Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ٿسلونيڪين 5:27 - Sindhi Bible

27 خداوند جو قسم ڏيئي چوان ٿو تہ هي خط سڀني ڀائرن کي پڙهي ٻُڌائجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

27 آءٌ پرڀوءَ جي نالي اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ هي خط سڀني وشواسين اڳيان پڙهيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 آءٌ خداوند عيسيٰ جي نالي اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ هي خط سڀني ايمان وارن اڳيان پڙهيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

27 ۽ آءٌ خداوند کي حاضرناظر ڄاڻي اوھان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ ھي خط کين پڙھي ٻڌائجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ٿسلونيڪين 5:27
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بادشاهہ اُنهيءَ کي چيو تہ ڪيترا ڀيرا آءٌ توکي قسم ڏيندس تہ خداوند جي نالي تي سچ کانسواءِ مون کي ٻيو ڪي بہ ڪين چوين؟


تڏهن بادشاهہ چيس تہ ڪيترا ڀيرا آءٌ توکي قسم ڏيان تہ تون خداوند جي نالي تي مون کي سچ ٻڌاءِ.


۽ يرمياہ سراياہ کي چيو تہ جڏهن تون بابل ۾ اچين تڏهن ياد ڪري هي سڀ ڳالهيون پڙهجانءِ.


۽ انهي تي پنهنجا هٿ رکيائين، ۽ انهي جو تقرر ڪيائين، جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.


پر يسوع ماٺ ڪري بيهي رهيو، ۽ سردار ڪاهن چيس تہ آئون توکي زندہ خدا جو قسم ٿو ڏيان، تہ تون اسان کي ٻڌاءِ تہ تون خدا جو فرزند مسيح آهين ڇا؟


۽ وڏي سڏ رڙ ڪري چيائين، تہ اي يسوع، خدا تعاليٰ جا فرزند، منهنجو توسان ڪهڙو واسطو؟ خدا جي واسطي مون کي عذاب نہ ڏي.


۽ اُنهن ڏينهن ۾ جڏهن اٽڪل هڪ سؤ ويهہ ڄڻا اُتي اچي گڏ ٿيا هئا، تڏهن پطرس سڀني ڀائرن جي وچ ۾ اُٿي بيٺو، ۽ چوڻ لڳو تہ اي ڀائرو،


پر ڪي رولو يهودي، جي ڀوپا هئا، تن هي رستو ورتو، تہ جن ۾ ڀوت هجن، تن کي خداوند يسوع جو نالو وٺي هيئن چون، تہ ”يسوع، جنهن جي منادي پولس ٿو ڪري، تنهن جي نالي جي آئون توکي ڊوهي ٿو ڏيان.“


۽ جڏهن هي خط پڙهي پورو ڪريو، تڏهن اهو لوديڪيہ وارن جي ڪليسيا ۾ بہ پڙهيو وڃي؛ ۽ جيڪو خط لوديڪيہ مان اچي، اهو اوهين بہ پڙهجو.


۽ اوهين ڄاڻو ٿا تہ جهڙيءَ طرح ڪو پيءُ پنهنجن ٻارن سان هلندو آهي، تهڙيءَ طرح اسين بہ اوهان مان هرهڪ سان هلياسين؛ ۽ اوهان کي دلداري ڏيئي، اوهان کي همتايوسين ۽ نصيحت ڪئي سين؛


جيڪڏهن ڪو ماڻهو اسان جي هن خط جي ڳالهہ نہ مڃي تہ انهي کي نگاهہ ۾ رکو، ۽ ساڻس سڀ لاڳاپا لاهي ڇڏيو، انهي لاءِ تہ هو شرمندو ٿئي.


اي منهنجا فرزند تيمٿيس، جيڪي پيشنگوئيون تو بابت اڳي ڪيون ويون هيون، تن موجب آئون توکي اها تاڪيد ٿو ڪريان، تہ انهن جي ڪري تون چڱي جنگ ڪندو رهہ؛


جيئن مون مڪدونيہ ڏانهن وڃڻ وقت توکي تاڪيد ڪئي هئي، تيئن افسس ۾ رهي ڪن ماڻهن کي اطلاع ڏي تہ ٻئي قسم جي تعليم نہ ڏين،


خدا ۽ مسيح يسوع، ۽ چونڊيل ملائڪن جي حضور ۾ آئون توکي تاڪيد ٿو ڪريان، تہ انهن ڳالهين تي بنا تعصب عمل ڪر ۽ ڪنهن بہ ڪم ۾ پاسخاطري نہ ڪر.


انهن ڳالهين جو بہ حڪم ڪر، مٿن ڪو الزام نہ لڳائي.


آئون خدا جي حضور ۾ توکي تاڪيد ٿو ڪريان، جو سڀني شين کي جيئرو ٿو رکي، ۽ مسيح يسوع جي حضور ۾ جنهن پنطيس پلاطس جي اڳيان چڱو اقرار ڪيو هو؛


جيڪي هن موجودہ جهان ۾ دولتمند آهن تن کي حڪم ڏي تہ مغرور نہ ٿين، نڪي بي بقا دولت تي اُميد آسرو رکن، بلڪ خدا تي، جو اسان کي سڀ شيون ڪم آڻڻ لاءِ ڪثرت سان ٿو ڏئي؛


آئون خدا، ۽ يسوع مسيح جي اڳيان توکي تاڪيد ٿو ڪريان جو جيئرن ۽ مُئلن جي عدالت ڪندو، ۽ سندس ظهور ۽ سندس بادشاهت جي يادگيري ڏياري ٿو چوان؛


تنهنڪري اي پاڪ ڀائرو، جي آسماني ڪوٺ ۾ شريڪ آهيو، اوهين انهي رسول ۽ سردار ڪاهن تي، يعني يسوع تي غور ڪريو، جنهن کي اسين مڃون ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ