Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 11:20 - Sindhi Bible

20 هن ڪري جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو اوهان کي غلام ٿو بنائي، يا جيڪڏهن اهو اوهان کي کائي ٿو وڃي، يا اهو اوهان کي ڦاسائي ٿو، يا پنهنجي وڏائي ٿو ڪري، يا اوهان کي منهن تي چماٽ ٿو هڻي، تہ اوهين انهي جي برداشت ٿا ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 ڏسو، جڏهن ڪو اوهان کي غلام ٿو بڻائي، يا اوهان کي لٽي ڦري ٿو، يا اوهان کي ڦاسائي ٿو، يا اوهان تي رعب ٿو ڄمائي، يا اوهان جي منهن تي چماٽ ٿو هڻي تہ اوهين برداشت نہ ٿا ڪريو ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 ڏسو، جڏهن ڪو اوهان کي غلام ٿو بڻائي، يا اوهان کي لٽي ڦري ٿو، يا اوهان کي ڦاسائي ٿو، يا اوهان تي رعب ٿو ڄمائي، يا اوهان جي منهن تي چماٽ ٿو هڻي تہ اوهين برداشت نہ ٿا ڪريو ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 ھن ڪري جو جيڪڏھن ڪو اوھان کي غلام ٿو بڻائي، يا اوھان کان غير واجبي فائدو ٿو وٺي، يا اوھان کي دوکو ٿو ڏئي، يا پنھنجي وڏائي ٿو ڪري يا اوھان جي منھن تي چماٽ ٿو ھڻي تہ اوھين برداشت ٿا ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 11:20
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون ماريندڙن کي پنهنجي پٺي ڏني، ۽ وارن پٽيندڙن کي پنهنجا ڳل ڏنا: مون پنهنجو منهن شرم ۽ ٿُڪن جهلڻ کان ڪين لڪايو.


هن کي کپي تہ ڌڪ هڻڻ واري کي پنهنجو ڳل ڏئي؛ پوءِ ڀلي تہ خواريءَ سان ڀرجي.


جي بيوهہ زالن جا گهر هضم ڪيو وڃن، ۽ ڏيکارڻ لاءِ لنبيون لنبيون نمازون ٿا پڙهن؛ انهن کي ٻين کان وڌيڪ سزا ملندي.


۽ جيڪو هڪڙي ڳل تي لپاٽ هڻيئي، تنهن کي ٻيو بہ ڦيرائي ڏي؛ ۽ جيڪو تنهنجو ڪوٽ کڻي وڃي، تنهن کي پهراڻ کڻڻ کان بہ نہ جهل.


بلڪ هن گهڙيءَ تائين اسين بکيا ۽ اُڃيا ۽ اُگهاڙا بہ آهيون، ۽ ڌڪا پيا کائون، ۽ ڪا رهڻ جي جاءِ ڪانہ اٿئون؛


اسين ايمان جي نسبت ۾ اوهان تي حڪومت نٿا هلايون، پر اوهان جي خوشيءَ جي لاءِ اوهان جا مددگار آهيون؛ ڇالاءِ جو ايمان جي ڪري اوهين قائم آهيو.


يعني بيهودا خيال، ۽ ٻي سڀڪا اوچي شئي جا علم الاهي جي برخلاف سر ٿي کڻي، تنهن کي ڊاهي ٿا ڇڏيون، ۽ سڀ ڪنهن خيال کي قيد ڪري مسيح جو تابعدار ٿا ڪريون؛


پر مون کي اهو ڊپ آهي تہ جيئن نانگ پنهنجي مڪاريءَ سان حوا کي ٺڳيو، تيئن متان ڪنهن نموني اوهان جون دليون بہ انهيءَ سادگيءَ ۽ پاڪيزگيءَ کان بگڙي وڃن، جا مسيح سان هئڻ گهرجي.


پر اوهين ڀلي ائين سمجهو تہ مون پاڻ اوهان تي بار نہ وڌو؛ پر چالاڪي ڪري اوهان کي فريب سان ڦاسايم.


سو رڳو انهن ڪوڙن ڀائرن جي ڪري، جي لڪي ڇپي داخل ٿيا هئا، جي انهي ڪري چوريءَ گهڙي آيا هئا تہ جيڪا آزادي يسوع مسيح ۾ حاصل ٿي آهي، تنهن جي جاسوسي ڪري اسان کي غلام بنائين.


هاڻي اها هاجرہ عرب جو سينا جبل آهي، ۽ هاڻوڪي يروشلم جي برابر آهي؛ ڇالاءِ جو هوءَ پنهنجن ٻارن سميت غلاميءَ ۾ آهي.


انهيءَ طرح اسين بہ جڏهن نابالغ هئاسين، تڏهن دنيا جي ابتدائي ڳالهين ۾ غلام ڪري رکيا وياسين؛


يا هاڻي جڏهن اوهين خدا کان واقف ٿيا، بلڪ جڏهن خدا اوهان کي سڃاتو آهي، تڏهن وري انهن ضعيف ۽ ڪين جهڙين ابتدائي شين ڏانهن ڪيئن ٿا ڦرو، ۽ ڪيئن غلاميءَ ۾ رهڻ لاءِ وري خواهش ٿا ڪريو؟


مسيح اسان کي آزاديءَ لاءِ آزاد ڪيو؛ تنهنڪري قائم رهو ۽ وري ٻانهپ جي پاڃاريءَ ۾ جوٽجي نہ وڃو.


مون کي خداوند ۾ اوهان تي اهو يقين آهي، تہ اوهين ٻيءَ طرح جو ڪوبہ خيال نہ ڪندا؛ پر جيڪو اوهان کي منجهائي ٿو، سو ڪير بہ هوندو تہ ضرور سزا پائيندو.


جيڪي ماڻهو جسماني ڏيک ڪرڻ ٿا گهُرن، سي اوهان کي ختني ڪرائڻ لاءِ زور ٿا ڪن، رڳو انهي لاءِ تہ مسيح جي صليب جي سبب هو ستايا نہ وڃن.


جن جي پڇاڙي فنا آهي، ۽ جي پيٽ جا پوڄاري آهن، ۽ شرم جي ڳالهين ۾ فخر ٿا ڪن، ۽ جن کي رڳو دنيا جي شين جو فڪر ٿو رهي.


ڇالاءِ جو اوهان کي خبر آهي تہ اسان ڪڏهن بہ خوشامد وارا لفظ ڪم نہ آندا آهن، نہ اُنهن کي لالچ جو پردو ڪيو اٿئون، ۽ انهيءَ جو خدا شاهد آهي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ