Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تيمٿيس 3:13 - Sindhi Bible

13 ڇالاءِ جو جيڪي خادمن جي عهدي جو ڪم چڱيءَ طرح ٿا ڪن، سي پنهنجي لاءِ چڱو درجو، ۽ جو ايمان مسيح يسوع ۾ آهي، تنهن ۾ وڏي همت حاصل ٿا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 سو جيڪي سيوڪ چڱيءَ طرح سيوا ٿا ڪن، سي چڱو درجو ٿا ماڻين ۽ جيڪو وشواس کين يسوع مسيح تي آهي تنهن ۾ وڏي دليري حاصل ڪن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 سو جيڪي خدمتگار چڱيءَ طرح خدمت ٿا ڪن، سي چڱو درجو ٿا ماڻين ۽ جيڪو ايمان کين عيسيٰ مسيح تي آهي تنهن ۾ وڏي دليري حاصل ڪن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 ڇالاءِ⁠جو جيڪي خادم چڱيءَ طرح خدمت ٿا ڪن، سي چڱو درجو ٿا ماڻين ۽ جيڪو ايمان کين عيسيٰ مسيح تي آھي تنھن ۾ وڏي دليري حاصل ڪن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تيمٿيس 3:13
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جهڙيءَ طرح ڪ ابن آدم انهي لاءِ ڪونہ آيو تہ سندس خدمت ٿئي، پر انهي لاءِ تہ پاڻ خدمت ڪري، ۽ گهڻن جي بدران پنهنجي جان قربان ڪري.


سندس ڌڻيءَ کيس چيو تہ شاباس اٿيئي اي نيڪ ۽ ايماندار نوڪر: تون ٿوري ۾ ايماندار رهيو آهين، سو آئون توکي گهڻي جو مختيار ڪندس: تون پنهنجي ڌڻيءَ جي خوشيءَ ۾ شريڪ ٿيءُ.


تنهن کي هن چيو تہ شاباس، اي چڱا نوڪر، ڇوتہ تون ٿوري ۾ ئي ايماندار ٿيو آهين، ڏهن شهرن جو حاڪم ٿيءُ.


جڏهن پولس ڏاڪڻ وٽ آيو، تڏهن هيئن ٿيو جو ايترا ماڻهو ڪاهي اچي مٿانئس پيا جو سپاهين کي کيس کڻڻو پيو؛


۽ جيڪي مجلس ۾ ويٺا هئا، تن سڀني هن ڏانهن چتائي نهاريو، ۽ هن جو منهن کين ملائڪ جي منهن جهڙو ڏسڻ ۾ آيو.


اها ڳالهہ ساريءَ جماعت کي پسند آئي، ۽ هنن استيفنس نالي شخص، جو ايمان ۽ پاڪ روح سان ڀرپور هو، ۽ فلپس، ۽ پرخرس، ۽ نيڪانور، ۽ تيمون، ۽ پرمناس، ۽ نيڪلاس جو انتاڪيہ جو نو مريد هو، تن کي چونڊي ڪڍيو:


۽ استيفنس فضل ۽ قوت سان ڀرجي ماڻهن ۾ وڏا وڏا عجب جهڙا ڪم ۽ معجزا ڪندو هو.


هاڻي اي ڀائرو، آئون اوهان کي عرض ٿو ڪريان، (اوهان کي استفناس جي گهراڻي وارن جي خبر آهي تہ اُهي اخيہ جو پهريون ڦل آهن، ۽ اُهي پاڪ ٿيلن جي خدمت ڪرڻ لاءِ تيار ٿا رهن،)


۽ جيڪي خداوند ۾ ڀائر آهن، تن مان گهڻن منهنجي قيد ۾ هئڻ ڪري، دلير ۽ بي ڊپا ٿي خدا جي ڪلام ٻُڌائڻ ۾ وڌيڪ جرئت ڪئي آهي.


پر اوهان کي اڳيئي خبر آهي تہ فلپيءَ ۾ ڏکن سهڻ ۽ بي عزت ٿيڻ کانپوءِ بہ، پنهنجي خدا ۾ همت جهلي مخالفت جو سامهون ڪري اسان اوهان کي خدا جي خوشخبري ٻُڌائي.


اهي ڳالهيون آئون تو ڏانهن انهيءَ اُميد تي بہ لکان ٿو تہ جلد تو ڏانهن ايندس؛


تنهنڪري اي منهنجا فرزند، جيڪو فضل مسيح يسوع ۾ آهي، تنهن ۾ تون زور وارو ٿيءُ.


ڇالاءِ جو خدا اهڙو بي انصاف ناهي جو اوهان جو اُهو پورهيو، ۽ اوهان جي اُها محبت وساري ڇڏي، جا اوهان سندس نالي تي اهڙيءَ طرح ڏيکاري، جو پاڪ ٿيلن جي خدمت ڪئي اٿوَ ۽ اڃا تائين پيا ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ