Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 13:5 - Sindhi Bible

5 اوهين پاڻ کي جاچي ڏسو تہ ايمان تي آهيو يا نہ؛ ۽ پاڻ کي آزمايو. يا اوهان کي اها خبر ڪانهي ڇا، تہ يسوع مسيح اوهان ۾ آهي؟ بي وفا هجو تہ ٻي ڳالهہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 اوهين پاڻ کي جاچي ڏسو تہ وشواس تي آهيو يا نہ. هائو، اوهين پنهنجو پاڻ کي آزمايو. اوهين ڇو نہ ٿا سمجھو تہ يسوع مسيح اوهان ۾ آهي. جيڪڏهن نہ، تہ اوهين انهيءَ آزمائش ۾ سچا ثابت نہ ٿيا آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 اوهين پاڻ کي جاچي ڏسو تہ ايمان تي آهيو يا نہ. هائو، اوهين پنهنجو پاڻ کي آزمايو. اوهين ڇو نہ ٿا سمجھو تہ عيسيٰ مسيح اوهان ۾ آهي. جيڪڏهن نہ، تہ اوهين انهيءَ آزمائش ۾ سچا ثابت نہ ٿيا آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 اوھين پاڻ کي جاچي ڏسو تہ ايمان تي آھيو يا نہ ۽ پاڻ کي آزمايو. ڇا اوھين پاڻ بابت ھي نہ ٿا ڄاڻو تہ عيسيٰ مسيح اوھان ۾ آھي؟ جيڪڏھن نہ، تہ اوھين آزمائش ۾ بلڪل ناڪام آھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 13:5
50 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون پنهنجين واٽن تي غور ڪيو، ۽ پنهنجا پير تنهنجين شاهدين ڏانهن ورايم.


تو منهنجيءَ دل کي آزمايو آهي؛ ۽ رات جو مون تي نظر ڪئي اٿيئي؛ تو مون کي جاچيو آهي، پر مون ۾ ڪا خرابي ڪانہ ڏٺي اٿيئي؛ مون ارادو ڪيو آهي تہ منهنجي واتان برائي نہ ٿئي.


اي خداوند، منهنجو امتحان وٺ ۽ مون کي آزماءِ؛ منهنجي دل ۽ دماغ کي پرک.


ماڻهو هنن کي روپي جو مٺ سڏيندا، ڇالاءِ جو خداوند هنن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.


اچو تہ اسين پنهنجا رستا ڳوليون ۽ آزمايون، ۽ وري بہ خداوند ڏي ڦرون.


ڇالاءِ جو هو ويچاري ٿو، ۽ جيڪي گناهہ ڪيا اٿس، تن سڀني کان توبهہ ڪري ٿو، تنهنڪري يقيناً هو جيئرو رهندو ۽ مرندو ڪين.


تنهنڪري هاڻي لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ پنهنجين راهن تي ويچار ڪريو.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ پنهنجين راهن تي ويچار ڪريو.


يسوع جواب ڏيئي چيس، تہ جيڪڏهن ڪو مون کي پيار ٿو ڪري، تہ اُهو منهنجي ڪلام تي هلندو، ۽ منهنجو پيءُ پيار ڪندس، ۽ اسين وٽس اينداسين ۽ اچي ساڻس گڏ رهنداسين.


اوهين مون ۾ رهو، ۽ آئون اوهان ۾، جهڙيءَ طرح ٽاري جيسين ڊاک جي ول ۾ نہ رهي، تيسين پاڻ ڦل جهلي نٿي سگهي، تهڙيءَ طرح ٿيڻي نہ آهي جو جيسين اوهين مون ۾ نہ رهو، تيسين اوهين بہ ڦل جهليو.


آئون هنن ۾ ۽ تون مون ۾، تہ اهي پوريءَ طرح سان هڪ ٿي ڪماليت کي پهچن؛ انهي لاءِ تہ دنيا کي خبر پوي تہ تو مون کي موڪليو آهي، ۽ انهن کي پيار ڪيو اٿيئي، جيئن تو مون کي پيار ڪيو آهي.


۽ مون تنهنجو نالو کين ڄاڻايو آهي، ۽ اڃا ڄاڻائيندس، انهيءَ لاءِ تہ جو پيار تو مون سان رکيو آهي، سو انهن ۾ هجي، ۽ آئون بہ منجهن هجان.


جيڪو منهنجو گوشت ٿو کائي ۽ منهنجو رت ٿو پيئي، سو مون ۾ ٿو رهي، ۽ آئون منجهس.


پر هن کيس آزمائڻ لاءِ ائين چيو، ڇالاءِ تہ کيس خبر هئي تہ آئون ڇا ڪندس.


۽ جهڙيءَ طرح هنن خدا کي سڃاڻڻ کان منهن موڙيو، تهڙيءَ طرح خدا بہ کين ناپسند خيالن ۾ ڇڏي ڏنو تہ نالائقيءَ جا ڪم ڪندا وتن؛


۽ جي مسيح اوهان ۾ آهي، تہ بدن گناهہ جي ڪري مُئل آهي، پر روح راستبازيءَ جي ڪري جيئرو آهي.


تنهنڪري هرڪو ماڻهو پاڻ کي پرکي ۽ خيال سان انهيءَ مانيءَ مان کائي ۽ انهيءَ پيالي مان پيئي.


پر جي اسين پاڻ کي جاچيون ها تہ اسان کي سزا نہ ملي ها.


اوهين نٿا ڄاڻو ڇا تہ اوهين خدا جي هيڪل آهيو، ۽ خدا جو روح اوهان ۾ ٿو رهي؟


اوهين نٿا ڄاڻو ڇا تہ اوهان جا بدن مسيح جا عضوا آهن؟ تڏهن آئون مسيح جا عضوا کڻي ڪنهن ڪسبيءَ جا عضوا ڪريان ڇا؟ اصل ئي نہ!


اوهين نٿا ڄاڻو ڇا تہ اوهان جو بدن پاڪ روح جي هيڪل آهي، جو اوهان ۾ رهي ٿو ۽ جو اوهان کي خدا کان مليل آهي؟ ۽ اوهين پاڻ پنهنجا نہ آهيو؛


يا ايترو نٿا ڄاڻو ڇا تہ پاڪ ٿيل دنيا جو انصاف ڪندا؟ ۽ جي دنيا جو انصاف اوهان جي هٿان ٿيڻو آهي، تہ ننڍڙن معاملن جي فيصل ڪرڻ جا بہ اوهين لائق نہ آهيو ڇا؟


اوهان کي خبر ڪانهي ڇا تہ شرط ۾ ڊوڙڻ وارا تہ سڀيئي ٿا ڊوڙن، مگر انعام فقط هڪڙي کي ٿو ملي؟ اوهين بہ اهڙيءَ طرح ڊوڙو جو انعام حاصل ڪريو.


بلڪ آئون پنهنجي بدن کي مُڪون ٿو هڻان ۽ انهي کي قابو ٿو ڪريان، تہ متان ٻين کي منادي ڪرڻ کانپوءِ پاڻ قبول نہ پوان.


۽ خدا جي هيڪل جو بُتن سان ڪهڙو لاڳاپو آهي؟ ڇالاءِ جو اسين جيئري خدا جي هيڪل آهيون، جهڙيءَ طرح ڪ خدا فرمايو آهي تہ ”آئون انهن ۾ رهندس، ۽ انهن ۾ هلندس چلندس، آئون انهن جو خدا ٿيندس ۽ اهي منهنجي اُمت ٿيندا.


آئون مسيح سان گڏ مصلوب ٿيو آهيان، انهي هوندي بہ آئون جيئرو آهيان؛ پر هاڻي آئون جيئرو نٿو رهان، بلڪ مسيح مون ۾ جيئرو ٿو رهي؛ ۽ جيڪا حياتي آئون هاڻي جسم ۾ گذاريان ٿو، سا آئون انهي ايمان تي ٿو گذاريان، جو خدا جي فرزند تي آهي، جنهن مون سان محبت رکي منهنجي بدلي پنهنجي جان ڏنائين.


اي منهنجا ٻار، اوهان جي ڪري مون کي وري ڄڻڻ جا سور لڳا آهن، جيسين ڪ اوهان ۾ مسيح جي صورت پيدا ٿئي!


پر سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجو ڪم پاڻ آزمائڻ کپي، پوءِ هن کي فقط پنهنجي نسبت ۾ فخر ڪرڻ جو وجهہ ملندو، نہ ٻئي جي نسبت ۾.


۽ ايمان جي وسيلي مسيح اوهانجي دلين ۾ گهر ڪري؛ تہ اوهين محبت ۾ پاڙ هڻي ۽ پيڙهہ ڄمائي،


بشرطيڪ اوهين ايمان ۾ مضبوط ۽ قائم رهو، ۽ جيڪا خوشخبري اوهان ٻُڌي آهي، تنهن جي اُميد ڇڏي نہ ڏيو، جنهن جي منادي آسمان جي هيٺان ساري زمين تي ڪل مخلوقات ۾ ڪئي ويئي آهي، ۽ آئون پولس انهي جو خادم آهيان.


جن تي خدا اهو ظاهر ڪرڻ گهُريو تہ غير قومن ۾ انهي راز جي جلال جي دولت ڪهڙي آهي، تہ مسيح جو جلال جي اُميد آهي سو اوهان ۾ رهي ٿو.


پر سر سان لاڳاپو نٿو رکي، جنهن سان سارو بدن، سَنڌن ۽ ٻَنڌن جي ڪري پاڻ ۾ ڳنڍيل ٿو رهي، ۽ پرورش پائي خدا جي برڪت سان وڌندو ٿو وڃي.


۽ منجهس پاڙ ڄمائيندا وڌندا وڃو، ۽ پنهنجي ايمان ۾ اهڙا قائم ٿيندا وڃو، ۽ اهڙي بيحد شڪرگذاري ڪندا رهو، جهڙي اوهان کي تعليم ملي هئي.


پر ٻار ڄڻڻ ڪري زال بچي ويندي، بشرطيڪ ايمان ۽ محبت ۽ پاڪيزگيءَ ۽ پرهيزگاريءَ ۾ قائم رهي.


۽ جهڙيءَ طرح ينيس ۽ يمبريس موسيٰ جي سامهون ٿيا هئا، تهڙيءَ طرح هي ماڻهو بہ سچ جي مخالفت ٿا ڪن؛ اهي اهڙا ماڻهو آهن جن جو عقل بگڙيل آهي ۽ ڪوڙي ايمان جي ڪري رد ٿيل آهن،


اِها شاهدي سچي آهي. انهي ڪري انهن جي سخت ملامت ڪندو رهہ، تان تہ سندن ايمان درست ٿئي،


هو چون ٿا تہ اسان کي خدا جي پروڙ آهي؛ پر پنهنجن ڪمن سان هو انهي جو انڪار ٿا ڪن، جو هو نفرتي ۽ نافرمان آهن، ۽ ڪنهن بہ نيڪ ڪم ڪرڻ جا لائق نہ آهن.


يعني تہ پير مرد پرهيزگار، سنجيدا ۽ سالم دل هجن، ۽ اهي ايمان ۽ محبت ۽ صبر ۾ قائم هجن.


خبرداريءَ سان نظر ڪندا رهو، تہ ڪوبہ ماڻهو خدا جي فضل کان محروم نہ رهجي وڃي؛ متان ڪا ڪَڙي پاڙ ڦُٽي اوهان کي تڪليف ڏئي، ۽ انهي جي ڪري گهڻا ناپاڪ ٿي پون؛


تنهنڪري اسان کي خبردار رهڻ گهرجي تہ جڏهن هن جي آرام ۾ داخل ٿيڻ جو واعدو اڃا باقي رهيل آهي، تڏهن متان ائين نہ ٿئي تہ اوهان مان ڪو پوئتي رهجي وڃي.


پر جي اُها ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا پيدا ڪري تہ نڪمي آهي ۽ لعنتي ٿيڻ کي ويجهو آهي؛ ۽ نيٺ ساڙي وڃي ٿي.


اي زناڪار انسان، اوهان کي خبر ناهي ڇا تہ دنيا جي دوستي خدا سان دشمني آهي؟ تنهنڪري جيڪو دنيا جو دوست ٿيڻ ٿو گهُري، سو پاڻ کي خدا جو دشمن ٿو ڪري.


پنهنجي ايمان تي قائم رهي، سندس مقابلو ڪريو، ڇوتہ اوهين ڄاڻو ٿا تہ اوهان جا ڀائر، جي دنيا ۾ آهن، سي بہ اهڙن ڏکن ۾ پيا گذارين.


تنهنڪري ياد ڪر تہ تون ڪٿان ڪِريو آهين، ۽ توبهہ ڪري اڳئين جهڙا ڪم ڪر؛ نہ تہ آئون تو وٽ ايندس، ۽ جي تون توبهہ نہ ڪندين تہ آئون تنهنجو شمعدان سندس جاءِ تان هٽائي ڇڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ