي کان بہ زيادہ ڊڄندي ۽ ڏڪندي پنهنجي نجات جو ڪم پورو ڪندا رهو؛


پر اوهان کي ذاتي خبر آهي تہ جيئن ڪو پٽ پيءُ جي خدمت ڪري، تيئن هن مون سان گڏ انجيل ڦهلائڻ جي خدمت ڪئي آهي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو اسان جي هن خط جي ڳالهہ نہ مڃي تہ انهي کي نگاهہ ۾ رکو، ۽ ساڻس سڀ لاڳاپا لاهي ڇڏيو، انهي لاءِ تہ هو شرمندو ٿئي.


مون کي تنهنجي فرمانبرداريءَ جي پڪ آهي ۽ اها خبر اٿم تہ جيڪي آئون چوان ٿو، تنهن کان بہ تون وڌيڪ ڪندين، تنهنڪري آئون تو ڏانهن ٿو لکان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ