Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تيمٿيس 6:10 - Sindhi Bible

10 ڇالاءِ جو پيسي جو پيار سڀ قسم جي خرابين جي پاڙ آهي: جنهن جي پٺيان پوڻ ڪري ڪي ماڻهو ايمان کان گمراهہ ٿي ويا آهن، ۽ گهڻن ئي ڏکن جا تير منجهن چُڀي ويا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 ياد رکو، پئسي سان پيار رکڻ هر قسم جي برائيءَ جي پاڙ آهي. ڪي ماڻهو دولت جي خواهش ۾ پئجي وشواس کان ڀَٽڪي ويا آهن ۽ پاڻ کي طرح طرح جي تڪليفن ۾ وڪوڙي ڇڏيو اٿائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 ياد رکو، پئسي سان پيار رکڻ هر قسم جي برائيءَ جي پاڙ آهي. ڪي ماڻهو دولت جي خواهش ۾ پئجي ايمان کان ڀٽڪي ويا آهن ۽ پاڻ کي طرح طرح جي تڪليفن ۾ وڪوڙي ڇڏيو اٿائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 ڇالاءِ⁠جو پيسي سان پيار رکڻ، ھر قسم جي برائيءَ جي پاڙ آھي. ڪي ماڻھو پيسي جا طلبگار ٿي ايمان کان گمراھہ ٿي ويا ۽ طرح طرح جي ڏکن ۾ پاڻ کي وڪوڙي ڇڏيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تيمٿيس 6:10
49 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن لابن چيس تہ تون برابر منهنجو هڏ ۽ منهنجو ماس آهين. ۽ هو وٽس مهينو رهي پيو.


تڏهن لابن چيو تہ اسان جي ملڪ ۾ اهو دستور نہ آهي تہ وڏيءَ کان اڳ ۾ ننڍي ڏجي.


يعقوب جي پٽن، انهن کي قتل ڪرڻ کان پوءِ سندن شهر بہ ڦريو: ڇالاءِ جو انهن سندن ڀيڻ جي آبرو ورتي هئي.


۽ هو واٽ تان ڦري، هن ڏانهن ويو ۽ چيائينس تہ مون کي پاڻ وٽ اچڻ ڏي؛ ڇالاءِ جو هن کي اها خبر ڪانہ هئي، تہ هيءَ سندس ننهن آهي. تڏهن هن چيو تہ مون وٽ اچڻ لاءِ مون کي ڇا ڏيندين؟


۽ سمعي اُٿيو ۽ پنهنجي گڏهہ تي هنو وڌائين ۽ جات ڏي پنهنجن ٻانهن کي ڳولڻ لاءِ اڪيس وٽ ويو: ۽ سمعي وڃي جات مان پنهنجا ٻانها وٺي آيو.


تنهنڪري نعمان جو ڪوڙهہ توکي ۽ تنهنجي اولاد کي هميشہ لاءِ چُهٽندو؛ ۽ هو هن وٽان ڪوڙهيو ٿي نڪتو، اهڙو اڇو جهڙي برف.


بڇڙي ماڻهوءَ تي گهڻيئي مصيبتون اينديون: پر جنهن جو ڀروسو خداوند تي آهي تنهن کي رحمت چوڌاري گهيري ويندي.


ظلم تي ڀروسو نہ رکو، ۽ ڦرمار ڪري مغرور نہ ٿيو: جيڪڏهن ملڪيت وڌي تہ انهي تي دل نہ لڳايو.


جيڪو ماڻهو نفعي جي لالچ ٿو رکي تنهنجا رستا اهڙا ئي آهن؛ اهو سندس ئي ساهہ ٿو ڪڍي.


تنهن ڪري هو خود پنهنجي راهہ جو ڦل ڀوڳيندا، ۽ پنهنجين تجويزن سان ڍءُ ڪندا.


جنهن کي نفعي جي لالچ ٿي رهي سو خود پنهنجي گهر کي تڪليف ۾ وجهي ٿو: پر جيڪو رشوت کي ڌڪاري ٿو سو جيئرو رهندو.


۽ ڪنهن کي خبر تہ اهو ڏاهو هوندو يا بي عقل؟ انهي هوندي بہ منهنجو سڄو پورهيو جو محنت سان ڪيو اٿم، ۽ جنهن ۾ مون سج هيٺان ڏاهپ ڏيکاري آهي، سو انهيءَ جي اختيار ۾ رهندو. اها بہ بيهودگي آهي.


تنهنجا امير فسادي ۽ چورن جا سنگتي ٿي پيا آهن، سڀڪو رشوتن جو خواهان آهي، ۽ انعامن جي پٺيان پوي ٿو: هو يتيمن جو انصاف نٿا ڪن، نڪي بيوہ زال جو فرياد وٽن اچي ٿو.


هائو، اهي هٻڇي ڪتا آهن، جي ڪڏهن بہ ڍاپن نٿا؛ هي اُهي ڌنار آهن، جن کي ڪابہ سمجهہ ڪانهي: اُهي سڀيئي هر ڪنهن طرفان پنهنجي فائدي جي لاءِ پنهنجي رستي تي موٽي آيا آهن.


۽ اوهان جَوَن جي مٺين لاءِ، ۽ ماني جي ٽڪرن لاءِ، منهنجي قوم ۾ منهنجي بي ادبي ڪئي آهي، انهي لاءِ تہ انهن کي ماريو، جي مرڻ جا لائق ناهن؛ ۽ اُهي بچايو جي بچائڻ جا لائق نہ آهن: ۽ منهنجي قوم، جا ڪوڙيون ڳالهيون ٻڌي ٿي، تنهن کي ڪوڙ ٻڌائڻ سان اوهين ائين ڪريو ٿيون.


ماڻهو سڀني ڪڃرين کي بخششون ٿا ڏين، پر تون پنهنجن سڀني سينڌن کي پنهنجون بخششون ٿي ڏين، ۽ هنن کي لالچائين ٿي تہ هو سڀ ڪنهن پاسي کان تو وٽ اچي توسان زنا ڪن.


تو ۾ هنن رشوتون وٺي رت وهايو آهي؛ تو وياج ۽ سود ورتو آهي، ۽ تو لالچي ٿي ظلم زبردستيءَ سان پنهنجن پاڙيسرين کي ڦريو آهي، ۽ مون کي وساريو اٿيئي؛ خداوند خدا ائين ٿو فرمائي.


انهن جا سردار انعام لاءِ عدالت ٿا ڪن، ۽ انهن جا ڪاهن ڀاڙو وٺي تعليم ٿا ڏين، ۽ نبي پئسن تي غيب گوئي ٿا ڪن، انهي هوندي بہ هو خداوند تي ڀروسو رکڻ ٿا گهرن ۽ چون ٿا تہ خداوند اسان جي وچ ۾ ناهي ڇا؟ اسان تي ڪابہ خرابي نہ ايندي.


شل اوهان منجهہ ڪو اهڙو هجي، جو دروازا بند ڪري ڇڏي، تہ اوهين منهنجي قربانگاهہ تي اجائي باهہ نہ ٻاريو! لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان تي راضي نہ آهيان، ۽ نڪي آءٌ اوهان جي هٿان نذرانو قبول ڪندس.


۽ جيڪو ڪنڊين ۾ پوکيو ويو هو سو اُهو آهي، جو ڪلام ٻڌي ٿو پر دنيا جو فڪر ۽ دولت جو فريب ڪلام کي گهُٽيو ڇڏي، ۽ اُهو ڦل جهلڻ کان رهجيو وڃي.


پر افسوس آهي اوهان لاءِ، اي فقيهو ۽ فريسيو، رياڪارو! ڇالاءِ جو اوهين آسمان جي بادشاهت ماڻهن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو، جو نڪي اوهين پاڻ ٿا اندر وڃو، نڪي جيڪي اندر وڃن ٿا، تن کي گهڙڻ ٿا ڏيو.


پنهنجي لاءِ زمين تي مال گڏ نہ ڪريو، جتي ڪينئون ۽ ڪٽ کايو ڇڏي، ۽ جتي چور کاٽ هڻي چورايو وڃن.


مگر دنيا جا فڪر، ۽ دولت جو فريب، ۽ ٻين شين جون خواهشون منجهن گهڙي ڪري ڪلام کي گهٽيو ٿيون ڇڏين، جنهنڪري اُهو ڦل جهلڻ کان رهجيو وڃي.


تون ڪنهن سان ناحق نہ ڪج؛ نڪي تون ماڻهن جي طرفداري ڪج: نڪي تون رشوت وٺج؛ ڇالاءِ جو رشوت سياڻن کي بہ انڌو ٿي ڪري، ۽ راستبازن جي ڳالهين کي ڦيرائي ٿي ڇڏي.


تون ڪنهن ڪسبياڻيءَ جي يا لونڊي جي ڪمائيءَ مان نذرانو ڪري، خداوند پنهنجي خدا جي گهر ۾ متان آڻين: ڇالاءِ جو انهن ٻنهي کان خداوند تنهنجي خدا کي نفرت آهي.


تنهنڪري اوهان جا عضوا جي زمين تي آهن، تن کي ماري ڇڏيو، يعني زناڪاري، ناپاڪي، شهوت، خراب خواهش، ۽ لالچ جا بُت پرستي آهي؛


نہ نشي باز، نہ مارڪٽ ڪندڙ؛ نہ تڪراري، نہ پيسي جو لالچي، پر حليم هجي؛


ڇالاءِ جو ڪي انهي کي سچو سمجهي ايمان کان گمراهہ ٿي ويا آهن. تو تي فضل رهي.


پر جيڪي دولتمند ٿيڻ ٿا گهُرن سي آزمائش ۽ ڦندي ۾، ۽ گهڻين اجاين ۽ نقصان وارين نفساني خواهشن ۾ ڦاسيو ٿا وڃن، جي ماڻهن کي برباديءَ ۽ تباهيءَ جي درياهہ ۾ غرق ڪريو ڇڏين.


ڇالاءِ جو ماڻهو خود مطلبي، زردوست، ٻٽاڪي، مغرور، گلاخور، ماءُ پيءُ جا نافرمان، بي شڪرا، ناپاڪ،


ڇالاءِ جو ديماس هن دنيا کي پسند ڪري مون کي ڇڏي ويو ۽ ٿسلونيڪيءَ ڏانهن هليو ويو؛ ڪريسڪينس گلتيہ ڏانهن، ۽ طيطس دلمتيہ ڏانهن هليو ويو.


جن جا وات بند ڪرڻ گهرجن؛ اهڙا ماڻهو جي ناجائز نفعي جي خاطر جيڪي ڳالهيون سيکارڻ نہ گهرجن سي سيکاري، گهرن جا گهر ڦٽائي ٿا ڇڏين.


اي منهنجا ڀائرو، جيڪڏهن اوهان مان ڪو حق کان گمراهہ ٿي وڃي، ۽ ٻيو ڪو کيس موٽائي آڻي؛


جڏهن لٽ جي مال ۾ مون هڪڙي سهڻي بابل جي پوشاڪ، ۽ ٻہ سؤ چانديءَ جا شيڪل، ۽ پنجاهن شيڪلن جي تور جي هڪڙي سوني ڇپر ڏٺي، ۽ انهن جي مون کي لالچ ٿي، تڏهن اُهي شيون مون کنيون؛ ۽ ڏس، اُهي منهنجي تنبوءَ ۾ زمين جي هيٺان لڪل آهن، ۽ چاندي انهن جي هيٺان آهي.


افسوس آهي انهن تي، ڇالاءِ جو هو قائن جي واٽ تي هليا، ۽ لالچ جي ڪري بلعام جهڙيءَ گمراهيءَ ۾ ڪاهي پيا، ۽ قوراہ وانگر مخالفت ڪري برباد ٿيا.


۽ دال چيني، ۽ مصالحہ، ۽ مر، ۽ عطر، ۽ لوبان، ۽ شراب، ۽ تيل، ۽ ميدو، ۽ ڪڻڪ، ۽ ڍور، ۽ رڍون، ۽ گهوڙا، ۽ گاڏيون، ۽ غلام، ۽ ماڻهن جون جانيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ