12 پوءِ اِهي سزا جوڳيون ٿيون ٿين، ڇالاءِ جو پنهنجي پهرئين انجام تي قائم نہ ٿيون.
12 اھڙيءَ طرح اھي پنھنجو پھريون واعدو ڀڃي پاڻ کي سزا جي لائق ٿيون بڻائين.
جيڪي چڱو آهي سو اسرائيل اُڇلائي ڦٽو ڪيو آهي: دشمن هن جي پٺيان پوندو.
جيڪڏهن ڪنهن کي بک هجي تہ ڀلي پنهنجي گهر کائي، تہ متان اوهان جو گڏ ٿيڻ سزا جو سبب ٿئي. باقي ٻيون ڳالهيون جڏهن آئون ايندس، تڏهن اچي درست ڪندس.
مون کي عجب ٿو لڳي تہ جنهن اوهان کي مسيح جي فضل ۾ سڏيو، تنهن کان اوهين اهڙو جلد ڦري ڪنهن ٻئي قسم جي خوشخبريءَ ڏانهن ٿا وڃو؛
پر جوان بيوهہ زالن کي داخل نہ ڪر: ڇالاءِ جو جڏهن هو مسيح جي برخلاف جسماني خواهش جي تابع ٿيون ٿين، تڏهن شادي ڪرڻ ٿيون گهُرن؛
۽ تنهن کانسواءِ هو سست ۽ گهر گهر رُلن ٿيون؛ ۽ نہ رڳو سست ٿيون رهن، پر اجائي بَڪ ڪرڻ، ۽ ٻين جي ڪمن ۾ ٽپي پوڻ ۽ ناشائستيون ڳالهيون ڪرڻ بہ ٿيون سکن.
اي منهنجا ڀائرو، اوهان مان گهڻا اُستاد نہ ٿيو، ڇو جو ڄاڻو ٿا تہ اسين جي اُستاد آهيون، تن جي عدالت وڌيڪ سختيءَ سان ٿيندي.
ڇالاءِ جو اهو وقت اچي پهتو آهي تہ خدا جي ڪليسيا مان عدالت شروع ٿئي: ۽ جيڪڏهن اُها پهرين اسان وٽان شروع ٿيندي، تہ جيڪي خدا جي خوشخبريءَ کي نٿا مڃين، تن جي پڇاڙي ڪهڙي ٿيندي؟