Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 12:16 - Sindhi Bible

16 پر اوهين ڀلي ائين سمجهو تہ مون پاڻ اوهان تي بار نہ وڌو؛ پر چالاڪي ڪري اوهان کي فريب سان ڦاسايم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 بس! اهو ظاهر ٿي ويو تہ آءٌ اوهان تي بار نہ بڻيس. پر ڪي وري ائين چون ٿا تہ مون چالاڪي ڪري اوهان کي ٺڳيءَ سان ڦاسايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 بس! اهو ظاهر ٿي ويو تہ آءٌ اوهان تي بار نہ بڻيس. پر ڪي وري ائين چون ٿا تہ مون چالاڪي ڪري اوهان کي ٺڳيءَ سان ڦاسايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 اوھين قبول ڪندا تہ مون پاڻ اوھان تي بار نہ وڌو، تنھن ھوندي بہ متان ڪو ائين چوي تہ مون چالاڪي ڪري اوھان کي ٺڳيءَ سان ڦاسايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 12:16
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو اسان جو فخر هيءُ آهي، ۽ اسان جي دل بہ شاهدي ٿي ڏئي، تہ اسان دنيا ۾ ۽ خاص ڪري اوهان ۾ جيڪا هلت چلت ڪئي، سا جسماني ڏاهپ سان نہ، پر پاڪيزگيءَ، ۽ راستبازيءَ، ۽ خدا جي فضل سان.


هن ڪري جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو اوهان کي غلام ٿو بنائي، يا جيڪڏهن اهو اوهان کي کائي ٿو وڃي، يا اهو اوهان کي ڦاسائي ٿو، يا پنهنجي وڏائي ٿو ڪري، يا اوهان کي منهن تي چماٽ ٿو هڻي، تہ اوهين انهي جي برداشت ٿا ڪريو.


ڇالاءِ جو اُها ڪهڙي ڳالهہ آهي جنهن ۾ اوهين ٻين ڪليسيائن کان گهٽ ٿيا، سواءِ هن جي تہ آئون اوهان تي بار نہ ٿيس؟ انهيءَ بي انصافيءَ جي مون کي معافي ڏيو!


پر اسان بي شرميءَ ۽ ٺڳيءَ جون ڳالهيون ڇڏي ڏنيون آهن، ۽ مڪارن وانگر نٿا هلون، نڪي خدا جي ڪلام ۾ ملاوت ٿا ڪريون، پر سچ کي پڌرو ٿا ڪريون، تہ خدا جي اڳيان اسان لاءِ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جي دل ۾ خاطري ٿئي.


عزت ۽ بي عزتيءَ سان، بدناميءَ ۽ نيڪ ناميءَ سان؛ ٺڳن وانگر، مگر سچار؛


اسان کي قبول ڪريو، اسان ڪنهن سان بہ ظلم نہ ڪيو، نڪي ڪنهن کي بگاڙيو، نڪي ڪنهن کي ٺڳيو.


ڇالاءِ جو اسان جي نصيحت گمراہ ڪندڙ ناهي؛ نڪي ناپاڪ يا ٺڳيءَ واري آهي:


ڇالاءِ جو اوهان کي خبر آهي تہ اسان ڪڏهن بہ خوشامد وارا لفظ ڪم نہ آندا آهن، نہ اُنهن کي لالچ جو پردو ڪيو اٿئون، ۽ انهيءَ جو خدا شاهد آهي؛


ڇالاءِ جو اوهان خداوند جي مهربانيءَ جو سواد چکيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ