Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 1:14 - Sindhi Bible

14 جيئن ڪ اوهان ڪجهہ قدر مڃيو بہ آهي تہ اسين اوهان جو فخر آهيون، جهڙيءَ طرح اسان جي خداوند يسوع جي ڏينهن اوهين بہ اسان جو فخر ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 اميد اٿم تہ اوھين پوريءَ طرح سمجھي ويندا. ھاڻي اوھين اسان کي رڳو ٿورو گھڻو سمجھو ٿا. پر جيئن خداوند عيسيٰ جي ڏينھن اوھين اسان تي فخر ڪري سگھو ٿا، تيئن اسين اوھان تي فخر ڪنداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 1:14
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو اي ڀائرو، منهنجي اها مرضي نہ آهي تہ پنهنجي هٺ جي ڪري پاڻ کي ڏاهو سمجهي اوهين هن راز کان غير واقف رهو؛ تہ اسرائيل ۾ جا ڪجهہ قدر سنگدلي پيدا ٿي آهي، سا انهي لاءِ تہ غير قومون پوريءَ طرح داخل ڪيون وڃن.


جو اوهان کي پڇاڙيءَ تائين قائم بہ رکندو، انهي لاءِ تہ اوهين اسان جي خداوند يسوع مسيح جي ڏينهن بي عيب هجو.


ڇالاءِ جو پهريائين مون کي ٻُڌڻ ۾ آيو آهي تہ ڪليسيا ۾ گڏ ٿيڻ وقت اوهان ۾ جدائيون ٿيون ٿين؛ ۽ انهيءَ ڳالهہ تي مون کي ڪجهہ قدر اعتبار بہ اچي ٿو؛


اي ڀائرو، مون کي انهي فخر جو قسم آهي جو اسان جي خداوند مسيح يسوع ۾ اوهان تي اٿم، تہ آئون ڏهاڙي پيو مران.


پر جيڪڏهن ڪنهن هي غم پيدا ڪيو آهي، تہ رڳو مون ۾ ڪين پيدا ڪيو اٿس، آئون سختيءَ سان نٿو چوان – پر ٿورو گهڻو اوهان سڀني ۾ بہ پيدا ڪيو اٿس.


وري بہ اسين اوهان وٽ پنهنجي تعريف نہ ٿا ڪريون، پر پنهنجي ڪري اوهان کي فخر ڪرڻ جو وجهہ ٿا ڏيون، تہ اوهين انهن کي جواب ڏيئي سگهو جي ظاهر تي فخر ٿا ڪن، نہ دل تي.


ڇالاءِ جو اوهان جي شوق جي خبر اٿم، جنهن جي ڪري آئون مڪدونيہ جي ماڻهن جي اڳيان اوهان تي فخر ٿو ڪريان، تہ اخيہ جا ماڻهو بہ سال کان تيار آهن؛ ۽ اوهان جي سرگرميءَ انهن مان گهڻن کي جوش ڏياريو آهي.


تہ جيڪي تمام عمديون ڳالهيون آهن، سي اوهين سمجهي پسند ڪريو؛ تہ مسيح جي ڏينهن تائين صاف دل ۽ بيڏوهي رهو،


۽ منهنجي اوهان وٽ وري اچڻ ڪري، منهنجي بابت اوهان جو فخر مسيح يسوع ۾ زيادہ ٿئي.


۽ مون کي انهيءَ ڳالهہ جي خاطري آهي تہ جنهن اوهان ۾ چڱو ڪم شروع ڪيو آهي، سو انهي کي يسوع مسيح جي ڏينهن تائين پورو ڪندو؛


۽ زندگيءَ جو ڪلام پيش ٿا ڪريو، انهي لاءِ تہ مسيح جي ڏينهن مون کي فخر ڪرڻ جو سبب ملي، تہ منهنجي ڊوڙ ڊڪ يا منهنجي محنت اجائي نہ ٿي.


تنهنڪري، اي منهنجا پيارا ڀائرو، جن جو آئون مشتاق آهيان ۽ جي منهنجي خوشي ۽ تاج آهيو، خداوند ۾ انهي طرح قائم رهو.


انهي لاءِ تہ اُهو اوهان جي دلين کي اهڙو مضبوط ڪري جو جڏهن اسان جو خداوند يسوع پنهنجن سڀني پاڪ ٿيلن سان اچي، تڏهن اسان جي خدا پيءُ جي اڳيان اوهين پاڪيزگيءَ ۾ بي عيب هجو.


شل خدا، جو اطمينان بخشيندڙ آهي، اوهان کي پوريءَ طرح پاڪ ڪري؛ ۽ شل اوهان جو روح ۽ جان ۽ بدن، اسان جي خداوند يسوع مسيح جي اچڻ تائين بي عيب ۽ سلامت رهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ