Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 11:16 - Sindhi Bible

16 آئون وري بہ ٿو چوان تہ ڪوبہ ماڻهو مون کي بيوَقوف نہ سمجهي؛ پر جي ائين سمجهو ٿا تہ مون کي بيوقوف ئي سمجهي قبول ڪريو، تہ آئون بہ ٿورو فخر تہ ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 آءٌ وري بہ چوان ٿو تہ مون کي ڪوبہ مورک نہ سمجھي. پر جيڪڏهن اوهين ائين سمجھو ٿا تہ مون کي مورک ئي سمجھي قبول ڪريو، تہ جيئن آءٌ بہ ٿورو فخر تہ ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 آءٌ وري بہ چوان ٿو تہ مون کي ڪوبہ بي‌وقوف نہ سمجھي. پر جيڪڏهن اوهين ائين سمجھو ٿا تہ مون کي بي‌وقوف ئي سمجھي قبول ڪريو، تہ جيئن آءٌ بہ ٿورو فخر تہ ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 آءٌ وري بہ ٿو چوان تہ مون کي ڪوبہ بي⁠وقوف نہ سمجھي. پر جيڪڏھن اوھين ائين سمجھو ٿا تہ مون کي بي⁠وقوف ئي سمجھي قبول ڪريو، تہ جيئن آءٌ بہ ٿورو فخر تہ ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 11:16
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شل اوهين منهنجي ٿوري بيوقوفيءَ جي برداشت ڪريو، ها منهنجي برداشت تہ ڪريو ٿا.


ڇالاءِ جو اوهين پاڻ تہ ڏاها ٿي خوشيءَ سان بيوقوفن جي برداشت ٿا ڪريو.


جيتوڻيڪ انهي مان ڪو فائدو ڪونهي، تڏهن بہ مون کي فخر ڪرڻو ٿو پوي؛ ۽ جيڪي رويا مون کي خداوند کان عنايت ٿيا، تن جو ذڪر ٿو ڪريان.


آئون بيوقوف تہ برابر ٿيو آهيان، مگر اوهان ئي مون کي لاچار ڪيو؛ ڇالاءِ جو اوهان کي منهنجي تعريف ڪرڻ کپندي هئي: انهي لاءِ تہ جيتوڻيڪ آئون ڪي ڪين آهيان تہ بہ افضل رسولن کان ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ گهٽ نہ آهيان.


پر جيڪڏهن آئون فخر ڪرڻ گهُران بہ، تہ بيوقوف نہ ٿيندس، هن ڪري جو آئون سچ ڳالهائيندس. پر آئون پاڻ کي روڪيان ٿو؛ تہ متان ڪو ماڻهو جهڙو مون کي ڏسي ٿو يا ٻُڌي ٿو، تنهن کان مون کي وڌيڪ سمجهي.


ڇالاءِ تہ جي اسين سودائي آهيون تہ خدا جي لاءِ آهيون؛ يا جي اسين سمجهو آهيون تہ اوهان جي لاءِ آهيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ