Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ٿسلونيڪين 3:11 - Sindhi Bible

11 هاڻي شل اسان جو پيءُ، ۽ اسان جو خداوند يسوع، اوهان تائين اسان جي رهبري ڪري:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 شل اسان جو ايشور پتا پاڻ ۽ اسان جو پرڀو يسوع اسان جي رستي جون رڪاوٽون هٽائين، تہ جيئن اسين اوهان وٽ اچي سگھون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 شل اسان جو خدا پيءُ پاڻ ۽ اسان جو خداوند عيسيٰ اسان جي رستي جون رڪاوٽون هٽائين، تہ جيئن اسين اوهان وٽ اچي سگھون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 ھاڻي شل اسان جو خدا ۽ پيءُ پاڻ ۽ اسان جو خداوند عيسيٰ اوھان وٽ اچڻ لاءِ اسان جي راھہ تيار ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ٿسلونيڪين 3:11
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون اسان جو پيءُ آهين، جيتوڻيڪ ابرهام اسان کي نٿو سڃاڻي، ۽ اسرائيل اسان کي قبول نٿو ڪري: تون اي خداوند اسان جو پيءُ آهين؛ ازل کان تنهنجو نالو آهي اسان جو ڇڏائيندڙ.


هو رئندا ۽ منٿون ڪندا ايندا، ۽ آءٌ سندن رهبري ڪندس: آءٌ هنن کي پاڻيءَ جي ندين جي ڪنارن سان اهڙي سنئين رستي تي هلائيندس، جنهن تي هو ٿاٻو نہ کائيندا؛ ڇالاءِ جو آءٌ اسرائيل جو پيءُ آهيان، ۽ افرائيم منهنجو پهريون ڄاول ٻار آهي.


لشڪرن جو خداوند اوهان کي ٿو فرمائي، تہ اي منهنجي بي ادبي ڪندڙ ڪاهن! پٽ پنهنجي پيءُ جي، ۽ نوڪر پنهنجي مالڪ جي عزت ٿو ڪري، پوءِ جي آءٌ ابو آهيان تہ منهنجي عزت ڪٿي آهي؟ ۽ جي آءٌ مالڪ آهيان تہ منهنجي تعظيم ڪٿي آهي؟ پوءِ بہ اوهين چئو ٿا تہ اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ تنهنجي نالي جي بي ادبي ڪئي آهي؟


ڇالاءِ جو جيڪڏهن اوهين ماڻهن جا ڏوهہ معاف ڪندا، تہ اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي سو بہ اوهان کي معاف ڪندو.


تہ ماڻهو توکي روزائتو نہ سمجهن پر تنهنجو پيءُ جو ڏسڻ ۾ نٿو اچي، سو توکي ڏسي: ۽ تنهنجو پيءُ جو پوشيدگيءَ ۾ ٿو ڏسي، سو توکي اجر ڏيندو.


آسمان جا پکي ڏسو، جو اُهي نہ پوکين ۽ نہ لڻن، ۽ نڪي ڪي ڀانڊن ۾ گڏ ڪري رکن ٿا؛ تہ بہ اوهان جو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو هنن کي کارائي ٿو. اوهين هنن کان گهڻو وڌيڪ نہ آهيو ڇا؟


ڇالاءِ جو غير قومن وارا انهن سڀني جا ڳولائو آهن؛ ۽ اوهان جو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، تنهن کي خبر آهي تہ اوهان کي انهن سڀني شين جي گهرج آهي.


تہ تنهنجون خيراتون ڳجهيون رهن؛ ۽ تنهنجو پيءُ، جو پوشيدگيءَ ۾ ڏسي ٿو، سو توکي اُنهي جو اجر ڏيندو.


پر جڏهن تون دعا گهرين، تڏهن پنهنجي اندرينءَ ڪوٺيءَ ۾ وڃ، ۽ در پوري پنهنجي پيءُ کان دعا گهر، جو ڏسڻ ۾ نٿو اچي، ۽ تنهنجو پيءُ جو پوشيدگيءَ ۾ ڏسي ٿو، سو توکي اجر ڏيندو.


رڻ پٽ ۾ هڪڙي منادي ڪرڻ واري جو آواز ٿو اچي، تہ خداوند جو رستو تيار ڪريو، سندس واٽون سنيون ڪريو“؛


ڇوتہ دنيا جون قومون انهن سڀني شين جي ڳولا ۾ آهن. پر اوهان جي پيءُ کي خبر آهي تہ اوهان کي اُنهن شين جي گهُرج آهي.


اي ننڍڙا ڌڻ، ڊڄو نہ، ڇالاءِ جو اوهان جي پيءُ جي اها مرضي آهي تہ اوهان کي بادشاهت عطا ڪري.


يسوع چيس تہ مون کي هٿ نہ لاءِ، ڇو جو آئون اڃا پيءُ وٽ چڙهي نہ ويو آهيان: پر منهنجن ڀائرن وٽ وڃ، ۽ چئينِ تہ آئون چڙهي وڃان ٿو پنهنجي پيءُ ۽ اوهان جي پيءُ وٽ، پنهنجي خدا ۽ اوهان جي خدا وٽ.


پنهنجي فرزند اسان جي خداوند يسوع مسيح جي بابت ڪيو، جو جسم جي ڪري دائود جي نسل مان پيدا ٿيو هو،


۽ آئون اوهان جو پيءُ ٿيندس، ۽ اوهين منهنجا پٽ ۽ ڌيئرون ٿيندا. خداوند قادر مطلق ائين ٿو فرمائي.“


جنهن اسان جي گناهن جي لاءِ پاڻ کي ڏيئي ڇڏيو، انهي لاءِ تہ اسان جي خدا ۽ پيءُ جي مرضيءَ موجب، هو اسان کي هن هاڻوڪي خراب زماني مان ڇڏائي؛


انهن پاڪ ٿيلن ۽ مسيح ۾ ايماندار ڀائرن ڏانهن، جي ڪلسيءَ ۾ آهن، اسان جي پيءُ خدا جو فضل ۽ اطمينان شل اوهان تي هجي.


انهي لاءِ تہ اُهو اوهان جي دلين کي اهڙو مضبوط ڪري جو جڏهن اسان جو خداوند يسوع پنهنجن سڀني پاڪ ٿيلن سان اچي، تڏهن اسان جي خدا پيءُ جي اڳيان اوهين پاڪيزگيءَ ۾ بي عيب هجو.


ڇالاءِ جو خداوند پاڻ آسمان مان وڏيءَ للڪار سان ۽ وڏي ملائڪ جي آواز سان لهندو ۽ خدا جي تري وڄندي؛ ۽ جيڪي مسيح جي ايمان ۾ گذر ڪري ويا آهن سي پهرين اُٿندا:


شل خدا، جو اطمينان بخشيندڙ آهي، اوهان کي پوريءَ طرح پاڪ ڪري؛ ۽ شل اوهان جو روح ۽ جان ۽ بدن، اسان جي خداوند يسوع مسيح جي اچڻ تائين بي عيب ۽ سلامت رهي.


هاڻي اسان جو خداوند يسوع مسيح پاڻ، ۽ اسان جو پيءُ خدا، جنهن اسان سان محبت رکي، ۽ فضل جي ڪري اسان کي هميشہ جي تسلي ۽ چڱي اُميد ڏنائين؛


هاڻي خداوند جو اطمينان جو چشمو آهي، سو پاڻ اوهان کي هميشہ ۽ هر طرح اطمينان ڏيندو. شل خداوند اوهان سڀني سان هجي.


۽ شل خداوند اوهان جي دلين جي، خدا جي محبت ۽ مسيح جي صبر ۾ رهبري ڪري.


ڏسو، پيءُ اسان سان ڪهڙي نہ محبت ڪئي آهي، جو اسين خدا جا ٻار ٿا سڏجون: ۽ اسين آهيون بہ. دنيا اسان کي انهي ڪري نٿي سڃاڻي جو اها کيس بہ سڃاڻي نہ سگهي.


۽ مون تخت مان هڪڙو وڏو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ ڏس، خدا جو خيمو ماڻهن ۾ آهي، هو انهن سان رهندو، ۽ اهي سندس اُمت ٿيندا، ۽ خدا پاڻ هنن سان رهندو، ۽ سندن خدا ٿيندو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ