Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 2:4 - Sindhi Bible

4 ڇالاءِ جو مون ڏاڍي ڏک ۽ دلگيريءَ سان، گهڻا ڳوڙها ڳاڙي اوهان ڏانهن لکيو؛ نہ انهي لاءِ تہ اوهين غمگين ٿيو، پر انهي لاءِ تہ جيڪا گهڻي محبت مون کي اوهان سان آهي سا اوهان کي معلوم ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 سو مون گھڻي ڏک ۽ دلگيريءَ وچان ڳوڙها وهائيندي وهائيندي اوهان ڏانهن اهو خط لکيو هو. منهنجو مقصد اوهان کي رنج پهچائڻ نہ هو، پر مون چاهيو ٿي تہ اوهين ڄاڻو تہ منهنجو اوهان سان ڪيڏو نہ گھڻو پريم آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 سو مون گھڻي ڏک ۽ دلگيريءَ وچان ڳوڙها وهائيندي وهائيندي اوهان ڏانهن اهو خط لکيو هو. منهنجو مقصد اوهان کي رنج پهچائڻ نہ هو، پر مون چاهيو ٿي تہ اوهين ڄاڻو تہ منهنجي اوهان سان ڪيڏي نہ گھڻي محبت آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 مون اوھان ڏانھن گھڻي ڏک ۽ دلگيريءَ سان ڳوڙھا ڳاڙيندي خط لکيو، انھيءَ لاءِ نہ، تہ اوھان کي غمگين ڪريان، پر ان ڪري جو اوھين ڄاڻو تہ منھنجو اوھان سان ڪيترو نہ گھڻو پيار آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 2:4
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجن اکين مان پاڻيءَ جون نديون پيون وهن، ڇو جو هو تنهنجيءَ شريعت تي عمل نٿا ڪن.


ڇالاءِ تہ مون کي اوهان لاءِ غيرت آهي جهڙي خدا جي غيرت آهي: هن ڪري جو مون اوهان کي هڪڙي مڙس سان مڱايو، انهي لاءِ تہ اوهان کي پاڪ دامن ڪنواريءَ وانگر مسيح وٽ حاضر ڪريان.


۽ آئون گهڻيءَ خوشيءَ سان اوهانجن روحن لاءِ خرچ ڪندس، ۽ پاڻ بہ خرچ ٿي ويندس. جيڪڏهن آئون اوهان کي گهڻو پيار ڪريان، تہ اوهين ڪو مون کي گهٽ پيار ڪندا ڇا؟


ڇالاءِ جو مون انهي لاءِ بہ لکيو تہ آئون اوهان کي آزمايان تہ سڀني ڳالهين ۾ فرمانبردار آهيو يا نہ.


تنهنڪري مون جو اوهان ڏانهن لکيو هو، سو نہ انهي جي ڪري جنهن بي انصافي ڪئي هئي، نڪي انهي جي ڪري جنهن سان بي انصافي ٿي، پر انهي لاءِ تہ اوهان کي جيڪو اسان جي لاءِ فڪر آهي، سو خدا جي اڳيان اوهان تي ظاهر ٿئي.


ڇالاءِ جو جيڪي هلن ٿا، تن مان گهڻيئي مسيح جي صليب جا دشمن آهن، جن جو ذڪر ڪيترائي ڀيرا مون اوهان سان ڪيو آهي، ۽ هاڻي بہ روئي روئي اوهان کي چوان ٿو:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ