Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ٿسلونيڪين 5:20 - Sindhi Bible

20 نبوتن جي حقارت نہ ڪريو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 جيڪڏهن ڪو سنديش ٻڌائيندي چوي ٿو تہ ”هي ايشور جو سنديش آهي“ تہ ان کي اجايو نہ سمجھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 جيڪڏهن ڪو پيغام ٻڌائيندي چوي ٿو تہ ”هي خدا جو پيغام آهي“ تہ ان کي اجايو نہ سمجھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 جيڪڏھن ڪو نبين وانگر خدا جو پيغام ٻڌائي ٿو تہ ان پيغام کي اجايو نہ سمجھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ٿسلونيڪين 5:20
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي انتاڪيہ ۾ جيڪا ڪليسيا هئي، تنهن ۾ نبي ۽ معلم هوندا هئا، جيئن تہ برناباس ۽ شمعون جنهن کي ڪارو سڏيندا هئا، ۽ ڪيرين جو رهاڪو لوسيس، ۽ منائين، جو ملڪ جي چوٿين پتيءَ جي حاڪم هيروديس جي درٻار ۾ رهندو هو، ۽ شائول.


۽ جڏهن پولس پنهنجا هٿ هنن تي رکيا، تڏهن پاڪ روح مٿن آيو؛ ۽ هو جدا جدا ٻوليون ڳالهائڻ ۽ پيشنگوئيون ڪرڻ لڳا.


جيڪو ماڻهو پنهنجو مٿو ڍڪي دعا ٿو گهُري، يا نبوت ٿو ڪري، سو پنهنجي مٿي کي بي آبرو ٿو ڪري.


۽ ڪنهن کي معجزن ڪرڻ جون طاقتون، ڪنهن کي نبوت، ڪنهن کي روحن جي سياڻپ، ڪنهن کي طرح طرح جون ٻوليون، ۽ ڪنهن کي ٻولين جو ترجمو ڪرڻ،


۽ خدا ڪليسيا ۾ ڪيترن ئي کي مقرر ڪيو آهي، پهريان رسول، ٻيا نبي، ٽيان تعليم ڏيندڙ، پوءِ معجزا ڪندڙ، پوءِ شفا ڏيندڙ، مددگار، حڪومت هلائيندڙ، ۽ قسم قسم ٻوليون ڳالهائيندڙ،


۽ جي مون کي نبوت مليل هجي، ۽ سڀيئي راز ۽ سڀ علم ڄاڻندو هجان، ۽ جي منهنجو ايمان اهڙو ڪامل هجي جو جبلن کي هٽائي پاسي ڪري ڇڏيان، پر محبت نہ هجيم، تہ آئون ڪي ڪين آهيان.


ڇالاءِ جو اسان جو علم ناقص آهي ۽ اسان جي نبوت ڪامل ناهي؛


محبت جا طالب ٿيو، ۽ شوق سان روحاني نعمتن جي آرزو رکو، خاص ڪري انهي لاءِ تہ نبوت ڪريو.


تنهنڪري جيڪو هيءَ ڳالهہ رد ٿو ڪري، سو ماڻهوءَ کي رد نٿو ڪري پر خدا کي رد ٿو ڪري، جو پنهنجو پاڪ روح اوهان کي ڏئي ٿو.


اي پيارو، سڀ ڪنهن روح تي يقين نہ ڪريو، پر روحن کي آزمائي ڏسو تہ خدا جي طرفان آهن يا نہ. ڇالاءِ جو گهڻا ئي ڪوڙا نبي دنيا ۾ نڪري پيا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ