Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تيمٿيس 5:13 - Sindhi Bible

13 ۽ تنهن کانسواءِ هو سست ۽ گهر گهر رُلن ٿيون؛ ۽ نہ رڳو سست ٿيون رهن، پر اجائي بَڪ ڪرڻ، ۽ ٻين جي ڪمن ۾ ٽپي پوڻ ۽ ناشائستيون ڳالهيون ڪرڻ بہ ٿيون سکن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 انهيءَ کان علاوہ اهي گھر گھر وڃي اجايو وقت وڃائڻ جون عادي بڻجن ٿيون. نہ رڳو اجايو وقت وڃائڻ بلڪ اجائي بڪ بڪ ڪن ٿيون ۽ ٻين جي ڪمن ۾ دخل ڏيندي اهڙيون ڳالهيون ڪن ٿيون، جيڪي ڪرڻ نہ گھرجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 انهيءَ کان علاوہ اهي گھر گھر وڃي اجايو وقت وڃائڻ جون عادي بڻجن ٿيون. نہ رڳو اجايو وقت وڃائڻ بلڪ اجائي بڪ بڪ ڪن ٿيون ۽ ٻين جي ڪمن ۾ دخل ڏيندي اهڙيون ڳالهيون ڪن ٿيون، جيڪي ڪرڻ نہ گھرجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 تنھن کان سواءِ اھي گھر گھر وڃي اجايو وقت وڃائڻ سکن ٿيون. نہ رڳو اجايو وقت وڃائڻ بلڪ اجائي بڪ بڪ ڪرڻ، ٻين جي ڪمن ۾ ٽپي پوڻ ۽ اھڙيون ڳالھيون ڪرڻ بہ سکن ٿيون، جيڪي ڪرڻ نہ گھرجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تيمٿيس 5:13
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو چغل خور آهي سو ڳجهہ ظاهر ڪري وجهي ٿو: پر جيڪو ايماندار روح وارو آهي سو ڳالهہ لڪائي ٿو.


جيڪو هيڏي هوڏي گلا غيبت ڪندو وتي سو ڳجهہ ظاهر ڪري ٿو: تنهن ڪري جيڪو پنهنجا چپ وڏا پٽي ٿو تنهن سان واسطو نہ رک.


هوءَ پنهنجي گهر ٻار جي رستن ڏي نهاري ٿي، ۽ سستيءَ جي ماني نٿي کائي.


هوءَ بڪ بڪ ڪندڙ ۽ خود خيال آهي؛ هن جا پير پنهنجي گهر ۾ نٿا ٽڪن:


تون پنهنجن ماڻهن ۾ چغلخورن وانگر هيڏانهن هوڏانهن اچ وڃ نہ ڪج: نڪي پنهنجي پاڙيسريءَ جي خون تي سندرو ٻڌج: آءٌ خداوند آهيان.


پوءِ اُنهي گهر ۾ ٽڪي پئجو، ۽ جيڪي ڪي اوهان کي ڏين، سو کائيندا پيئندا رهجو، ڇوتہ مزور پنهنجيءَ مزوريءَ جو حقدار آهي. گهر گهر نہ گهُمجو.


۽ ڪهڙيءَ طرح جيڪي ڳالهيون اوهان جي فائدي جون هيون، سي اوهان کي ٻُڌائڻ کان نہ هٽيس، ۽ اوهان کي جماعت ۾ توڙي گهر گهر تعليم ڏيندو رهيس.


۽ خود اوهان منجهان ئي اهڙا ماڻهو نڪرندا، جي شاگردن کي پنهنجي پاسي آڻڻ لاءِ اُبتيون اُبتيون ڳالهيون ڪندا.


پوءِ اِهي سزا جوڳيون ٿيون ٿين، ڇالاءِ جو پنهنجي پهرئين انجام تي قائم نہ ٿيون.


جن جا وات بند ڪرڻ گهرجن؛ اهڙا ماڻهو جي ناجائز نفعي جي خاطر جيڪي ڳالهيون سيکارڻ نہ گهرجن سي سيکاري، گهرن جا گهر ڦٽائي ٿا ڇڏين.


۽ ساڳئي وات مان دعا بہ ٿي نڪري. اي منهنجا ڀائرو، ائين ٿيڻ نہ گهرجي.


پر ڏسو، متان اوهان مان ڪوبہ خوني، يا چور، يا بدڪار، يا ٻين جي ڪمن ۾ دست اندازي ڪندڙ ٿي ڏک سهي.


تنهنڪري جي آئون آيس تہ جيڪي ڪم هو ڪري ٿو، سي اچي ظاهر ڪندس، تہ ڪيئن هو اسان جي برخلاف خراب ڳالهيون ٿو بڪي. ۽ ايتري تي بہ راضي نہ آهي پر پاڻ ڀائرن کي قبول نٿو ڪري، ۽ جيڪي قبول ڪرڻ گهُرن ٿا تن کي بہ منع ٿو ڪري، ۽ ڪليسيا مان ڪڍيو ڇڏي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ