Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 13:10 - Sindhi Bible

10 انهي نسبت اچڻ کان اڳ ۾ اهي ڳالهيون لکان ٿو، تہ جڏهن اچان، تڏهن مون کي انهي اختيار موجب سختي ڪرڻي نہ پوي، جو خداوند مون کي قائم ڪرڻ لاءِ ڏنو آهي، نہ ڊاهڻ جي لاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 آءٌ پنهنجي غيرحاضريءَ ۾ هي ڳالهيون انهيءَ لاءِ لکان ٿو تہ جڏهن اوهان وٽ اچان تڏهن مون کي انهيءَ اختيار موجب اوهان تي سختي ڪرڻي نہ پوي، جيڪو پرڀو يسوع مون کي انهيءَ لاءِ ڏنو آهي تہ جيئن اهو اوهان کي بگاڙڻ لاءِ نہ، پر بڻائڻ لاءِ ڪم آڻيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 آءٌ پنهنجي غيرحاضريءَ ۾ هي ڳالهيون انهيءَ لاءِ لکان ٿو تہ جڏهن اوهان وٽ اچان تڏهن مون کي انهيءَ اختيار موجب اوهان تي سختي ڪرڻي نہ پوي، جيڪو خداوند عيسيٰ مون کي انهيءَ لاءِ ڏنو آهي تہ جيئن اهو اوهان کي بگاڙڻ لاءِ نہ، پر بڻائڻ لاءِ ڪم آڻيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 آءٌ پنھنجي غيرحاضريءَ ۾ ھي ڳالھيون لکان ٿو تہ جڏھن اوھان وٽ اچان تڏھن مون کي اختيار موجب اوھان تي سختي ڪرڻي نہ پوي. اھو اختيار خداوند مون کي اوھان جي بگاڙڻ جي لاءِ نہ، بلڪ سڌارڻ لاءِ ڏنو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 13:10
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين ڇا ٿا گهُرو؟ آئون لٺ کڻي اوهان وٽ اچان يا پيار ۽ نرم مزاجيءَ سان؟


جڏهن اوهين ۽ منهنجو روح خداوند يسوع جي قدرت سان پاڻ ۾ گڏجو،


هائو، آئون اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ متان حاضر ٿي ڪري مون کي انهيءَ دليريءَ سان همت ڏيکارڻي پوي، جنهن سان آئون ڪن ماڻهن تي دلير ٿيڻ جو ارادو ٿو ڪريان، جي اسان جي بابت ائين ٿا سمجهن تہ اسين جسماني طور هلت ٿا ڪريون.


ڇالاءِ جو اسان جي جنگ جا هٿيار جسماني نہ آهن، پر اهڙا سگهارا آهن جو خدا جي وسيلي مضبوط قلعا بہ ڊاهيو وجهن؛


ڇالاءِ جو جيڪڏهن آئون کڻي انهي اختيار تي گهڻو فخر ڪريان (جو خداوند اوهان کي قائم ڪرڻ لاءِ مون کي ڏنو ۽ نہ اوهان کي ڊاهي ڇڏڻ لاءِ) تڏهن بہ آئون شرمندو نہ ٿيندس.


جڏهن آئون ٻئي ڀيري حاضر هوس، تڏهن جيئن اڳيئي چيو هوم، تيئن هن ڀيري بہ جڏهن آئون غير حاضر آهيان، انهن کي ٿو چوان جن هيستائين گناهہ پي ڪيا آهن، ۽ ٻين سڀني کي بہ ٿو چوان تہ جڏهن آئون ايندس، تڏهن ڪنهن کي بہ نہ ڇڏيندس؛


ڇالاءِ جو اسين سچ جي برخلاف ڪجهہ بہ ڪري نٿا سگهون، پر فقط سچ جي لاءِ ڪري ٿا سگهون.


۽ مون اها ساڳي ڳالهہ لکي تہ متان جڏهن اچان، تڏهن جن کان خوشيءَ جي اُميد اٿم، تن کان مون کي غم رسي، جو اوهان سڀني جي نسبت ۾ مون کي اهو يقين آهي، تہ منهنجي خوشيءَ ۾ اوهان سڀني جي خوشي آهي.


پاڪيزگيءَ ۾، علم ۾، گهڻي تحمل ۾، مهربانيءَ ۾، پاڪ روح ۾، خالص محبت ۾،


اِها شاهدي سچي آهي. انهي ڪري انهن جي سخت ملامت ڪندو رهہ، تان تہ سندن ايمان درست ٿئي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ