Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 1:15 - Sindhi Bible

15 ۽ انهي اعتقاد تي مون ارادو ڪيو تہ پهرين اوهان ڏانهن اچان، تہ اوهان کي ٻيڻي نعمت ملي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 جيئن تہ مون کي انهيءَ ڳالهہ جو پورو يقين هو، تنهنڪري مون پهريائين اوهان وٽ اچڻ ٿي چاهيو، تہ جيئن اوهان کي ٻيڻيون آسيسون ملن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 جيئن تہ مون کي انهيءَ ڳالهہ جو پورو يقين هو، تنهنڪري مون پهريائين اوهان وٽ اچڻ ٿي چاهيو، تہ جيئن اوهان کي ٻيڻيون برڪتون ملن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 جيئن ⁠تہ مون کي انھيءَ سموري ڳالھہ جي پڪ ھئي، تنھنڪري سڀ کان اڳ ۾ اوھان سان ملڻ جو ارادو ڪيم، تہ جيئن اوھان کي ٻٽيون برڪتون ملن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 1:15
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن جو مڙس يوسف، جو راستباز ماڻهو هو ۽ مرضي نہ هيس تہ هن کي خلق ۾ خوار ڪريان، تنهن خيال ڪيو تہ هن کي پنهنجي پر ۾ ڇڏي ڏيان.


ڇالاءِ جو مون کي اوهان جي ڏسڻ جي ڏاڍي سڪ آهي، انهي لاءِ تہ اوهان کي ڪا روحاني بخشش پهچايان، جنهن جي ڪري اوهين قائم ٿيو:


۽ مون کي خبر آهي تہ جڏهن آئون اوهان وٽ ايندس، تڏهن مسيح جي ڪامل برڪت کنيو ايندس.


جيڪڏهن ڪنهن کي بک هجي تہ ڀلي پنهنجي گهر کائي، تہ متان اوهان جو گڏ ٿيڻ سزا جو سبب ٿئي. باقي ٻيون ڳالهيون جڏهن آئون ايندس، تڏهن اچي درست ڪندس.


ڇالاءِ جو منهنجي مرضي نہ آهي تہ واٽ ويندي اوهان جي ملاقات ڪريان، جو اُميد اٿم تہ جي خداوند جي مرضي هوندي تہ ڪجهہ وقت اوهان وٽ اچي رهندس.


پر جي خدا جي مرضي ٿي تہ آئون جلد اوهان وٽ ايندس، ۽ جيڪي ٻٽاڪي آهن تن جي ڳالهين جي نہ، پر هنن جي طاقت جي خبر لهندس.


ڏسو هي ٽيون ڀيرو آهي جو آئون اوهان ڏانهن اچڻ جي لاءِ تيار ٿيو آهيان؛ ۽ آئون اوهان تي بار نہ ٿيندس؛ ڇالاءِ جو آئون اوهان جو ٻيو ڪي ڪين ٿو گهُران، رڳو اوهان کي ٿو گهُران. هن ڪري جو ٻارن کي مائٽن جي لاءِ جمع ڪري رکڻ نہ گهُرجي، بلڪ مائٽن کي ٻارن جي لاءِ.


۽ اسين جي هن سان گڏ ڪم ڪرڻ وارا آهيون، سي هيءُ بہ عرض ٿا ڪريون، تہ خدا جو فضل جو اوهان تي ٿيو آهي، سو اجايو نہ وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ