Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ٿسلونيڪين 5:13 - Sindhi Bible

13 ۽ کين سندن خدمت جي سببان محبت سان گهڻو مانُ ڏيو. پاڻ ۾ صلح سانت سان رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 هائو، سندن انهيءَ سيوا جي ڪري پيار سان کين وڏو مان ڏيو. اوهين پاڻ ۾ ميل ميلاپ سان رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 هائو، سندن انهيءَ خدمت جي ڪري پيار سان کين وڏي عزت ڏيو. اوهين پاڻ ۾ ميل ميلاپ سان رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 سندن محنت جي ڪري محبت سان کين وڏي عزت ڏيو. اوھين پاڻ ۾ صلح سانت سان رھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ٿسلونيڪين 5:13
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهڙيءَ طرح هن پنهنجن ڀائرن کي روانو ڪيو ۽ هو اٿي هليا: ۽ هن کين چيو تہ ڏسجو متان رستي تي پاڻ ۾ وڙهو.


ڏسو اها ڪهڙي نہ چڱي ۽ وڻندڙ ڳالهہ آهي، تہ ڀائر پاڻ ۾ هڪ ٿي رهن!


جيڪو اوهان کي قبول ٿو ڪري، سو مون کي قبول ٿو ڪري، ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري، سو اُنهي کي قبول ٿو ڪري، جنهن مون کي موڪليو آهي.


لوڻ تہ چڱو آهي، پر جي لوڻ جو سواد نڪري وڃي تہ ڇا سان انهي کي سلوڻو ڪندا؟ پاڻ ۾ لوڻ رکو، ۽ هڪ ٻئي سان صلح ۾ رهو.


اوهان کي اِهو حڪم ٿو ڏيان، تہ اوهين هڪ ٻئي کي پيار ڪريو.


آخر ۾، اي ڀائرو، شل خوش هجو. ڪامل ٿيو؛ دلجاءِ ڪريو؛ يڪ دلا ٿيو؛ اطمينان ۾ رهو؛ ۽ خدا، جو محبت ۽ اطمينان جو چشمو آهي، سو اوهان سان هجي.


۽ جيتوڻيڪ منهنجي جسماني حالت اوهان لاءِ هڪ آزار هو، تہ بہ اوهان نڪي مون کي حقير سمجهيو، نڪي ڌڪاريو؛ پر اوهان مون کي خدا جي ملائڪ وانگر، بلڪ يسوع مسيح وانگر سمجهيو.


پر روح جو ڦل آهي محبت، خوشي، اطمينان، صبر، مهرباني، نيڪي، ايمانداري،


پر جنهن کي ڪلام جي تعليم ٿي ملي، تنهن کي گهرجي تہ تعليم ڏيڻ واري کي سڀني چڱين شين ۾ پاڻ شريڪ ڪري.


۽ ڪوشش ڪريو تہ روح جي يگانگي ميل ميلاپ جي ٻنڌڻ ۾ ٻَڌل رهي.


مسيح جو اطمينان، جنهن جي لاءِ اوهين بہ هڪڙي بدن ۾ سڏيا ويا هئا، سو ڀلي تہ اوهان جي دلين تي حڪومت ڪري، ۽ اوهين شڪرگذار رهو.


اي ڀائرو، اسين اوهان کي نصيحت ٿا ڪريون تہ بي قاعدي هلڻ وارن کي سمجهايو، ۽ جيڪي بي همت آهن، تن کي همتايو، هيڻن جي مدد ڪريو، سڀني سان ڏاڍي صبر سان گذاريو.


هاڻي خداوند جو اطمينان جو چشمو آهي، سو پاڻ اوهان کي هميشہ ۽ هر طرح اطمينان ڏيندو. شل خداوند اوهان سڀني سان هجي.


پر جوانيءَ جي خواهشن کان پري ڀڄ، ۽ جيڪي پاڪ دل سان خداوند کي ٿا پڪارين، تن سان گڏ راستبازيءَ، ايمان، محبت ۽ صلح جو طالب ٿيءُ.


سڀني ماڻهن سان ميل ميلاپ رکو، ۽ پاڪيزگيءَ جا طالب ٿيو، جنهن کانسواءِ ڪوبہ ماڻهو خداوند کي نہ ڏسندو.


۽ جيڪي صلح ٿا ڪرائين، تن جي لاءِ راستبازيءَ جو ڦل صلح ۾ پوکيو ٿو وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ