Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 10:8 - Sindhi Bible

8 ڇالاءِ جو جيڪڏهن آئون کڻي انهي اختيار تي گهڻو فخر ڪريان (جو خداوند اوهان کي قائم ڪرڻ لاءِ مون کي ڏنو ۽ نہ اوهان کي ڊاهي ڇڏڻ لاءِ) تڏهن بہ آئون شرمندو نہ ٿيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 پرڀو يسوع اسان کي اختيار ڏنو آهي تہ اوهان جي وشواس ۾ واڌارو آڻيون نڪي انهيءَ کي ڊاهيون. پوءِ جيڪڏهن انهيءَ اختيار تي آءٌ ڪجھہ وڌيڪ فخر ڪريان ٿو، تہ انهيءَ ۾ منهنجي لاءِ شرمندگيءَ جي ڪا ڳالهہ نہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 خداوند عيسيٰ اسان کي اختيار ڏنو آهي تہ اوهان جي ايمان ۾ واڌارو آڻيون نڪي انهيءَ کي ڊاهيون. پوءِ جيڪڏهن انهيءَ اختيار تي آءٌ ڪجھہ وڌيڪ فخر ڪريان ٿو، تہ انهيءَ ۾ منهنجي لاءِ شرمندگيءَ جي ڪا ڳالهہ نہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن آءٌ کڻي انھيءَ اختيار تي گھڻو فخر ڪريان، جيڪو خداوند اسان کي اوھان جي روحاني واڌاري لاءِ ڏنو آھي، نہ ڊاھي ڇڏڻ لاءِ، تڏھن بہ آءٌ شرمندو ڪين ٿيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 10:8
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسين ايمان جي نسبت ۾ اوهان تي حڪومت نٿا هلايون، پر اوهان جي خوشيءَ جي لاءِ اوهان جا مددگار آهيون؛ ڇالاءِ جو ايمان جي ڪري اوهين قائم آهيو.


ڇالاءِ جو اسان جي جنگ جا هٿيار جسماني نہ آهن، پر اهڙا سگهارا آهن جو خدا جي وسيلي مضبوط قلعا بہ ڊاهيو وجهن؛


هيءُ آئون انهي لاءِ ٿو چوان تہ متان اوهان کي ائين نظر اچي تہ آئون اوهان کي خطن جي ذريعي ڊيڄاريان ٿو.


هيستائين اوهين شايد ائين پيا سمجهو تہ اسين اوهان جي اڳيان پنهنجو بچاءُ پيا ڏيون؟ اسين تہ خدا کي حاضر ڄاڻي مسيح ۾ ٿا ڳالهايون. پر اي پيارو، سڀ ڳالهيون اوهان جي سڌاري لاءِ آهن.


پر جيڪڏهن آئون فخر ڪرڻ گهُران بہ، تہ بيوقوف نہ ٿيندس، هن ڪري جو آئون سچ ڳالهائيندس. پر آئون پاڻ کي روڪيان ٿو؛ تہ متان ڪو ماڻهو جهڙو مون کي ڏسي ٿو يا ٻُڌي ٿو، تنهن کان مون کي وڌيڪ سمجهي.


انهي نسبت اچڻ کان اڳ ۾ اهي ڳالهيون لکان ٿو، تہ جڏهن اچان، تڏهن مون کي انهي اختيار موجب سختي ڪرڻي نہ پوي، جو خداوند مون کي قائم ڪرڻ لاءِ ڏنو آهي، نہ ڊاهڻ جي لاءِ.


ڇالاءِ جو اسين سچ جي برخلاف ڪجهہ بہ ڪري نٿا سگهون، پر فقط سچ جي لاءِ ڪري ٿا سگهون.


ڇالاءِ جو جيڪڏهن مون هن جي اڳيان اوهان جي بابت ڪو فخر ظاهر ڪيو، تہ آئون شرمندو نہ ٿيس، پر جيئن اسان اوهان سان سڀ ڳالهيون سچيون ڪيون، تيئن جيڪو فخر مون طيطس جي اڳيان ڪيو، سو بہ سچو ثابت ٿيو.


آئون اوهان سان وڏي جرئت ڪري ٿو ڳالهايان، آئون اوهان تي وڏو فخر ٿو ڪريان: مون کي پوري تسلي آهي؛ ۽ آئون پنهنجين سڀني مصيبتن ۾ نهايت خوش ٿو رهان.


پولس، جو نہ انسان جي پاران، نڪي انسان جي وسيلي، پر يسوع مسيح جي وسيلي، ۽ خدا پيءُ، جنهن انهي کي مُئلن مان اُٿاريو، تنهن جي طرفان رسول آهي،


۽ انهي سبب ڪري آئون هي ڏک بہ ٿو سهان. تڏهن بہ آئون شرمايان نٿو، ڇالاءِ جو جنهن تي منهنجو ايمان آهي، تنهن کي آئون سڃاڻان ٿو، ۽ مون کي يقين آهي تہ جيڪا امانت مون هن جي حوالي ڪئي آهي، تنهن جي هو انهي ڏينهن تائين سنڀال ڪري ٿو سگهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ