Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ٿسلونيڪين 3:12 - Sindhi Bible

12 ۽ خداوند اوهان جي محبت هڪٻئي لاءِ، ۽ سڀني ماڻهن لاءِ وڌائي زيادہ ڪري، جيئن ڪ اسان جي اوهان سان آهي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 جيئن اسان کي اوهان سان بيحد پريم آهي، تيئن پرڀو يسوع شل اوهان جو پريم بہ هڪٻئي لاءِ، بلڪ سڀني لاءِ گھڻي کان گھڻو وڌائيندو رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 جيئن اسان کي اوهان سان بيحد محبت آهي، تيئن خداوند عيسيٰ شل اوهان جي محبت بہ هڪٻئي لاءِ، بلڪ سڀني لاءِ گھڻي کان گھڻي وڌائيندو رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 جھڙيءَ طرح اسان کي اوھان سان محبت آھي، تھڙيءَ طرح خداوند شل اوھان جي محبت بہ ھڪ ٻئي لاءِ، بلڪ سڀني لاءِ گھڻي ڪري ۽ بيحد وڌائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ٿسلونيڪين 3:12
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن جا بت چانديءَ ۽ سون جا آهن، ۽ ماڻهن جي هٿ جي ڪاريگري آهن.


۽ ٻيو انهي جهڙو هي آهي تہ تون پنهنجي پاڙيسريءَ کي پاڻ جهڙو پيار ڪر.


تنهنڪري جيڪي بہ اوهين ڀانئيو تہ ماڻهو اسان سان ڪن، اُوئين اوهين بہ ساڻن ڪريو، ڇالاءِ جو توريت توڙي نبين جو حڪم اهو ئي آهي.


۽ رسولن خداوند کي چيو تہ اسان جو ايمان وڌاءِ.


پاڻ ۾ محبت کانسواءِ ڪنهن شيءِ جا بہ قرضدار نہ ٿيو: ڇالاءِ جو جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ سان محبت ٿو ڪري تنهن شريعت پوري ڪئي.


۽ جيڪو هاريءَ کي ٻج ۽ کائڻ لاءِ ماني ٿو ڏئي، سو اوهان کي بہ پوکڻ لاءِ ٻج موجود ڪري ڏيندو، ۽ منجهس واڌ وجهندو، ۽ اوهان جي راستبازيءَ جو ڦل بہ وڌائيندو:


پر روح جو ڦل آهي محبت، خوشي، اطمينان، صبر، مهرباني، نيڪي، ايمانداري،


ڇالاءِ جو مسيح يسوع ۾ نڪي مختوني ڪنهن ڪم جي آهي، نڪي نامختوني؛ پر ايمان، جو محبت جي وسيلي اثر ٿو ڪري.


۽ آئون هيءَ دعا ٿو گهُران تہ اوهان جي محبت، علم ۽ هر طرح جي سمجهہ، شل ڏينهون ڏينهن وڌندي وڃي؛


اهڙيءَ طرح اسان کي اوهان جي ڏاڍي سڪ هئي، تنهنڪري نہ فقط اوهان کي خدا جي خوشخبري ڏيڻ لاءِ تيار هئاسين، پر پنهنجو ساهہ بہ ڏيڻ لاءِ تيار هئاسين، جو اوهين اسان کي ڏاڍا پيارا ٿي لڳا.


تڏهن هاڻي، اي ڀائرو، اسين اوهان کي خداوند يسوع ۾ عرض ٿا ڪريون، ۽ نصيحت ٿا ڏيون، تہ جهڙيءَ طرح اوهان کي اسان کان مناسب هلت چلت ڪرڻ، ۽ خدا کي خوش ڪرڻ جي تعليم ملي، جهڙي طرح اوهين هلو بہ پيا، تهڙيءَ طرح شل اوهين ڏينهون ڏينهن وڌندا وڃو.


خبردار ڪوبہ ڪنهن سان بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪري؛ پر هميشہ هڪ ٻئي سان، ۽ سڀني سان، نيڪي ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.


اي ڀائرو، اسان تي فرض آهي تہ اوهان جي لاءِ هميشہ خدا جو شڪر ڪريون، ۽ گهرجي بہ ائين، ڇالاءِ جو اوهان جو ايمان گهڻو وڌندو ٿو وڃي، ۽ اوهان سڀني ۾ هرهڪ جو پيار پاڻ ۾ زيادہ ٿيندو ٿو وڃي،


سڀڪا چڱي بخشش ۽ سڀڪو ڪامل انعام مٿان ٿو اچي، يعني روشنيءَ جي ابي وٽان ٿو لهي، جنهن ۾ ڪنهن بہ طرح جي ڦير گهير ٿي نٿي سگهي، منجهس ڦرڻ جو پاڇو ئي ڪونهي.


۽ دينداريءَ سان گڏ ڀائرن جو پيار، ۽ ڀائرن جي پيار سان گڏ محبت.


بلڪ اسان جي خداوند ۽ نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي فضل ۽ سڃاڻپ ۾ وڌندا وڃو. شل انهي جو جلال هاڻي بہ ۽ هميشہ جي لاءِ هجي. آمين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ