Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 11:10 - Sindhi Bible

10 مسيح جي سچائي جا مون ۾ آهي، تنهن موجب چوان ٿو تہ اخيہ جي پرڳڻن ۾ مون کي انهي فخر ڪرڻ کان ڪوبہ ماڻهو روڪي نٿو سگهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 مسيح جو حق سچ جيڪو مون ۾ آهي، تنهن کي اڳيان رکي چوان ٿو تہ اوهان جي صوبي اخيا جي سمورن علائقن ۾ مون کي انهيءَ فخر ڪرڻ کان ڪوبہ روڪي نہ ٿو سگھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 مسيح جو حق سچ جيڪو مون ۾ آهي، تنهن کي اڳيان رکي چوان ٿو تہ اوهان جي صوبي اخيا جي سمورن علائقن ۾ مون کي انهيءَ فخر ڪرڻ کان ڪوبہ روڪي نہ ٿو سگھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 مسيح جي سچائي جيڪا مون ۾ آھي، تنھن موجب چوان ٿو تہ اخيا جي سمورن علائقن ۾ مون کي انھيءَ فخر ڪرڻ کان ڪوبہ نہ روڪيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 11:10
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جن ڏينهن ۾ گليو، اخيہ جو حاڪم هو، تن ڏينهن ۾ يهودي پاڻ ۾ ٻَڌي ڪري پولس تي ڪاهي آيا، ۽ عدالت ۾ وٺي آيس؛


۽ جڏهن مرضي ٿيس تہ پار لنگهي اخيہ ۾ وڃان، تڏهن ڀائرن هن کي همتايو، ۽ شاگردن ڏانهن لکيائون تہ قبول ڪجوس. ۽ جڏهن هو اتي اچي پهتو، تڏهن جن فضل جي ڪري ايمان آندو هو، تن جي گهڻي مدد ڪيائين:


ڇالاءِ جو خدا منهنجو شاهد آهي، جنهن جي فرزند جي خوشخبري ٻُڌائڻ ڪري آئون پنهنجي روح سان سندس عبادت ٿو ڪريان، تہ ڪيئن نہ آئون هردم اوهان کي پنهنجين دعائن ۾ ياد پيو ڪريان،


۽ جيڪا ڪليسيا اُنهن جي گهر ۾ آهي، انهي کي بہ سلام ڏجو. منهنجي پياري اپينتس کي سلام ڏجو، جو مسيح جي لاءِ آسيہ جو پهريون ڦل آهي.


آئون مسيح ۾ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نٿو ڳالهايان، ۽ منهنجي دل بہ مون سان پاڪ روح ۾ شاهدي ٿي ڀري،


هاڻي اي ڀائرو، آئون اوهان کي عرض ٿو ڪريان، (اوهان کي استفناس جي گهراڻي وارن جي خبر آهي تہ اُهي اخيہ جو پهريون ڦل آهن، ۽ اُهي پاڪ ٿيلن جي خدمت ڪرڻ لاءِ تيار ٿا رهن،)


پولس، جو خدا جي مرضيءَ موجب مسيح يسوع جو رسول آهي، انهي ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان، خدا جي اُنهيءَ ڪليسيا ڏانهن، جا ڪرنٿيس ۾ آهي، ۽ انهن سڀني پاڪ ٿيلن ڏانهن، جي ساري اخيہ ۾ آهن:


پر آئون خدا کي پنهنجيءَ جان تي شاهد ڪري ٿو سڏيان، تہ اوهان تي ڪهل ڪرڻ جي سانگي آئون ڪرنٿيس ۾ نہ آيس.


۽ پنهنجي حد کان وڌيڪ فخر نٿا ڪريون، يعني ٻين ماڻهن جي پورهئي تي؛ پر اها اميد ٿا رکون تہ جيئن اوهان جو ايمان وڌندو ويندو، تيئن اسين بہ پنهنجي حد موجب اوهان جي ڪري اڃا وڌيڪ وڌندا وينداسين؛


۽ جيڪي آئون ڪريان ٿو سو ئي آئون ڪندو رهندس، انهي لاءِ تہ جيڪي پنهنجي ڪم جي وڏائي ٿا ڪن، تہ اسان جهڙا ڪم ٿا ڪن، تن جو فخر بي فائدو ثابت ٿئي.


خداوند يسوع مسيح جو خدا ۽ پيءُ، جو هميشہ لاءِ مبارڪ آهي، سو ٿو ڄاڻي تہ آئون ڪوڙ نٿو چوان.


هيستائين اوهين شايد ائين پيا سمجهو تہ اسين اوهان جي اڳيان پنهنجو بچاءُ پيا ڏيون؟ اسين تہ خدا کي حاضر ڄاڻي مسيح ۾ ٿا ڳالهايون. پر اي پيارو، سڀ ڳالهيون اوهان جي سڌاري لاءِ آهن.


ڇالاءِ جو اوهان جي شوق جي خبر اٿم، جنهن جي ڪري آئون مڪدونيہ جي ماڻهن جي اڳيان اوهان تي فخر ٿو ڪريان، تہ اخيہ جا ماڻهو بہ سال کان تيار آهن؛ ۽ اوهان جي سرگرميءَ انهن مان گهڻن کي جوش ڏياريو آهي.


هاڻي جي ڳالهيون آئون اوهان ڏانهن لکان ٿو، تن جي بابت خدا کي حاضر ڄاڻي آئون ڪوڙ نٿو ڳالهايان.


آئون مسيح سان گڏ مصلوب ٿيو آهيان، انهي هوندي بہ آئون جيئرو آهيان؛ پر هاڻي آئون جيئرو نٿو رهان، بلڪ مسيح مون ۾ جيئرو ٿو رهي؛ ۽ جيڪا حياتي آئون هاڻي جسم ۾ گذاريان ٿو، سا آئون انهي ايمان تي ٿو گذاريان، جو خدا جي فرزند تي آهي، جنهن مون سان محبت رکي منهنجي بدلي پنهنجي جان ڏنائين.


اوهين پاڻ شاهد آهيو ۽ خدا بہ تہ ڪهڙيءَ طرح ايمان وارن سان اسين پاڪ، ۽ راستباز ۽ بي عيب ٿي هلياسين:


ڇالاءِ جو اوهان کي خبر آهي تہ اسان ڪڏهن بہ خوشامد وارا لفظ ڪم نہ آندا آهن، نہ اُنهن کي لالچ جو پردو ڪيو اٿئون، ۽ انهيءَ جو خدا شاهد آهي؛


آئون سچ ٿو چوان، ڪوڙ نٿو ڳالهايان تہ انهي لاءِ ئي آئون مبشر ۽ رسول مقرر ٿيس، تہ ايمان ۽ سچ جي غير قومن کي تعليم ڏيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ