Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 12:18 - Sindhi Bible

18 مون طيطس کي سمجهائي ساڻس گڏ هن ڀاءُ کي بہ موڪليو. پوءِ طيطس اوهان کان ڪو فائدو ورتو ڇا؟ اسان ٻنهي جي هلت هڪڙي ئي روح جي هدايت موجب نہ هئي ڇا؟ ۽ هڪڙي ئي طريقي تي نہ هلياسين ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 مون طيطس کي اوهان ڏانهن اچڻ لاءِ تاڪيد ڪيو ۽ ساڻس گڏ ٻيو ڀاءُ بہ موڪليم. پوءِ طيطس اوهان مان ڪو ناجائز فائدو ورتو ڇا؟ اسان ٻنهي ساڳيءَ ئي نيت سان ڪم نہ ڪيو ڇا؟ اسين ٻئي ساڳئي ئي پير تي نہ هلياسين ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 مون طيطس کي اوهان ڏانهن اچڻ لاءِ تاڪيد ڪيو ۽ ساڻس گڏ ٻيو ڀاءُ بہ موڪليم. پوءِ طيطس اوهان مان ڪو ناجائز فائدو ورتو ڇا؟ اسان ٻنهي ساڳيءَ ئي نيت سان ڪم نہ ڪيو ڇا؟ اسين ٻئي ساڳئي ئي پير تي نہ هلياسين ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 مون طيطس کي اوھان ڏانھن اچڻ لاءِ منٿ ڪئي ۽ ساڻس گڏ ٻيو ڀاءُ بہ موڪليم. پوءِ طيطس اوھان مان ڪو ناجائز فائدو ورتو ڇا؟ اسان ٻنھي ساڳيءَ ئي نيت سان ڪم نہ ڪيو ڇا؟ اسين ٻئي ساڳئي ئي پير تي نہ ھلياسين ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 12:18
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کان سواءِ، جنهن وقت مان يهوداہ جي ملڪ ۾ هنن جو حاڪم مقرر ٿيس، تنهن وقت کان وٺي، يعني ارتخششتا بادشاهہ جي ويهين سال کان وٺي، ٻٽيهين سال تائين، يعني ٻارهن سال، مون ۽ منهنجن ڀائرن، حاڪم جي ماني نہ کاڌي آهي.


تڏهن موسيٰ ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ خداوند کي چيائين تہ تون انهن جي قرباني قبول نہ ڪر، مون انهن کان هڪڙو گڏهہ بہ ڪونہ ورتو آهي، نڪي هنن مان ڪنهن کي ڪو ايذاءُ رسايو اٿم.


۽ انهن ختني وارن جو بہ ابو ٿئي، جن جو نہ فقط ختنو ٿيل آهي پر جي اسان جي پيءُ ابراهيم جي انهي ايمان جي پيروي بہ ٿا ڪن، جو هن کي بنا ختني واريءَ حالت ۾ هو.


اوهين ڇا ٿا گهُرو؟ آئون لٺ کڻي اوهان وٽ اچان يا پيار ۽ نرم مزاجيءَ سان؟


اسان کي قبول ڪريو، اسان ڪنهن سان بہ ظلم نہ ڪيو، نڪي ڪنهن کي بگاڙيو، نڪي ڪنهن کي ٺڳيو.


انهي هوندي بہ جيڪو نماڻن کي تسلي ٿو ڏئي، يعني خدا، تنهن طيطس جي اچڻ ڪري اسان کي تسلي ڏني:


ايتري قدر جو اسان طيطس کي هدايت ڪئي، تہ جيئن هن پهرين اوهان ۾ اها نعمت شروع ڪئي هئي، تيئن انهي کي پورو بہ ڪري.


ڇالاءِ جو انهي لاءِ ئي اوهين سڏيا ويا آهيو: هن ڪري جو مسيح بہ اوهان جي لاءِ ڏک سَٺا، ۽ اوهان کي هڪڙو نمونو ڏيئي ويو تہ اوهين بہ سندس پيروي ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ