Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تيمٿيس 2:10 - Sindhi Bible

10 پر چڱن ڪمن سان (جيئن ڪ انهن زالن کي مناسب آهي، جي پاڻ کي خدا پرست ٿيون چوائين.)

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 بلڪ اهي پاڻ کي چڱن ڪمن سان سينگارين، جيئن انهن نارين کي مناسب آهي، جيڪي پاڻ کي ايشور ڀڳت ٿيون چوائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 بلڪ اهي پاڻ کي چڱن ڪمن سان سينگارين، جيئن انهن عورتن کي مناسب آهي، جيڪي پاڻ کي خداپرست ٿيون چوائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 بلڪ اھي پاڻ کي چڱن ڪمن سان سينگارين، جيئن انھن عورتن کي مناسب آھي، جيڪي پاڻ کي خداپرست ٿيون چوائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تيمٿيس 2:10
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

طاقت ۽ عزت هن جي پوشاڪ آهن؛ ۽ هوءَ ايندڙ وقت تي کلي ٿي.


هن کي سندس هٿن جو ڦل ڏي؛ ۽ سندس ڪم ڀلي تہ شهر جي دروازن ۾ کيس ساراهين.


هاڻي يافا ۾ هڪڙي شاگردياڻي هئي، جنهن جو نالو طبيتا هو، جنهن جي معنيٰ آهي ”هرڻي“؛ اُها زال گهڻا ئي نيڪ ڪم ڪندي ۽ خيراتون ڏيندي هئي.


تڏهن پطرس اُٿي ساڻن هليو. ۽ جڏهن هو اُتي اچي پهتو، تڏهن اُنهيءَ ماڙيءَ تي وٺي آيس، ۽ سڀ بيوهون روئنديون وٽس اچي بيٺيون؛ ۽ جيڪي ڪُرتا ۽ ڪپڙا هن سندن لاءِ جوڙيا هئا، سي ڏيکارڻ لڳيس.


ڇالاءِ جو اسين سندس ڪاريگري آهيون، ۽ مسيح يسوع ۾ انهن چڱن ڪمن لاءِ خلقيا ويا آهيون، جي خدا اڳيئي اسان جي ڪرڻ ۽ انهن تي هلڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيا هئا.


زال ذات کي گهرجي تہ ماٺ ڪري نهايت تابعداريءَ سان تعليم وٺي.


ساڳيءَ طرح، زالون بہ حياءَ واري پوشاڪ ڍڪي حجاب ۽ پرهيزگاريءَ سان پاڻ کي سينگارين؛ نہ ڳتيل وارن ۽ سون يا موتين يا قيمتي پوشاڪ سان؛


جنهن پاڻ کي اسان جي واسطي قربان ڪيو تہ اسان کي هر قسم جي بي دينيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنهنجي خاص ملڪيت لاءِ هڪڙي اهڙي اُمت بنائي، جا نيڪ ڪمن ۾ سرگرم هجي.


اها ڳالهہ سچي آهي، ۽ منهنجي مرضي آهي تہ تون انهن ڳالهين تي زور ڏي، انهي لاءِ تہ جن خدا تي ايمان آندو آهي، سي چڱن ڪمن ۾ مشغول رهڻ جو خيال رکن. اهي ڳالهيون ماڻهن جي لاءِ چڱيون ۽ فائديمند آهن.


۽ غير قومن ۾ پنهنجي هلت چلت چڱي رکو، تہ جن ڳالهين ڪري هو اوهان کي بدڪار ڄاڻي اوهان جي گلا ٿا ڪن، تن ۾ اوهان جا چڱا ڪم ڏسي عدالت جي ڏينهن خدا جي وڏائي ظاهر ڪن.


جڏهن هي سڀ شيون هن طرح ڳري وڃڻيون آهن، تڏهن اوهان جي پاڪ هلت چلت ۽ دينداري ڪهڙي نہ قسم جي هئڻ گهرجي،


مون کي تنهنجي ڪمن، ۽ تنهنجي پيار ۽ ايمان، ۽ خدمت ۽ صبر جي خبر آهي. ۽ اها بہ، تہ تنهنجا پويان ڪم پهرين کان زيادہ آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ