Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 12:10 - Sindhi Bible

10 تنهنڪري آئون مسيح جي خاطر ڪمزورين ۾، ايذائن ۾، احتياجن ۾، ستائجڻ ۾، ۽ مصيبتن ۾ خوش ٿو رهان؛ ڇالاءِ جو جڏهن آئون ڪمزور آهيان، تڏهن زوراور آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 سو آءٌ مسيح جي خاطر ڪمزورين ۾، اپمانن ۾، گھُرجن ۾، ستائجڻ ۾ ۽ مشڪلاتن ۾ خوش ٿو رهان، ڇاڪاڻ تہ جڏهن آءٌ ڪمزور هوندو آهيان تڏهن ئي آءٌ طاقتور هوندو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 سو آءٌ مسيح جي خاطر ڪمزورين ۾، بي‌عزتين ۾، گھُرجن ۾، ستائجڻ ۾ ۽ مشڪلاتن ۾ خوش ٿو رهان، ڇاڪاڻ تہ جڏهن آءٌ ڪمزور هوندو آهيان تڏهن ئي آءٌ طاقتور هوندو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 سو آءٌ مسيح جي خاطر ڪمزورين ۾، بي⁠عزتين ۾، گھُرجن ۾، مشڪلاتن ۾ ۽ ستائجڻ ۾ خوش ٿو رھان. ڇالاءِ⁠جو جڏھن آءٌ ڪمزور ھوندو آھيان تڏھن آءٌ طاقتور ھوندو آھيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 12:10
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مبارڪ آهيو اوهين، جڏهن ابن آدم جي ڪري ماڻهو اوهان کي ڌڪاريندا، ۽ اوهان کي ڪڍي ڌار ڪندا، ۽ ڦٽ لعنت ڪندا، ۽ اوهان جي نالي کي بڇڙو سمجهي رد ڪندا.


پر اهي سڀ ڳالهيون هو منهنجي نالي ڪري اوهان سان ڪندا، ڇالاءِ جو جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن کي نٿا سڃاڻن.


سو هو مجلس منجهان هن ڪري خوشيون ڪندا نڪري ويا، تہ انهي نالي جي ڪري اسان کي بي عزت ڪرڻ جو لائق سمجهيو اٿن.


نہ رڳو ايترو پر پنهنجين مصيبتن ۾ بہ خوشي ڪريون: جو اسان کي خبر آهي تہ مصيبت مان صبر پيدا ٿو ٿئي؛


اسين مسيح جي خاطر بيوقوف آهيون، پر اوهين مسيح ۾ ڏاها آهيو؛ اسين ضعيف آهيون، پر اوهين زور وارا آهيو. اوهين عزت وارا آهيو، پر اسين بي عزت آهيون.


جو اسانجين سڀني مصيبتن ۾ اسان کي تسلي ٿو ڏئي، انهي لاءِ تہ جيڪا تسلي خدا خود اسان کي ٿو ڏئي، تنهن جي وسيلي اسين اُنهن ٻين کي بہ تسلي ڏيئي سگهون جي ڪنهن مصيبت ۾ آهن.


ڇالاءِ جو جيڪو پنهنجي تعريف ٿو ڪري سو قبول نٿو پوي، پر اهو جنهن جي خداوند تعريف ٿو ڪري.


پر هن مون کي چيو تہ منهنجو فضل تنهنجي لاءِ ڪافي آهي؛ ڇالاءِ جو منهنجي قدرت ڪمزورين ۾ ڪامل ٿي ٿئي. تنهنڪري ڏاڍيءَ خوشيءَ سان آئون پنهنجين ڪمزورين تي فخر ٿو ڪريان، تہ مسيح جي قدرت منهنجي مٿان ڇانيل رهي.


جيتوڻيڪ هو ڪمزوريءَ جي ڪري صليب تي چاڙهيو ويو، تہ بہ خدا جي قدرت ڪري جيئرو آهي. ڇالاءِ جو اسين بہ هن ۾ ڪمزور آهيون، مگر خدا جي قدرت سان اوهان لاءِ ساڻس گڏ جيئنداسين.


هن ڪري جو جڏهن اسين ڪمزور آهيون ۽ اوهين زور وارا آهيو، تڏهن اسان کي خوشي ٿي ٿئي، ۽ اسين اها بہ دعا ٿا گهُرون تہ اوهين ڪامل ٿيو.


ڇالاءِ جو اسان جي هيءَ هلڪي مصيبت جا ٿوري وقت لاءِ آهي، سا اسان جي واسطي بيحد وڏو ۽ ابدي جلال ٿي پيدا ڪري؛


ڇالاءِ جو اسين پنهنجي منادي نٿا ڪريون، پر مسيح يسوع جي منادي ٿا ڪريون تہ هو خداوند آهي، ۽ پنهنجي لاءِ هيئن ٿا چئون تہ يسوع جي خاطر اوهان جا خادم آهيون.


۽ هو سڀني جي لاءِ مُئو تہ جيڪي جيئرا آهن سي اڳتي پنهنجي لاءِ نہ، پر انهي جي لاءِ جيئن، جو سندن واسطي مُئو ۽ وري جي اُٿيو.


تنهنڪري اسين مسيح جي طرفان ايلچي آهيون، ڄڻ تہ اسان جي وسيلي خدا اوهان کي منٿ ٿو ڪري، ۽ اسين اوهان کي مسيح جي پاران نيزاري ٿا ڪريون، تہ خدا سان ميل ميلاپ ڪريو.


پر سڀ ڪنهن ڳالهہ ۾ پاڻ کي خدا جا خادم ڄاڻائي، پنهنجي نيڪي ظاهر ٿا ڪريون: ڏاڍي صبر ۾، مصيبتن ۾، ضرورتن ۾، تنگ حالتن ۾؛


آئون اوهان سان وڏي جرئت ڪري ٿو ڳالهايان، آئون اوهان تي وڏو فخر ٿو ڪريان: مون کي پوري تسلي آهي؛ ۽ آئون پنهنجين سڀني مصيبتن ۾ نهايت خوش ٿو رهان.


پڇاڙيءَ ۾ آئون چوان ٿو تہ، خداوند ۾ ۽ سندس قدرت جي ڪري زور وارا ٿيو.


ڇالاءِ جو مسيح جي خاطر اوهان ئي تي اهو فضل ٿيو آهي تہ نہ رڳو هن تي ايمان آڻيو، پر هن جي لاءِ ڏک بہ سهو.


هاڻي آئون اوهان جي خاطر پنهنجن ڏکن ۾ خوش ٿو رهان، ۽ مسيح جي مصيبتن جي ڪمي سندس بدن، يعني ڪليسيا جي لاءِ پنهنجي بدن ۾ پوري ٿو ڪريان.


ايتري قدر جو اسين پاڻ خدا جي ڪليسيائن ۾ اوهان تي اِهو فخر ٿا ڪريون تہ جيڪي ظلم ۽ مصيبتون اوهين سهو ٿا، تن سڀني ۾ اوهان جو صبر ۽ ايمان ظاهر ٿو ٿئي؛


مصيبت، عذاب ۽ اُهي ڏک جي انطاڪيہ ۽ اڪونيم ۽ لسترہ ۾ مون تي پيا، ۽ جي مون سَٺا، سي ڏٺا آهن؛ ۽ انهن سڀني مان خدا مون کي ڇڏايو.


اي منهنجا ڀائرو، جڏهن اوهين طرح طرح جي آزمائشن ۾ پئو، تڏهن انهن کي وڏي خوشيءَ جي ڳالهہ ڪري سمجهو؛


۽ تون تحمل وارو آهين، ۽ منهنجي نالي سختيون سهندي سهندي بہ ڪين ٿَڪين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ