Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 13:2 - Sindhi Bible

2 جڏهن آئون ٻئي ڀيري حاضر هوس، تڏهن جيئن اڳيئي چيو هوم، تيئن هن ڀيري بہ جڏهن آئون غير حاضر آهيان، انهن کي ٿو چوان جن هيستائين گناهہ پي ڪيا آهن، ۽ ٻين سڀني کي بہ ٿو چوان تہ جڏهن آئون ايندس، تڏهن ڪنهن کي بہ نہ ڇڏيندس؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 جڏهن اڳئين دفعي آءٌ اوهان وٽ موجود هئس، تڏهن اوهان کي ان وقت ئي آگاهہ ڪيو هئم. هاڻي آءٌ غيرحاضريءَ ۾ اڳي کان پاپ ڪندڙن توڙي ٻين سڀني کي ٻيهر آگاهہ ٿو ڪريان تہ جڏهن آءٌ وري ايندس تڏهن ڪنهن کي بہ نہ ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 جڏهن اڳئين دفعي آءٌ اوهان وٽ موجود هئس، تڏهن اوهان کي ان وقت ئي آگاهہ ڪيو هئم. هاڻي آءٌ غيرحاضريءَ ۾ اڳي کان گناهہ ڪندڙن توڙي ٻين سڀني کي ٻيهر آگاهہ ٿو ڪريان تہ جڏهن آءٌ وري ايندس تڏهن ڪنهن کي بہ نہ ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 جڏھن اڳئين دفعي آءٌ اوھان وٽ موجود ھوس، تڏھن اوھان کي ان وقت ئي تاڪيد ڪيو ھوم. ھاڻي آءٌ غيرحاضريءَ ۾ بہ انھن ماڻھن کي، جن ھيستائين گناھہ پئي ڪيا آھن ۽ اھڙن ٻين سڀني کي ٻيھر تاڪيد ٿو ڪريان تہ جڏھن آءٌ وري ايندس تڏھن ڪنھن کي بہ نہ ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 13:2
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن اهڙي شخص کي جسم جي برباديءَ لاءِ شيطان جي حوالي ڪري ڇڏجو، تہ هن جو روح خداوند يسوع جي ڏينهن بچي پوي.


پر آئون خدا کي پنهنجيءَ جان تي شاهد ڪري ٿو سڏيان، تہ اوهان تي ڪهل ڪرڻ جي سانگي آئون ڪرنٿيس ۾ نہ آيس.


ڏسو هي ٽيون ڀيرو آهي جو آئون اوهان ڏانهن اچڻ جي لاءِ تيار ٿيو آهيان؛ ۽ آئون اوهان تي بار نہ ٿيندس؛ ڇالاءِ جو آئون اوهان جو ٻيو ڪي ڪين ٿو گهُران، رڳو اوهان کي ٿو گهُران. هن ڪري جو ٻارن کي مائٽن جي لاءِ جمع ڪري رکڻ نہ گهُرجي، بلڪ مائٽن کي ٻارن جي لاءِ.


انهي نسبت اچڻ کان اڳ ۾ اهي ڳالهيون لکان ٿو، تہ جڏهن اچان، تڏهن مون کي انهي اختيار موجب سختي ڪرڻي نہ پوي، جو خداوند مون کي قائم ڪرڻ لاءِ ڏنو آهي، نہ ڊاهڻ جي لاءِ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ