Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ٿسلونيڪين 4:1 - Sindhi Bible

1 تڏهن هاڻي، اي ڀائرو، اسين اوهان کي خداوند يسوع ۾ عرض ٿا ڪريون، ۽ نصيحت ٿا ڏيون، تہ جهڙيءَ طرح اوهان کي اسان کان مناسب هلت چلت ڪرڻ، ۽ خدا کي خوش ڪرڻ جي تعليم ملي، جهڙي طرح اوهين هلو بہ پيا، تهڙيءَ طرح شل اوهين ڏينهون ڏينهن وڌندا وڃو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 انهيءَ ڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي منٿ ٿا ڪريون ۽ پرڀو يسوع ۾ تاڪيد ٿا ڪريون تہ جيئن اسان اوهان کي سيکاريو هو تہ ايشور کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪيئن جيون گذارجي، جيڪو اوهين سچ پچ گذاري بہ رهيا آهيو، تيئن هاڻي اوهين انهيءَ ۾ اڃا بہ وڌندا وڃو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 انهيءَ ڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي منٿ ٿا ڪريون ۽ خداوند عيسيٰ ۾ تاڪيد ٿا ڪريون تہ جيئن اسان اوهان کي سيکاريو هو تہ خدا کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪيئن زندگي گذارجي، جيڪا اوهين سچ پچ گذاري بہ رهيا آهيو، تيئن هاڻي اوهين انهيءَ ۾ اڃا بہ وڌندا وڃو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 مطلب تہ، اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان اوھان کي سيکاريو ھو تہ خدا کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪيئن زندگي گذارجي. سچ⁠پچ تہ اوھين اھڙي زندگي گذاري بہ رھيا آھيو. ھاڻي اسين اوھان کي خداوند عيسيٰ جي نالي تي منٿ ٿا ڪريون ۽ نصيحت ٿا ڏيون تہ اوھين انھيءَ ۾ اڃا بہ وڌندا وڃو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ٿسلونيڪين 4:1
44 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر پنهنجي پيءُ جي خدا جي طلب ٿي رکيائين ۽ انهيءَ جي حڪمن تي ٿي هليو، ۽ نہ اسرائيلين جي ڪمن موافق.


تنهن هوندي بہ سچار پنهنجي راهہ تي قائم رهندو، ۽ راستباز وڌيڪ مضبوط ٿيندو ويندو.


اهي پيريءَ ۾ بہ ڦل پيا ڏيندا؛ اهي رس سان ڀريل ۽ تازا رهندا.


پر سچن جي واٽ چمڪندڙ روشنائيءَ وانگر آهي، جا وڌيڪ چمڪندي چمڪندي ڪامل ڏينهن تائين پهچي ٿي.


مون ۾ جيڪا ٽاري ڦل نٿي جهلي، تنهن کي هو ڪڍي ٿو ڇڏي: ۽ جيڪا ڦل جهلي ٿي، تنهن کي ڇانگي ٿو، تہ وڌيڪ ڦل ڏئي.


ڇالاءِ جو آئون خدا جي ساري مرضي اوهان کي ٻُڌائڻ کان نہ هٽيس.


۽ جيڪي جسماني آهن سي خدا کي خوش ڪري نٿا سگهن.


ڇالاءِ جو اها ڳالهہ مون کي خداوند کان ملي، ۽ مون اوهان کي پهچائي ڏني، تہ ڪهڙيءَ طرح جنهن رات خداوند يسوع حوالي ڪيو ويو، هن ماني کنئي،


هاڻي، اي ڀائرو، آئون اوهان کي اُها خوشخبري ٿو ٻُڌايان، جنهن جي اوهان ۾ منادي ڪئي هُيم، ۽ جا اوهان قبول ڪئي، ۽ جنهن تي اوهين قائم بہ آهيو،


تنهنڪري اي منهنجا پيارا ڀائرو، اوهين ثابت قدم ۽ قائم رهو، ۽ خداوند جي ڪم ۾ هميشہ وڌندا وڃو، ڇالاءِ جو اوهان کي خبر آهي تہ اوهان جي محنت خداوند ۾ اجائي نٿي ٿئي.


هاڻي آئون پولس، جو اوهان جي روبرو اوهان سڀني ۾ نوڙت وارو آهيان، پر اوهان جي پرپٺ اوهان ڏانهن چڱي همت وارو آهيان، سو مسيح جي حليميءَ ۽ نرميءَ جو واسطو وجهي پاڻ اوهان کي عرض ٿو ڪريان:


آخر ۾، اي ڀائرو، شل خوش هجو. ڪامل ٿيو؛ دلجاءِ ڪريو؛ يڪ دلا ٿيو؛ اطمينان ۾ رهو؛ ۽ خدا، جو محبت ۽ اطمينان جو چشمو آهي، سو اوهان سان هجي.


انهي ڪري اسان جو هيءُ نشانو آهي، تہ اسين بدن ۾ هجون يا ٻاهر هجون تہ بہ هن کي خوش ڪريون.


۽ اسين جي هن سان گڏ ڪم ڪرڻ وارا آهيون، سي هيءُ بہ عرض ٿا ڪريون، تہ خدا جو فضل جو اوهان تي ٿيو آهي، سو اجايو نہ وڃي.


اي ڀائرو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن گناهہ ڪندي پڪڙيو وڃي، تہ اوهين جي روحاني آهيو، سي اهڙي شخص کي نرم مزاجيءَ سان وري بحال ڪريو؛ ۽ پنهنجو بہ خيال ڪريو، متان اوهين بہ آزمائش ۾ پئو.


تنهنڪري آئون، جو خداوند ۾ قيدي آهيان، سو اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ جنهن ڪوٺ سان اوهين ڪوٺيا ويا آهيو، انهي جي لائق هلو،


پر اوهان کي مسيح جي اهڙي تعليم ڪانہ ملي؛


تنهنڪري اوهين بيوَقوف نہ ٿيو، پر خداوند جي مرضي سمجهو تہ ڪهڙي آهي.


رڳو هيترو ڪريو تہ اوهان جي هلت چلت مسيح جي خوشخبريءَ جي لائق ٿئي: پوءِ آئون اچي اوهان کي گڏجان يا نہ، تہ بہ اوهان جو احوال اهو ٻُڌان تہ اوهين هڪڙي ئي روح ۾ قائم آهيو، ۽ هڪدل ٿي خوشخبريءَ جي ايمان لاءِ جانفشاني ڪندا ٿا رهو.


۽ آئون هيءَ دعا ٿو گهُران تہ اوهان جي محبت، علم ۽ هر طرح جي سمجهہ، شل ڏينهون ڏينهن وڌندي وڃي؛


۽ انهي نشان ڏانهن ڪاهيندو ٿو وڃان، انهي لاءِ تہ اهو انعام حاصل ڪريان، جنهن لاءِ خدا مون کي مسيح يسوع ۾ اعليٰ درجي تي سڏيو آهي.


انهي لاءِ تہ اوهان جي هلت چلت هر طرح وڻندڙ ۽ خداوند جي لائق ٿئي، ۽ سڀ ڪنهن چڱي ڪم ۾ ڦلدار ٿئي، ۽ اوهين خدا جي سڃاڻپ ۾ وڌندا وڃو.


تنهنڪري جهڙيءَ طرح اوهان مسيح يسوع خداوند کي قبول ڪيو آهي، تهڙيءَ طرح انهي ۾ هلندا رهو،


۽ خداوند اوهان جي محبت هڪٻئي لاءِ، ۽ سڀني ماڻهن لاءِ وڌائي زيادہ ڪري، جيئن ڪ اسان جي اوهان سان آهي؛


ڇالاءِ جو اوهين ڄاڻو ٿا تہ اسان اوهان کي خداوند يسوع جي طرفان ڪهڙا ڪهڙا حڪم پهچايا.


پر اي ڀائرو، اسين اوهان کي عرض ٿا ڪريون تہ جيڪي اوهان ۾ محنت ڪن ٿا، ۽ خداوند ۾ اوهان جا پيشوا آهن، ۽ اوهان کي نصيحت ٿا ڪن، تن جي عزت ڪريو،


اي ڀائرو، اسان تي فرض آهي تہ اوهان جي لاءِ هميشہ خدا جو شڪر ڪريون، ۽ گهرجي بہ ائين، ڇالاءِ جو اوهان جو ايمان گهڻو وڌندو ٿو وڃي، ۽ اوهان سڀني ۾ هرهڪ جو پيار پاڻ ۾ زيادہ ٿيندو ٿو وڃي،


هاڻي اي ڀائرو، اسان جو خداوند ايندو ۽ اسين سندس حضور ۾ گڏ ٿينداسين، تنهن بابت اسين عرض ٿا ڪريون،


اي ڀائرو، هاڻي اوهين اسان لاءِ دعا گهُرو تہ خداوند جو ڪلام جلد ڦهلجي وڃي ۽ جلال پائي، جيئن ڪ اوهان منجهہ آهي؛


پر اي ڀائرو، اوهين نيڪي ڪرڻ ۾ نہ ٿڪجو.


خدا ۽ مسيح يسوع، ۽ چونڊيل ملائڪن جي حضور ۾ آئون توکي تاڪيد ٿو ڪريان، تہ انهن ڳالهين تي بنا تعصب عمل ڪر ۽ ڪنهن بہ ڪم ۾ پاسخاطري نہ ڪر.


آئون خدا، ۽ يسوع مسيح جي اڳيان توکي تاڪيد ٿو ڪريان جو جيئرن ۽ مُئلن جي عدالت ڪندو، ۽ سندس ظهور ۽ سندس بادشاهت جي يادگيري ڏياري ٿو چوان؛


۽ ايمان کانسواءِ هن کي پسند اچڻ ناممڪن آهي: ڇالاءِ جو جيڪو خدا وٽ ٿو اچي، تنهن کي ايمان آڻڻ گهرجي تہ هو موجود آهي، ۽ جيڪي سندس طالب آهن، تن کي اجر ٿو ڏئي.


پر نيڪي ڪرڻ ۽ خيرات ڏيڻ متان وساريو: ڇالاءِ جو اهڙين قربانين ڪري خدا خوش ٿو ٿئي.


پر اي ڀائرو، آئون اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ هن نصيحت جي ڪلام جي برداشت ڪريو: ڇالاءِ جو مون اوهان ڏانهن مختصر طور لکيو آهي.


بلڪ اسان جي خداوند ۽ نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي فضل ۽ سڃاڻپ ۾ وڌندا وڃو. شل انهي جو جلال هاڻي بہ ۽ هميشہ جي لاءِ هجي. آمين.


۽ جيڪي کانئس گهُرنداسين سو هن کان اسان کي ملندو، ڇالاءِ جو اسين سندس حڪم مڃون ٿا، ۽ جيڪي ڪم هن جي نظر ۾ پسند آهن سي ٿا ڪريون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ