Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ٿسلونيڪين 3:9 - Sindhi Bible

9 ڇوتہ جيڪا خوشي اوهان جي لاءِ پنهنجي خدا جي اڳيان اسان کي حاصل ٿي آهي، انهيءَ جي لاءِ ڪهڙيءَ طرح خدا جي شڪرگذاري ادا ڪري سگهنداسين؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 اوهان جي ڪري اسان کي پنهنجي ايشور جي آڏو ڪيڏي نہ خوشي حاصل ٿي آهي! انهيءَ خوشيءَ جي ڪري اسين ڪهڙيءَ طرح اوهان لاءِ ايشور جو شڪر ادا ڪريون!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 اوهان جي ڪري اسان کي پنهنجي خدا جي آڏو ڪيڏي نہ خوشي حاصل ٿي آهي! انهيءَ خوشيءَ جي ڪري اسين ڪهڙيءَ طرح اوهان لاءِ خدا جو شڪر ادا ڪريون!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 اسان کي پنھنجي خدا جي آڏو اوھان جي ڪري ڪيڏي نہ خوشي حاصل ٿي آھي. انھيءَ خوشيءَ جي ڪري اسين ڪھڙيءَ طرح اوھان لاءِ خدا جي شڪرگذاري ادا ڪريون؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ٿسلونيڪين 3:9
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن دائود ميڪل کي چيو تہ اهو حال خداوند جي اڳيان هو، جنهن مون کي تنهنجي پيءُ کان ۽ سندس سڄي گهراڻي کان پسند ڪيو، ۽ خداوند جي قوم جي مٿان، يعني اسرائيل جي مٿان، بادشاهہ مقرر ڪيو: تنهنڪري آءٌ خداوند جي اڳيان ضرور نچندس ٽپندس.


۽ جڏهن حزقياہ ۽ اميرن اچي اهي گڏ ڪيل شيون ڏٺيون، تڏهن خداوند ۽ سندس قوم اسرائيل کي برڪت جي دعا ڏنائون.


تنهن کانپوءِ لاوين، يعني يشوع، ۽ قدمي ايل، باني، حسبنياہ، سربياہ، هودياہ، سبنياہ، ۽ فتحياہ چيو تہ اُٿي بيهو، ۽ خداوند پنهنجي خدا کي هميشہ کان وٺي هميشہ تائين مبارڪ چئو: تہ شل تنهنجو سڳورو نالو مبارڪ هجي، جو سڀ حمد ۽ تعريف کان اعليٰ آهي.


خداوند مون کي جيڪي نعمتون ڏنيون آهن تن جي عيوض آءٌ هن کي ڇا ڏيان؟


پر راستباز ڀلي تہ خوشيون ڪن؛ ۽ خدا جي حضور ۾ سرها ٿين: هائو، اهي ڀلي تہ بيحد خوشيون ڪن.


پر خدا جو شڪر آهي، جو مسيح ۾ اسان کي هميشہ فتحمند ڪري ٿو ۽ اسان جي وسيلي پنهنجي علم جي خوشبوءِ جتي ڪٿي ڦهلائي ٿو،


شڪر خدا جو انهيءَ بخشش لاءِ، جا بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي.


پر اهي تون، ۽ تنهنجو پٽ، ۽ تنهنجي ڌيءَ، ۽ تنهنجو غلام، ۽ تنهنجي ٻانهي، ۽ جيڪو لاوي تنهنجي گهر ۾ هجي سو، اهي شيون خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ انهي هنڌ کائجو، جيڪو هنڌ خداوند تنهنجو خدا چونڊي ڪڍي؛ ۽ تون پنهنجي هٿ جي ڪمائيءَ لاءِ خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشي ڪج.


اوهين ضرور اهي سڀ جايون برباد ڪري ڇڏجو، جتي اهي قومون، جن جا اوهين وارث ٿيندا، سي اُتانهن جبلن تي، ۽ ٽڪرين تي، ۽ هر ڪنهن سائي وڻ هيٺ، پنهنجن معبودن جي عبادت ڪنديون هيون:


۽ جيڪو هنڌ خداوند تنهنجو خدا پنهنجو نالو قائم رکڻ لاءِ چونڊيندو، اتي تون، ۽ تنهنجو پٽ، ۽ تنهنجي ڌيءَ، ۽ تنهنجو غلام، ۽ تنهنجي ٻانهي، ۽ لاوي جو تنهنجي ڳوٺ ۾ هجي، ۽ مسافر، ۽ يتيم، ۽ بيوہ زال، جي تنهنجي ڳوٺ ۾ هجن، سي سڀ گڏجي خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشي ڪجو.


ڀلا اسان جي خداوند يسوع جي اڳيان سندس اچڻ وقت اُميد ۽ خوشي ۽ فخر جو تاج اوهين نہ ٿيندا تہ ٻيو ڪير ٿيندو؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ