Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 11:2 - Sindhi Bible

2 ڇالاءِ تہ مون کي اوهان لاءِ غيرت آهي جهڙي خدا جي غيرت آهي: هن ڪري جو مون اوهان کي هڪڙي مڙس سان مڱايو، انهي لاءِ تہ اوهان کي پاڪ دامن ڪنواريءَ وانگر مسيح وٽ حاضر ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 مون کي اوهان لاءِ ايشور جهڙي غيرت آهي. انهيءَ ڪري ئي مون اوهان کي هڪڙي پتيءَ، يعني مسيح سان مڱايو تہ جيئن اوهان کي پوِتر ڪنواريءَ وانگر هن وٽ حاضر ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 مون کي اوهان لاءِ خدا جهڙي غيرت آهي. انهيءَ ڪري ئي مون اوهان کي هڪڙي مڙس، يعني مسيح سان مڱايو تہ جيئن اوهان کي پاڪدامن ڪنواريءَ وانگر هن وٽ حاضر ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 مون کي اوھان لاءِ خدا جھڙي غيرت آھي. انھيءَ ڪري ئي مون اوھان کي ھڪڙي مڙس، يعني مسيح سان مڱايو، تہ جيئن اوھان کي پاڪدامن ڪنواريءَ وانگر ھن وٽ حاضر ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 11:2
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو جنهن توکي جوڙيو آهي، سو تنهنجو مڙس آهي؛ انهي جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي: اسرائيل جو قدوس تنهنجو ڇڏائيندڙ آهي؛ هو ساري زمين جو خدا سڏيو ويندو.


نڪي هو ڪنهن رن زال سان شادي ڪن، ۽ نہ ڪنهن طلاق ڏنل زال سان: پر هو بني اسرائيل جي نسل مان ڪنواريون ڇوڪريون پرڻجن، يا اُها رن زال جا ڪنهن ڪاهن جي بيواهہ هجي.


جنهن جي ڪنوار آهي، سو ئي گهوٽ آهي: پر گهوٽ جو دوست، جو بيٺو سندس ٻُڌي، سو گهوٽ جي آواز تي ڏاڍو سرهو ٿو ٿئي: سو اُها منهنجي سرهائي پوري ٿي.


تنهنڪري، اي منهنجا ڀائرو، اوهين بہ مسيح جي بدن جي وسيلي شريعت جي نسبت مُئل ٿيا؛ انهي لاءِ تہ ٻئي جا ٿيو، يعني انهي جا جو مُئلن مان جي اُٿيو، تہ اسين سڀ خدا جي لاءِ ڦل پيدا ڪريون.


ڇالاءِ تہ جيتوڻيڪ اوهان کي مسيح ۾ ڏهہ هزار اُستاد هجن تہ بہ اوهان جا گهڻا ابا ناهن. ڇالاءِ جو خوشخبريءَ جي وسيلي آئون ئي اوهان جو مسيح يسوع ۾ پيءُ ٿيس.


ڇالاءِ جو اسين ڄاڻون ٿا تہ جنهن خداوند يسوع کي جياريو، سو اسان کي بہ يسوع سان گڏ جياريندو، ۽ انهي سان گڏ پاڻ وٽ حاضر ڪندو.


مون کي اوهان جي نسبت ۾ اهو ڊپ ٿو ٿئي، تہ متان جيڪا محنت مون اوهان تي ڪئي آهي، سا ڪنهن طرح اجائي ٿي وڃي.


ڇالاءِ جو خدا منهنجو شاهد آهي تہ آئون مسيح يسوع جي اُلفت ڪري اوهان سڀني جي لاءِ ڪيترو نہ پيو سِڪان.


جنهن جي منادي ڪري اسين سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي نصيحت ٿا ڪريون، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پوري دانائيءَ سان تعليم ٿا ڏيون، انهي لاءِ تہ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي اسين مسيح ۾ ڪامل ڪري پيش ڪريون.


۽ اوهين ڄاڻو ٿا تہ جهڙيءَ طرح ڪو پيءُ پنهنجن ٻارن سان هلندو آهي، تهڙيءَ طرح اسين بہ اوهان مان هرهڪ سان هلياسين؛ ۽ اوهان کي دلداري ڏيئي، اوهان کي همتايوسين ۽ نصيحت ڪئي سين؛


هي اُهي ماڻهو هئا، جي زالن سان ناپاڪ نہ ٿيا؛ ڇالاءِ جو اُهي ڪنوارا هئا ۽ گهيٽي جي پٺيان جيڏانهن هو وڃي ٿو اوڏانهن ٿا وڃن. اُهي مخلوقات مان خريد ڪيا ويا هئا، تہ خدا لاءِ ۽ گهيٽي لاءِ پهريون ڦل ٿين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ