Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 11:23 - Sindhi Bible

23 ڇا هو ئي مسيح جا خادم آهن؟ (اهو آئون پاڳل وانگر ٿو چوان) آئون انهن کان بہ وڌيڪ آهيان؛ محنتن ۾ گهڻو وڌيڪ، قيدن ۾ گهڻو وڌيڪ؛ چهبڪن کائڻ ۾ حد کان زيادہ، موت جي منهن ۾ گهڻائي ڀيرا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 ڇا هو ئي مسيح جا سيوڪ آهن؟ آءٌ ديواني وانگر ڳالهايان ٿو تہ آءٌ انهن کان بهتر سيوڪ آهيان. مون انهن کان وڌيڪ سخت محنت ڪئي آهي. آءٌ انهن کان ڪيترائي دفعا وڌيڪ قيد ۾ رهيو آهيان. مون انهن کان وڌيڪ چهبڪ کاڌا آهن. آءٌ گھڻا ئي دفعا موت جي منهن ۾ ويو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 ڇا هو ئي مسيح جا خادم آهن؟ آءٌ ديواني وانگر ڳالهايان ٿو تہ آءٌ انهن کان بهتر خادم آهيان. مون انهن کان وڌيڪ سخت محنت ڪئي آهي. آءٌ انهن کان ڪيترائي دفعا وڌيڪ قيد ۾ رهيو آهيان. مون انهن کان وڌيڪ چهبڪ کاڌا آهن. آءٌ گھڻا ئي دفعا موت جي منهن ۾ ويو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 ڇا ھو ئي مسيح جا خادم آھن؟ آءٌ ديواني وانگر ڳالھايان ٿو تہ آءٌ انھن کان بھتر خادم آھيان. مون انھن کان وڌيڪ سخت محنت ڪئي آھي. آءٌ انھن کان ڪيترائي دفعا وڌيڪ قيد ۾ رھيو آھيان. مون انھن کان وڌيڪ چھبڪ کاڌا آھن. آءٌ گھڻا ئي دفعا موت جي منھن ۾ ويو آھيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 11:23
43 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يرمياہ باروڪ کي حڪم ڪري چيو تہ آءٌ بند ۾ پيو آهيان؛ ۽ آءٌ خداوند جي گهر ۾ وڃي نٿو سگهان:


پر ڪي يهودي انتاڪيہ ۽ اڪونيم مان اتي آيا، ۽ ماڻهن کي پنهنجي پاسي ڪري پولس کي سنگسار ڪيائون؛ ۽ ڀانيائون تہ هو مري ويو آهي، سو گهلي شهر کان ٻاهر ڇڏي آيس.


رڳو ايترو، تہ پاڪ روح سڀ ڪنهن شهر ۾ شاهدي ڏيئي مون کي ٻُڌائي ٿو، تہ بند ۽ مصيبتون منهنجي لاءِ تيار رکيون آهن.


۽ اسان وٽ اچي، پولس جو ڪمربند کڻي، پنهنجا هٿ پير ٻَڌي چوڻ لڳو، تہ پاڪ روح هيئن ٿو چوي، تہ جنهن شخص جو هي ڪمربند آهي، تنهن کي يهودي يروشلم ۾ هن طرح ٻَڌندا، ۽ غير قومن جي حوالي ڪري ڇڏيندا.


۽ هو ڪيترا ڏينهن اتي ٽڪي پيا، سو فيستس پولس جي مقدمي جو احوال بادشاهہ کي ٻُڌايو، ۽ چيائين تہ هڪڙو شخص آهي جنهن کي فيلڪس قيد ۾ ڇڏي ويو آهي؛


۽ جڏهن اهو ٺهراءُ ٿيو تہ اسين جهاز ۾ چڙهي اطاليہ ڏانهن وڃون، تڏهن هنن پولس ۽ ٻين قيدين کي شهنشاهي پلٽڻ جي هڪڙي يوليس نالي صوبيدار جي حوالي ڪيو.


۽ جڏهن روم ۾ پهتاسين، تڏهن پولس کي خلاصو رهڻ جي موڪل ملي، پر هڪڙو سپاهي مٿس پهرو ڏيندو هو.


۽ هو پورا ٻہ ورهيہ پنهنجي مسواڙ واري گهر ۾ رهندو آيو، ۽ جيڪي وٽس ايندا هئا، تن سان گڏبو هو.


جو آئون ڏيکاريندوسانس تہ منهنجي نالي جي صدقي کيس ڪيترا نہ ڏک سهڻا پوندا.


جيئن ڪ لکيل آهي تہ ”تنهنجي خاطر سارو ڏينهن پيا مارجون، اسين ڪوس جي رڍن وانگر ليکجي وياسين.“


پر جيڪي آهيان سو خدا جي فضل سان آهيان، ۽ سندس فضل، جيڪو مون کي مليو، سو اجايو نہ ٿيو. پر مون پاڻ هنن سڀني کان گهڻي محنت ڪئي، انهي هوندي بہ اهو آئون ڪين هوس، پر خدا جو فضل هو، جو مون سان هو.


اپلوس ڪير آهي؟ ۽ پولس ڪير آهي؟ اُهي خادم آهن جن جي وسيلي اوهان ايمان آندو، ۽ جيئن هر ڪنهن کي خدا برڪت ڏني تيئن هن خدمت ڪئي.


گهرجي تہ ماڻهو اسان کي مسيح جا خادم ۽ خدا جي رازن جا مختيار سمجهن.


بلڪ هن گهڙيءَ تائين اسين بکيا ۽ اُڃيا ۽ اُگهاڙا بہ آهيون، ۽ ڌڪا پيا کائون، ۽ ڪا رهڻ جي جاءِ ڪانہ اٿئون؛


ڇالاءِ جو آئون ڀانيان ٿو تہ خدا اسان رسولن کي سڀني کان پويون ٺهرائي، اهڙن ماڻهن وانگر پڌرو ڪيو آهي، جن کي موت جي سزا ڏنل هجي؛ هن ڪري جو اسين جهان ۽ ملائڪن ۽ ماڻهن لاءِ هڪڙو تماشو ڪيا ويا آهيون.


انهن شين تي نظر ڪريو جي اوهان جي اکين اڳيان آهن. جي ڪنهن کي پاڻ تي اهو اعتبار آهي تہ هو مسيح جو آهي، تہ انهي کي پنهنجي دل ۾ اهو خيال بہ ڪرڻ گهرجي تہ جيئن هو پاڻ مسيح جو آهي تيئن اسين بہ آهيون.


ڇالاءِ جو آئون پاڻ کي انهن افضل رسولن کان ذرو بہ گهٽ نٿو سمجهان.


جنهن اسان کي نئين عهد جي خادم ٿيڻ جو لائق ڪيو، نہ لفظن جو پر روح جو؛ ڇالاءِ جو لفظ ماري ٿا وجهن، پر روح جياري ٿو.


ڇالاءِ جو اسين جي جيئرا آهيون، سي هميشہ يسوع جي خاطر موت جي حوالي ڪيا ٿا وڃون، انهي لاءِ تہ يسوع جي زندگي بہ اسان جي فاني جسم ۾ ظاهر ٿئي.


گمنامن وانگر، مگر مشهور؛ مُئلن وانگر، مگر ڏسو اسين جيئون پيا؛ سزا يافتن وانگر، مگر ماري وڌل نہ؛


اڄ کان وٺي اڳتي ڪوبہ ماڻهو مون کي تڪليف نہ ڏئي؛ ڇالاءِ جو منهنجي بدن تي يسوع جا داغ آهن.


انهي سبب آئون پولس، جو اوهان غير قومن وارن جي خاطر مسيح يسوع جو قيدي آهيان –


تنهنڪري آئون، جو خداوند ۾ قيدي آهيان، سو اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ جنهن ڪوٺ سان اوهين ڪوٺيا ويا آهيو، انهي جي لائق هلو،


جنهن جي لاءِ آئون زنجيرن ۾ ٻَڌل ايلچي آهيان؛ تہ انهي کي دليريءَ سان اهڙو بيان ڪريان، جهڙو بيان ڪرڻ مون تي فرض آهي.


ايتري قدر جو شاهي پلٽڻ جي سڀني سپاهين ۽ ٻين سڀني کي معلوم ٿي ويو آهي تہ آئون مسيح جي خاطر قيد ۾ پيو آهيان؛


پر جيڪڏهن اوهان جي ايمان جي خدمت ۽ قربانيءَ تي مون کي پنهنجو رت بہ وهائڻو پوي، تہ بہ آئون خوش ٿيندس، ۽ اوهان سڀني سان گڏجي خوشيون ڪندس؛


هاڻي آئون اوهان جي خاطر پنهنجن ڏکن ۾ خوش ٿو رهان، ۽ مسيح جي مصيبتن جي ڪمي سندس بدن، يعني ڪليسيا جي لاءِ پنهنجي بدن ۾ پوري ٿو ڪريان.


انهي لاءِ آئون بہ سندس انهيءَ قدرت موافق سرگرميءَ سان محنت پيو ڪريان، جا مون ۾ تمام گهڻو اثر ٿي ڪري.


۽ تيمٿيس، جو اسان جو ڀاءُ، ۽ مسيح جي خوشخبريءَ ۾ خدا جو خادم آهي، تنهن کي موڪليوسين تہ اوهان کي قائم ڪري، ۽ اوهان جي ايمان جي نسبت ۾ اوهان کي تسلي ڏئي؛


جيڪڏهن تون ڀائرن کي اهي ڳالهيون ياد ڏياريندين تہ تون مسيح يسوع جو چڱو خادم ٿيندين، ۽ انهي ايمان ۽ چڱي تعليم جي وسيلي پرورش پائيندين، جن تي اڄ تائين تون پئي هليو آهين.


خداوند انيسفرس جي گهراڻي تي رحم ڪري: ڇالاءِ جو هن گهڻا ڀيرا مون کي تازو توانو ڪيو، ۽ منهنجي قيد جي ڪري شرمندو نہ ٿيو؛


تنهنڪري اسان جي خداوند جي شاهدي ڏيڻ کان، توڙي مون کان جو سندس قيدي آهيان، شرم نہ ڪر؛ پر خدا جي قدرت موجب، خوشخبريءَ جي لاءِ مون سان گڏ ڏک سهہ.


۽ جنهن جي ڪري آئون سختي ٿو سهان، بلڪ ايتري قدر، جو هڪ بدڪار وانگر قيد ۾ پيل آهيان؛ پر خدا جو ڪلام قيد نہ آهي.


مصيبت، عذاب ۽ اُهي ڏک جي انطاڪيہ ۽ اڪونيم ۽ لسترہ ۾ مون تي پيا، ۽ جي مون سَٺا، سي ڏٺا آهن؛ ۽ انهن سڀني مان خدا مون کي ڇڏايو.


تڏهن بہ محبت جي ڪري مون کي اها ڳالهہ پسند آهي تہ آئون پيرسن پولس، جو مسيح يسوع جو قيدي آهيان، توکي عرض ڪريان؛


ڇالاءِ جو جيڪي قيد ۾ هئا، تن سان اوهان همدردي بہ ڪئي، ۽ پنهنجي مال ملڪيت جو لُٽجي وڃڻ بہ خوشيءَ سان قبول ڪيو، ۽ يقين ڪيو تہ اوهان وٽ بهتر ۽ جٽاءُ ڪندڙ ملڪيت موجود آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ