Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تيمٿيس 1:19 - Sindhi Bible

19 ۽ ايمان ۽ نيڪ ضمير تي قائم رهہ، جنهن کي ڪن ماڻهن ڇڏي پنهنجي ايمان جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 ڪن ماڻهن پنهنجي ضمير کي ڇڏي پنهنجي وشواس جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 ڪن ماڻهن پنهنجي ضمير کي ڇڏي پنهنجي ايمان جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 ڪن ماڻھن ضمير کي ڇڏي پنھنجي ايمان جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تيمٿيس 1:19
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهان مان ڪير فڪر ڪرڻ سان پنهنجو قد هڪڙو هٿ وڌائي سگهندو؟


هن ڪري جو اوهان جي وچ ۾ ضرور بدعتون هونديون تہ اوهين ثابت ڪريو تہ ڪير قبول آهن.


اوهين جي ڀانئيو ٿا تہ شريعت جي وسيلي راستباز ثابت ٿيون، سي مسيح کان ڌار ٿي ويا؛ اوهين فضل کان محروم آهيو.


هاڻي انهي تاڪيد جو مطلب اهو آهي، تہ پاڪ ۽ نيڪ نيت ۽ سچي ايمان سان محبت پيدا ٿئي.


پر ايمان جي راز کي پاڪ دل ۾ سنڀالي رکڻ وارا هجن.


ايمان جي چڱي جنگ ڪر، هميشہ جي زندگيءَ تي قبضو ڪر، جنهن جي لاءِ تون سڏيو ويو هُئين، ۽ گهڻن شاهدن جي روبرو چڱو اقرار ڪيو هوءِ.


ڇالاءِ جو ڪي انهي کي سچو سمجهي ايمان کان گمراهہ ٿي ويا آهن. تو تي فضل رهي.


پر جيڪي دولتمند ٿيڻ ٿا گهُرن سي آزمائش ۽ ڦندي ۾، ۽ گهڻين اجاين ۽ نقصان وارين نفساني خواهشن ۾ ڦاسيو ٿا وڃن، جي ماڻهن کي برباديءَ ۽ تباهيءَ جي درياهہ ۾ غرق ڪريو ڇڏين.


اُهي ماڻهو سچ کان گمراهہ ٿي ويا آهن، جو چون ٿا تہ قيامت اڳيئي ٿي چڪي آهي، ۽ ڪن جو ايمان بگاڙين ٿا.


۽ پنهنجا ڪَن حق کان ڦيرائيندا ۽ آکاڻين ڏانهن نيندا.


۽ ايمان جو ڪلام، جو تعليم موجب آهي، تنهن تي قائم هجي، انهي لاءِ تہ صحيح تعليم سان نصيحت ڪري ۽ مخالفن کي قائل ڪري سگهي.


ڇالاءِ جو اسين مسيح ۾ شريڪ ٿيا آهيون، بشرطيڪ جيڪو يقين اسان کي شروع ۾ هو، تنهن تي توڙ تائين وفاداريءَ سان قائم رهندا اچون؛


اهي نڪتا تہ اسان منجهان ئي آهن، مگر اُهي اسان جا ڪين هئا؛ ڇالاءِ جو جي هو اسان منجهان هجن ها، تہ اسان سان گڏ ٿي رهندا اچن ها: پر هو نڪري ويا آهن، انهي لاءِ تہ ظاهر ٿئي تہ هو سڀ اسان منجهان ناهن.


ڇالاءِ جو تو منهنجي صبر جي ڪلام تي عمل ڪيو، تنهنڪري آئون بہ توکي آزمائش جي گهڙيءَ کان بچائيندس، اُها گهڙي جا زمين تي رهڻ وارن جي آزمائش لاءِ ساري جهان تي اچڻي آهي.


تنهنڪري جيڪي توکي مليو آهي، ۽ جيڪي ٻُڌو اٿيئي، سو ياد رک، ۽ انهي تي قائم رهہ، ۽ توبهہ ڪر. سو جيڪڏهن تون سجاڳ نہ رهندين، تہ آئون چور وانگر ايندس، ۽ توکي خبر ئي ڪانہ پوندي تہ ڪهڙي وقت تنهنجي مٿان اچي پوندس.


مون کي تنهنجن ڪمن جي خبر آهي (ڏس، مون تنهنجي اڳيان هڪڙو در کولي ڇڏيو آهي جو ڪوبہ بند نہ ڪري سگهندو.) تو ۾ ٿوري طاقت آهي، ۽ تو منهنجي ڪلام تي عمل ڪيو، ۽ منهنجي نالي کان انڪار ڪين ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ