Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تيمٿيس 5:18 - Sindhi Bible

18 ڇالاءِ جو پاڪ ڪتاب ۾ لکيل آهي تہ، ”جڏهن ڪو ڏاند اَن ڳاهي، تڏهن انهي جو وات نہ ٻَڌ“. ۽ ”مزور پنهنجي مزوريءَ جو حقدار آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 پوِتر شاستر ۾ بہ ائين ئي لکيل آهي تہ ”جڏهن ڪو ڍڳو ڳاهہ ۾ وهي، تڏهن ان جو وات نہ ٻڌ.“ اهو بہ لکيل آهي تہ ”مزدور پنهنجي مزدوريءَ جو حقدار آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 پاڪ ڪلام ۾ بہ ائين ئي لکيل آهي تہ ”جڏهن ڪو ڍڳو ڳاهہ ۾ وهي، تڏهن ان جو وات نہ ٻڌ.“ اهو بہ لکيل آهي تہ ”مزدور پنهنجي مزدوريءَ جو حقدار آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 ڇالاءِ⁠جو پاڪ ڪلام چوي ٿو تہ ”جڏھن ڪو ڍڳو ڳاھہ ۾ وھي، تڏھن ان جو ٻوٿ نہ ٻڌ.“ ۽ ”مزور پنھنجي مزوريءَ جو حقدار آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تيمٿيس 5:18
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون پنهنجي پاڙيسريءَ تي ظلم نہ ڪج، نڪي انهيءَ کان ڪي ڦري وٺج: مزدور جي مزدوري سڄي رات، يعني صبح تائين پاڻ وٽ نہ رکج.


پنهنجي مسافريءَ لاءِ جهولي نہ کڻجو، ۽ نڪي ٻہ ڪوٽ، نڪي جُتي، نڪي لٺ؛ ڇالاءِ جو پورهيت پنهنجي کاڌي جو حقدار آهي.


پوءِ اُنهي گهر ۾ ٽڪي پئجو، ۽ جيڪي ڪي اوهان کي ڏين، سو کائيندا پيئندا رهجو، ڇوتہ مزور پنهنجيءَ مزوريءَ جو حقدار آهي. گهر گهر نہ گهُمجو.


پاڪ ڪتاب چوي ٿو تہ ”جيڪو مٿس ايمان آڻيندو، سو شرمندو نہ ٿيندو.“


خدا پنهنجي اُنهيءَ اُمت کي رد ڪونہ ڪيو جنهن جي اڳيئي خبر هيس. يا اوهين نٿا ڄاڻو ڇا، تہ پاڪ ڪتاب ايلياہ جي باري ۾ ڇا ٿو فرمائي؟ ڪيئن هو اسرائيل جي برخلاف خدا جي اڳيان دانهن ٿو ڪري؟


پاڪ ڪتاب ڇا ٿو فرمائي؟ تہ ”ابراهيم خدا تي ايمان آندو، ۽ اهو سندس لاءِ راستبازي ليکيو ويو.“


ڇالاءِ جو پاڪ لکيت ۾ فرعون کي فرمايل آهي تہ ”اُنهي ئي لاءِ مون توکي کڙو ڪيو، تہ آئون تنهنجي ڪري پنهنجي قدرت ظاهر ڪريان، ۽ منهنجو نالو ساريءَ زمين تي پڌرو ٿي وڃي.“


انهيءَ طرح خداوند بہ ائين ٺهرايو آهي، تہ جيڪي انجيل جي منادي ٿا ڪن، تن جو گذران انجيل جي ڪري ئي ٿئي.


۽ پاڪ لکيت ۾ اهو اڳيئي ڄاڻايل هو، تہ خدا غير قومن کي ايمان جي ڪري راستباز ٺهرائيندو، تنهنڪري اڳيئي هن اها خوشخبري ابراهيم کي ٻُڌائي تہ ”تنهنجي ڪري سڀ قومون برڪت پائينديون.“


جڏهن ڏاند اَن ڳاهي تڏهن انهي جو ٻُوٿ نہ ٻڌ.


يا اوهين ائين ٿا ڀانئيو ڇا، تہ پاڪ ڪتاب جو چوڻ اجايو آهي تہ ”جيڪو روح هن اسان کي ڏنو تہ اسان ۾ رهي، تنهن جي هن کي غيرت آهي؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ