Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 12:14 - Sindhi Bible

14 ڏسو هي ٽيون ڀيرو آهي جو آئون اوهان ڏانهن اچڻ جي لاءِ تيار ٿيو آهيان؛ ۽ آئون اوهان تي بار نہ ٿيندس؛ ڇالاءِ جو آئون اوهان جو ٻيو ڪي ڪين ٿو گهُران، رڳو اوهان کي ٿو گهُران. هن ڪري جو ٻارن کي مائٽن جي لاءِ جمع ڪري رکڻ نہ گهُرجي، بلڪ مائٽن کي ٻارن جي لاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 هاڻي آءٌ ٽيون دفعو اوهان وٽ اچڻ لاءِ تيار آهيان ۽ وري بہ اوهان تي بار نہ ٿيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جي ڌن دولت کي نہ، پر اوهان کي چاهيان ٿو. ڌن دولت تہ ماتا پتا کي ٻارن جي لاءِ گڏ ڪري رکڻ گھرجي، نہ ٻارن کي ماتا پتا جي لاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 هاڻي آءٌ ٽيون دفعو اوهان وٽ اچڻ لاءِ تيار آهيان ۽ وري بہ اوهان تي بار نہ ٿيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جي ڌن دولت کي نہ، پر اوهان کي چاهيان ٿو. ڌن دولت تہ ماءُ پيءُ کي ٻارن جي لاءِ گڏ ڪري رکڻ گھرجي، نہ ٻارن کي ماءُ پيءُ جي لاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 ھاڻي آءٌ ٽيون دفعو اوھان وٽ اچڻ لاءِ تيار آھيان ۽ اوھان تي بار نہ ٿيندس. ڇالاءِ⁠جو مون کي اوھان جي مال جي نہ بلڪ اوھان جي ضرورت آھي. ھن ڪري جو ٻارن کي ماءُ⁠پيءُ جي لاءِ نہ، بلڪ ماءُ⁠پيءُ کي ٻارن جي لاءِ گڏ ڪري رکڻ گھرجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 12:14
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سچي جو ڦل حياتيءَ جو وڻ آهي؛ ۽ جيڪو ڏاهو آهي سو دلين کي موهي وجهي ٿو.


چڱو ماڻهو پنهنجي اولاد جي اولاد لاءِ بہ ورثو ڇڏي ٿو؛ پر گنهگارن جي دولت سچن جي لاءِ سانڍي رکيل آهي.


گهر ۽ دولت ابن کان ملڻ واري ميراث آهي: پر سياڻي زال خداوند کان ٿي ملي.


اي آدمزاد، اسرائيل جي ڌنارن جي برخلاف نبوت ڪر؛ نبوت ڪري انهن کي، يعني انهن ڌنارن کي چئو، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ويل آهي اسرائيل جي ڌنارن سان، جي پاڻ کي چارين ٿا! ڌنارن کي ائين نہ ڪرڻ گهرجي ڇا تہ رڍن کي چارين؟


مون ڪنهن جي بہ چاندي ۽ سون يا ڪپڙي جي لالچ نہ ڪئي.


ڪوبہ ماڻهو پنهنجو فائدو نہ ڳولي، پر ٻئي جو ڳولي.


جهڙيءَ طرح آئون سڀ ڪنهن کي سڀني ڳالهين ۾ راضي ٿو ڪريان، ۽ پنهنجي فائدي جو نہ، پر گهڻن جي فائدي جو طالب آهيان، انهي لاءِ تہ نجات ملينِ.


جيڪڏهن ڪنهن کي بک هجي تہ ڀلي پنهنجي گهر کائي، تہ متان اوهان جو گڏ ٿيڻ سزا جو سبب ٿئي. باقي ٻيون ڳالهيون جڏهن آئون ايندس، تڏهن اچي درست ڪندس.


پر آئون اوهان وٽ تڏهن ايندس، جڏهن مڪدونيہ مان لنگهندس، ڇالاءِ جو آئون مڪدونيہ مان لنگهڻ وارو آهيان.


پر جي خدا جي مرضي ٿي تہ آئون جلد اوهان وٽ ايندس، ۽ جيڪي ٻٽاڪي آهن تن جي ڳالهين جي نہ، پر هنن جي طاقت جي خبر لهندس.


جيڪڏهن ٻين کي اوهان جي مٿان اهو اختيار آهي تہ اسان کي انهي کان وڌيڪ نہ آهي ڇا؟ انهي هوندي بہ اسان اهو اختيار نہ هلايو، پر اسين سڀ ڪجهہ برداشت ٿا ڪريون، انهي لاءِ تہ مسيح جي خوشخبري ڦهلائڻ ۾ ڪا رنڊڪ نہ وجهون.


تڏهن منهنجو اُجورو ڪهڙو ٿيو؟ اهو تہ جڏهن انجيل جي منادي ڪريان تڏهن اُها مفت ٻُڌايان، ۽ انجيل جي نسبت ۾ جيڪو منهنجو حق آهي، سو پوريءَ طرح ڪم نہ آڻيان.


ڇالاءِ تہ جيتوڻيڪ آئون سڀني ماڻهن کان آزاد هوس، تہ بہ مون پاڻ کي سڀني جو غلام ڪيو، انهي لاءِ تہ گهڻن کي ڇڪي آڻيان.


۽ انهي اعتقاد تي مون ارادو ڪيو تہ پهرين اوهان ڏانهن اچان، تہ اوهان کي ٻيڻي نعمت ملي؛


۽ جڏهن آئون اوهان وٽ هوس، تڏهن گهرج هوندي بہ آئون ڪنهن تي بار ڪين ٿيس؛ ڇالاءِ جو ڀائرن مڪدونيہ مان اچي منهنجون سڀ گهرجون پوريون ڪيون؛ ۽ هر ڪنهن ڳالهہ ۾ اوهان تي بار وجهڻ کان مون پاڻ کي روڪيو، ۽ انهيءَ طرح اڳتي بہ روڪيندو رهندس.


ڇالاءِ جو اُها ڪهڙي ڳالهہ آهي جنهن ۾ اوهين ٻين ڪليسيائن کان گهٽ ٿيا، سواءِ هن جي تہ آئون اوهان تي بار نہ ٿيس؟ انهيءَ بي انصافيءَ جي مون کي معافي ڏيو!


اي منهنجا ٻار، اوهان جي ڪري مون کي وري ڄڻڻ جا سور لڳا آهن، جيسين ڪ اوهان ۾ مسيح جي صورت پيدا ٿئي!


تنهنڪري، اي منهنجا پيارا ڀائرو، جن جو آئون مشتاق آهيان ۽ جي منهنجي خوشي ۽ تاج آهيو، خداوند ۾ انهي طرح قائم رهو.


ائين نہ آهي تہ آئون بخشش ٿو گهُران؛ پر آئون اُهو ڦل ٿو گهُران جو اوهان جي بِلي وڌندو وڃي.


۽ اوهين ڄاڻو ٿا تہ جهڙيءَ طرح ڪو پيءُ پنهنجن ٻارن سان هلندو آهي، تهڙيءَ طرح اسين بہ اوهان مان هرهڪ سان هلياسين؛ ۽ اوهان کي دلداري ڏيئي، اوهان کي همتايوسين ۽ نصيحت ڪئي سين؛


اهڙيءَ طرح اسان کي اوهان جي ڏاڍي سڪ هئي، تنهنڪري نہ فقط اوهان کي خدا جي خوشخبري ڏيڻ لاءِ تيار هئاسين، پر پنهنجو ساهہ بہ ڏيڻ لاءِ تيار هئاسين، جو اوهين اسان کي ڏاڍا پيارا ٿي لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ