Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 1:24 - Sindhi Bible

24 اسين ايمان جي نسبت ۾ اوهان تي حڪومت نٿا هلايون، پر اوهان جي خوشيءَ جي لاءِ اوهان جا مددگار آهيون؛ ڇالاءِ جو ايمان جي ڪري اوهين قائم آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

24 مطلب تہ وشواس جي معاملي ۾ اسين اوهان تي حڪم هلائڻ نہ ٿا چاهيون، پر اوهان جي خوشيءَ ۾ اوهان جا مددگار آهيون، ڇاڪاڻ تہ اوهين پنهنجي وشواس تي مضبوطيءَ سان قائم آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 مطلب تہ ايمان جي معاملي ۾ اسين اوهان تي حڪم هلائڻ نہ ٿا چاهيون، پر اوهان جي خوشيءَ ۾ اوهان جا مددگار آهيون، ڇاڪاڻ تہ اوهين پنهنجي ايمان تي مضبوطيءَ سان قائم آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

24 اسين ايمان جي باري ۾ اوھان تي حڪومت نہ ٿا ھلايون. پر اوھان جي خوشيءَ ۾ اوھان جا مددگار آھيون، ڇالاءِ⁠تہ ايمان جي وسيلي اوھين قائم آھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 1:24
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ پنهنجن هم شريڪ نوڪرن کي مارڻ ڪُٽڻ لڳندو، ۽ شرابين سان گڏ کائيندو پيئندو؛


يعني تہ پاڻ ۾ گڏجي هڪ ٻئي جي انهي ايمان جي ڪري تسلي حاصل ڪريون، جو اوهان ۾ بہ آهي ۽ مون ۾ بہ.


چڱو، هو تہ پنهنجي بي ايمانيءَ ڪري ڀڳيون ويون، ۽ تون پنهنجي ايمان جي ڪري قائم بيٺو آهين. سو مغرور نہ ٿيءُ، پر خوف ڪر،


جنهن جي وسيلي ايمان جي ڪري انهي فضل تائين اسان جي پهچ ٿي، جنهن تي اسين قائم آهيون؛ ۽ اچو تہ جا اُميد اسان کي خدا جي جلال جي آهي، تنهن تي فخر ڪريون.


هاڻي، اي ڀائرو، آئون اوهان کي اُها خوشخبري ٿو ٻُڌايان، جنهن جي اوهان ۾ منادي ڪئي هُيم، ۽ جا اوهان قبول ڪئي، ۽ جنهن تي اوهين قائم بہ آهيو،


اپلوس ڪير آهي؟ ۽ پولس ڪير آهي؟ اُهي خادم آهن جن جي وسيلي اوهان ايمان آندو، ۽ جيئن هر ڪنهن کي خدا برڪت ڏني تيئن هن خدمت ڪئي.


هن ڪري جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو اوهان کي غلام ٿو بنائي، يا جيڪڏهن اهو اوهان کي کائي ٿو وڃي، يا اهو اوهان کي ڦاسائي ٿو، يا پنهنجي وڏائي ٿو ڪري، يا اوهان کي منهن تي چماٽ ٿو هڻي، تہ اوهين انهي جي برداشت ٿا ڪريو.


ڇالاءِ جو اسين پنهنجي منادي نٿا ڪريون، پر مسيح يسوع جي منادي ٿا ڪريون تہ هو خداوند آهي، ۽ پنهنجي لاءِ هيئن ٿا چئون تہ يسوع جي خاطر اوهان جا خادم آهيون.


(ڇالاءِ جو اسين ايمان جي وسيلي ٿا هلون، نہ اکين ڏٺي.)


جيڪي اوهان جي سپرد ڪيا ويا آهن، تن تي حڪم هلائڻ واسطي نہ، پر انهي لاءِ تہ انهي ڌڻ جي اڳيان پاڻ کي نمونو بنايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ