Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تيمٿيس 5:1 - Sindhi Bible

1 ڪنهن وڏيءَ عمر واري کي ملامت نہ ڪر، پر پيءُ وانگر سمجهي هن کي صلاح ڏي؛ جوانن کي ڀائرن وانگر ڄاڻ؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 ڪنهن وڏي عمر واري ماڻهوءَ کي ڇڙٻ نہ ڏي، بلڪ انهيءَ کي پتا وانگر سمجھي نصيحت ڪر ۽ نوجوانن کي ڀائرن وانگر سمجھاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 ڪنهن وڏي عمر واري ماڻهوءَ کي ڇڙٻ نہ ڏي، بلڪ انهيءَ کي پيءُ وانگر سمجھي نصيحت ڪر ۽ نوجوانن کي ڀائرن وانگر سمجھاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 ڪنھن وڏيءَ عمر واري ماڻھوءَ کي سختيءَ سان ڇڙٻ نہ ڏي، بلڪ انھيءَ کي پيءُ وانگر سمجھي ساڻس سلوڪ ڪر. نوجوانن سان ڀائرن وانگر ھل.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تيمٿيس 5:1
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون اڇي مٿي واري جي اڳيان اُٿي بيهج، ۽ پير مرد جي عزت ڪج، ۽ خدا کان ڊڄندو رهج: آءٌ خداوند آهيان.


پر اوهين پاڻ کي ربي متان سڏايو، ڇالاءِ جو اوهان جو اُستاد هڪڙو آهي، ۽ اوهين سڀيئي ڀائر آهيو.


۽ جڏهن هرهڪ ڪليسيا ۾ سندن لاءِ بزرگ مقرر ڪري رهيا، ۽ هنن جي لاءِ روزا رکي دعا گهُري رهيا، تڏهن کين خدا، جنهن تي ايمان آندو هئائون، تنهن جي حوالي ڪيائون.


۽ جڏهن يروشلم ۾ اچي پهتا، تڏهن ڪليسيا ۽ رسولن ۽ بزرگن هنن جو استقبال ڪيو، ۽ جيڪي خدا سندن معرفت ڪيو هو، سو سڀ هنن بيان ڪري ٻُڌايو.


پوءِ رسول ۽ بزرگ انهيءَ ڳالهہ تي ويچار ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا.


۽ مليتس مان افسس ڏانهن ماڻهو موڪلي ڪليسيا جي بزرگن کي پاڻ وٽ گهرايائين.


سڀني جو حق ادا ڪريو: جنهن کي ڍل ڏيڻي هجي، تنهن کي ڍل ڏيو؛ جنهن کي محصول ڏيڻو هجي، تنهن کي محصول ڏيو؛ جنهن کان ڊڄڻ گهرجي، تنهن کان ڊڄو، جنهن جي عزت ڪرڻ گهرجي، تنهن جي عزت ڪريو.


اي ڀائرو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن گناهہ ڪندي پڪڙيو وڃي، تہ اوهين جي روحاني آهيو، سي اهڙي شخص کي نرم مزاجيءَ سان وري بحال ڪريو؛ ۽ پنهنجو بہ خيال ڪريو، متان اوهين بہ آزمائش ۾ پئو.


جنهن پنهنجي ماءُ پيءُ بابت چيو، تہ مون انهن کي نہ ڏٺو آهي؛ نڪي هن پنهنجن ڀائرن کي قبول ڪيو، نڪي هن خود پنهنجن ٻارن کي سڃاتو: ڇالاءِ جو انهن تنهنجي ڪلام تي عمل ڪيو آهي، ۽ اهي تنهنجي عهد کي مڃين ٿا.


جيڪي بزرگ چڱيءَ طرح حڪم ٿا هلائين، خاص ڪري اُهي جي ڪلام ۽ تعليم جي ڪم ۾ محنت ٿا ڪن، سي ٻيڻيءَ عزت جا لائق سمجهڻ گهرجن.


وڏيءَ عمر وارين زالن کي مائون ڪري ڄاڻ، ۽ جوان زالن کي پوريءَ پاڪيزگيءَ سان ڀينرن وانگر سمجهہ.


يعني تہ پير مرد پرهيزگار، سنجيدا ۽ سالم دل هجن، ۽ اهي ايمان ۽ محبت ۽ صبر ۾ قائم هجن.


جوان ماڻهن کي بہ ساڳيءَ طرح سالم دل رهڻ لاءِ نصيحت ڪج.


پر جيڪا ڏاهپ مٿان ٿي اچي، سا پهرين تہ پاڪ آهي، پوءِ صلح پسند، حليم، نرم مزاج، رحيم ۽ چڱن ڦلن سان ڀريل، بي ريا ۽ بنا مڪر آهي.


جيڪڏهن اوهان ۾ ڪو بيمار هجي تہ اهو ڪليسيا جي بزرگن کي سڏي؛ ۽ اهي کيس خداوند جي نالي تيل مکي هن لاءِ دعا گهُرن:


تنهنڪري اوهان ۾ جيڪي بزرگ آهن، تن کي آئون نصيحت ٿو ڪريان، جو آئون بہ اُنهن منجهان هڪڙو ۽ مسيح جي ڏکن جو شاهد آهيان، ۽ جيڪو جلال ظاهر ٿيڻ وارو آهي، تنهن ۾ بہ شريڪ آهيان؛


هن بزرگ جي طرفان اُنهيءَ چونڊيل بيگم ۽ سندس ٻارن ڏانهن، جن کي آئون سچو پيار ٿو ڪريان؛ نہ رڳو آئون پر اُهي سڀ بہ جي سچ کي سڃاڻن ٿا؛


هن بزرگ جي طرفان پياري گايس ڏانهن، جنهن کي آئون دل و جان سان پيار ٿو ڪريان.


۽ انهي تخت جي چوڌاري چوويهہ تخت هئا: ۽ انهن تختن تي مون چوويهہ بزرگ ويٺل ڏٺا، جن کي اڇا ڪپڙا پهريل هئا؛ ۽ انهن جي مٿن تي سونا تاج هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ