Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تيمٿيس 4:14 - Sindhi Bible

14 جيڪا بخشش توکي نبوت جي وسيلي، بزرگن جي هٿن رکڻ سان ملي، تنهن کان غافل نہ رهہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 جيڪو وردان تو کي ايشور جي فرمان جي وسيلي وشواسي منڊليءَ جي اڳواڻن جي هٿن رکڻ سان مليو هو، تنهن کان لاپرواهي نہ ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 جيڪا نعمت تو کي خدا جي فرمان جي وسيلي ڪليسيا جي اڳواڻن جي هٿن رکڻ سان ملي هئي، تنهن کان غافل نہ رهہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 جيڪا نعمت تو کي نبوت واري پيغام جي وسيلي بزرگن جي ھٿن رکڻ سان ملي ھئي، تنھن کان غافل نہ رھہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تيمٿيس 4:14
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو ائين ئي ڪيائون، ۽ برناباس ۽ شائول جي هٿان بزرگن ڏانهن ڏياري موڪليائون.


تڏهن هنن روزا رکي ۽ دعا گهُري، مٿن هٿ رکيا، ۽ کين روانو ڪيائون.


۽ جڏهن پولس پنهنجا هٿ هنن تي رکيا، تڏهن پاڪ روح مٿن آيو؛ ۽ هو جدا جدا ٻوليون ڳالهائڻ ۽ پيشنگوئيون ڪرڻ لڳا.


جيئن تہ سردار ڪاهن ۽ بزرگ منهنجا شاهد آهن، جو اُنهن مون کي ڀائرن لاءِ خط ڏنا، جي وٺي آئون دمشق ڏانهن روانو ٿيس، تہ جيڪي اُتي هجن تن کي بہ ٻڌرائي يروشلم ۾ سزا ڏيارڻ لاءِ وٺي اچان.


۽ کين رسولن جي اڳيان آڻي بيهاريائون: جن دعا گهُري مٿن هٿ رکيا.


پوءِ هنن مٿن هٿ رکيا ۽ کين پاڪ روح مليو.


اي منهنجا فرزند تيمٿيس، جيڪي پيشنگوئيون تو بابت اڳي ڪيون ويون هيون، تن موجب آئون توکي اها تاڪيد ٿو ڪريان، تہ انهن جي ڪري تون چڱي جنگ ڪندو رهہ؛


انهن ڳالهين جو خيال رک، انهن ۾ محو رهہ، تہ تنهنجو سڌارو سڀني تي ظاهر ٿئي.


جيڪي بزرگ چڱيءَ طرح حڪم ٿا هلائين، خاص ڪري اُهي جي ڪلام ۽ تعليم جي ڪم ۾ محنت ٿا ڪن، سي ٻيڻيءَ عزت جا لائق سمجهڻ گهرجن.


ڪنهن بہ بزرگ تي ڪا تهمت اچي تہ اها ٻن يا ٽن شاهدن کانسواءِ نہ ٻُڌ.


ڪنهن بہ ماڻهوءَ تي تڪڙ ڪري هٿ نہ رک، نڪي ٻين جي گناهن ۾ شريڪ ٿيءُ؛ پاڻ کي پاڪ رک.


ايمان جي چڱي جنگ ڪر، هميشہ جي زندگيءَ تي قبضو ڪر، جنهن جي لاءِ تون سڏيو ويو هُئين، ۽ گهڻن شاهدن جي روبرو چڱو اقرار ڪيو هوءِ.


انهي سبب ڪري آئون توکي ياد ٿو ڏياريان، تہ تون خدا جي انهيءَ بخشش کي وري چمڪاءِ، جا منهنجن هٿن رکڻ ڪري توکي مليل آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ