Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 10:12 - Sindhi Bible

12 ڇالاءِ جو اسين اهڙا جرئت وارا نہ آهيون جو پاڻ کي انهن شخصن سان شمار ڪريون، يا انهن سان مقابلو ڪريون جي پنهنجي تعريف پاڻ ٿا ڪن: پر اُهي پاڻهي پاڻ کي هڪ ٻئي سان آزمائي ۽ مقابلو ڪري نادان ٿا ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 اهو ٿي نہ ٿو سگھي تہ اسين اهڙي همت ڪري پاڻ کي انهن ماڻهن ۾ شمار ڪريون يا انهن سان ڀيٽيون جيڪي پنهنجي ساراهہ پاڻ ٿا ڪن. جڏهن تہ اهي پنهنجو پاڻ کي مٿاهون سمجھي هڪٻئي کي آزمائي ۽ پاڻ سان ڀيٽ ڪري مورک ٿا بڻجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 اهو ٿي نہ ٿو سگھي تہ اسين اهڙي جرئت ڪري پاڻ کي انهن ماڻهن ۾ شمار ڪريون يا انهن سان ڀيٽيون جيڪي پنهنجي تعريف پاڻ ٿا ڪن. جڏهن تہ اهي پنهنجو پاڻ کي مٿاهون سمجھي هڪٻئي کي آزمائي ۽ پاڻ سان ڀيٽ ڪري نادان ٿا بڻجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 ڇالاءِ⁠جو اسان کي اھا جرئت ڪانھي جو پاڻ کي انھن ڪجھہ ماڻھن ۾ شمار ڪريون يا انھن سان ڀيٽيون جيڪي پنھنجي تعريف پاڻ ٿا ڪن. پر اھي پنھنجو پاڻ ۾ ھڪ ٻئي کي آزمائي ۽ پاڻ سان ڀيٽ ڪري نادان ٿا ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 10:12
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهي ۾ شڪ ڪونهي تہ اوهين اهي ماڻهو آهيو ۽ ڏاهپ اوهان سان گڏ مري ويندي.


گهڻي ماکي کائڻ چڱي ناهي، انهي طرح ماڻهن جي لاءِ خود پنهنجي عزت ڳولڻ عزت ناهي.


تون اهو ماڻهو ڪي ڏسين ٿو جو پنهنجي خيال ۾ پاڻ کي ڏاهو ٿو سمجهي؟ انهي کان بي عقل ۾ زيادہ اميد آهي.


ڀلي تہ ڪو ٻيو تنهنجي تعريف ڪري ۽ نہ خود تنهنجو وات، ڪو ڌاريو ڪري ۽ نہ خود تنهنجا چپ.


فريسي بيهي پنهنجي دل ۾ هيئن دعا گهرڻ لڳو، تہ اي خداوند، آئون تنهنجا شڪرانا ٿو ڪريان تہ آئون ٻين ماڻهن جهڙو ڦورو، يا بي انصاف، يا زناڪار ڪين آهيان، نڪي وري هن محصولي ٺيڪيدار جهڙو آهيان.


ڇالاءِ جو مون کي اهڙي همت ڪانهي تہ جيڪي ڳالهيون غير قومن جي تابع ڪرڻ لاءِ، قول توڙي فعل سان مسيح منهنجي معرفت ڪيون، تن کانسواءِ ڪنهن ٻي ڳالهہ جو ذڪر ڪريان،


اهڙي ماڻهو کي هيءُ خيال ڪرڻ کپي تہ جهڙا اسين پرپٺ خطن جي رستي ڪلام ۾ آهيون؛ اهڙا روبرو پنهنجن ڪمن ۾ بہ آهيون.


ڇالاءِ جو جيڪو پنهنجي تعريف ٿو ڪري سو قبول نٿو پوي، پر اهو جنهن جي خداوند تعريف ٿو ڪري.


اسين وري پنهنجي ساراهہ پاڻ ٿا ڪريون ڇا؟ يا جيئن ڪ ماڻهو ڪندا آهن تيئن سفارش جا خط اوهان ڏانهن موڪلڻ ۽ اوهان کان ڪجهہ وٺڻ جا محتاج آهيون ڇا؟


وري بہ اسين اوهان وٽ پنهنجي تعريف نہ ٿا ڪريون، پر پنهنجي ڪري اوهان کي فخر ڪرڻ جو وجهہ ٿا ڏيون، تہ اوهين انهن کي جواب ڏيئي سگهو جي ظاهر تي فخر ٿا ڪن، نہ دل تي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ